27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو وفد وزيراعليٰ هائوس پهتو، مراد علي شاهه پاران ڀليڪار
27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جو وفد وزيراعليٰ هائوس پهتو، مراد علي شاهه پاران ڀليڪار
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (20 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن جو ڀليڪار ڪندي چيو ته ورڪشاپ جا شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي مستقبل جي اسٽريٽجڪ قيادت جي نمائندگي ڪن ٿا تنهنڪري انهن جو دورو انتهائي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته سنڌ حڪومت انهن ادارا جاتی لاڳاپن کي وڏي قيمت ڏئي ٿي جيڪي سول انتظاميا ۽ قومي سلامتي وارن ادارن وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏين ٿا۔ ميجر جنرل محمد رضا اعزاد جي اڳواڻي ۾ 95 ميمبرن تي مشتمل وفد وزيراعليٰ هائوس آيو جتي وڏي وزير مراد علي شاهه انهن جو استقبال ڪيو ۽ صوبائي ترقياتي ترجيحن، جاري اصلاحاتي ايجنڊا ۽ ٻوڏ کان پوءِ بحالي جي پيش رفت بابت تفصيلي بريفنگ جي صدارت ڪئي۔ وڏي وزير چيو ته 27هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جا شرڪت ڪندڙ مستقبل جي قومي قيادت جو رخ طئي ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا تنهن ڪري سندن دوري جي اهميت وڌي وڃي ٿي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت سول ۽ عسڪري ادارن ۾ مضبوط ڪارکردگي واري رابطي کي اهم سمجهي ٿي۔ ترقياتي پاليسي ۽ ترجيحاتون: وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ جي ترقياتي پاليسي جامع، برابر ۽ موسمياتي لچڪ تي ٻڌل آهي جنهن ۾ تعليم، صحت، صاف پاڻي، صفائي، زرعي پيداوار، روڊ نيٽ ورڪ، توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ غربت ۾ گهٽتائي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي۔ هن ٻڌايو ته سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) 2025–26 جنهن جو مجموعي قدر هڪ ٽريلين رپين کان وڌيڪ آهي، عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ ۽ سماجي-معاشي بنيادن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ثبوت آهي۔ ترقياتي پورٽ فوليو: وفد کي سنڌ ڊولپمينٽ پورٽ فوليو 2025–26 تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ شعبي وار بجيٽ ورهاست، مڪمل ٿيل اسڪيمون، مالي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي ترقياتي فريم ورڪ تي روشني وڌي وئي۔ وفد کي آگاهي ڏني وئي ته ADP ۽ غير مُلڪي سهڪار وارن پروگرام تحت وڏا منصوبا جاري آهن جيڪي انفراسٽرڪچر بهتر ڪرڻ، گورننس کي جديد بڻائڻ ۽ پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا۔ ٻوڏ کان پوءِ بحالي: مراد علي شاهه وفد کي ٻڌايو ته صوبي ۾ وڏي پيماني تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ڪم جاري آهي۔ هن سندھ پيپلز هاؤسنگ فار فلڊ افيڪٽيز (SPHF) پروگرام جو ذڪر ڪيو جيڪو دنيا جي وڏن موسمياتي بحالي ۽ گهرن جي تعمير نو منصوبن مان هڪ آهي جنهن جو مقصد 21 لک متاثر ٿيل گهرن جي بحالي آهي۔ هن ٻڌايو ته 13 لک کان وڌيڪ متاثرن جا بئنڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن، وڏي تعداد ۾ روزگار پيدا ٿيو آهي ۽ عورتن کي زمين جي مالڪي جا حق ڏئي بااختيار بڻايو پيو وڃي۔ وفد کي WASH منصوبن، انفراسٽرڪچر جي مرمت ۽ ڪميونٽي لچڪ پيدا ڪرڻ وارن پروگرامز تي پڻ اپڊيٽ ڏني وئي۔ شهري ترقي ۽ موسمياتي منصوبا: بريفنگ دوران ڪراچي ۾ اهم شهري ترقياتي قدمن بابت به معلومات ڏني وئي جن ۾ بلدياتي سڌارا، روڊ نيٽ ورڪ ۾ بهتري، ماس ٽرانزٽ منصوبا ۽ SWEEP پروجيڪٽ شامل آهي جيڪو شهر جي گدلاڻ جي منيجمنٽ سسٽم کي جديد بڻائي رهيو آهي۔ شرڪت ڪندڙن کي ڊيلٽا بلو ڪاربان پروجيڪٽ بابت پڻ ٻڌايو ويو جيڪو مينگرووز جي بحالي ۽ ڪاربان ڪريڊٽ پيدا ڪرڻ ذريعي عالمي سطح تي تسليم ٿيل موسمياتي منصوبو آهي ۽ صوبو هن مان قابلِ قدر مٽاسٽا ناڻو حاصل ڪري رهيو آهي۔ وڏي وزير مراد شاهه شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ زور ڏنو ته معاشي مزاحمت، موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار ترقي هاڻي قومي سلامتي جا بنيادي عنصر بڻجي چڪا آهن جن لاءِ سول ۽ عسڪري ادارن جي مضبوط ڀائيواري ضروري آهي۔ وفد سنڌ حڪومت جي تفصيلي بريفنگ کي ساراهيو ۽ مختلف شعبن ۾ جاري ڪوششن کي اهم قرار ڏنو۔ بريفنگ ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آئي جي غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ مختلف کاتن جا سيڪريٽري به موجود هئا۔
Back