اڄ 28 مئي جو ڏينهن قومي خودمختياري، سائنسي ترقي ۽ استقامت جي ياد ڏياري ٿو، سيد مراد علي شاهه
اڄ 28 مئي جو ڏينهن قومي خودمختياري، سائنسي ترقي ۽ استقامت جي ياد ڏياري ٿو، سيد مراد علي شاهه
Posted on: 28 May 2025 Tags:ڪراچي (28 مئي 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 28 مئي جو ڏينهن پاڪستان جي دفاع، خودمختياري ۽ قومي وقار جي علامت آهي. انھيءَ ڏھاڙي تي 1998ع ۾ پاڪستان ڪامياب ايٽمي ڌماڪا ڪري دنيا کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ ڪنهن به دٻاءُ ۾ نه ايندو. وڏي وزير چيو ته يومِ تڪبير اسان جي قومي عزم، سائنسي تحقيق ۽ اڳواڻن جي دور انديشيءَ جي علامت آهي. سيد مراد علي شاھھ ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1974ع ۾ ڀارت جي ايٽمي ڌماڪن کانپوءِ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي. سندس قول "اسين گاھھ کائينداسين، پر ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين." اڄ به اسان جي قومي يادگيريءَ جو حصو آهي. وڏي زير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو نه رڳو ايٽمي پروگرام کي هٿي ڏني، پر بيلسٽڪ ميزائل پروگرام جهڙا اهم دفاعي قدم کنيا، جن پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط ۽ محفوظ بڻايو. سندس اڳواڻيءَ پاڪستان کي مستقبل جي خطرن لاءِ تيار ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا ايٽمي تجربا رڳو فني ڪاميابي نه هئا، پر اهي خودمختياري، قومي وقار ۽ دشمن کي جواب ڏيڻ ھو. اڄ اسان انهن عظيمن اڳواڻن جي قربانين ۽ حب الوطني کي سلام پيش ڪريون ٿا. سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان عزم ڪريون ٿا ته شهيدن ۽ اڳواڻن جي خوابن کي ساڀيان ۾ تبديل ڪنداسين ۽ پاڪستان کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ خودمختيار ملڪ بڻائينداسين.
Back