عالمي بئنڪ جي صدر پاران ٻوڏ سٽيل ڪميونٽين جو دورو، هائوسنگ ماڊل جي واکاڻ

عالمي بئنڪ جي صدر پاران ٻوڏ سٽيل ڪميونٽين جو دورو، هائوسنگ ماڊل جي واکاڻ

Posted on: 20 Feb 2026   Tags:
لاڙڪاڻو (4 فيبروري): عالمي بئنڪ گروپ جو صدر جناب اجي بانگا جي اڳواڻي ھيٺ اعليٰ سطحي 10 رڪني وفد اڱاري ڏينهن لاڙڪاڻي پهتو جتي سندن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران موئن جو دڙو ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي. پنهنجي دوري دوران عالمي بئنڪ صدر وزيراعليٰ سان گڏ ڀاول جات ڳوٺ، تعلقو ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جو دورو ڪيو ته جيئن ٻوڏ متاثر گهرن جي ڪميونٽي جي قيادت ۾ ٻيهر تعمير جو مشاهدو ڪن ۽ ٻوڏ کان متاثر خاندانن سان ملاقات ڪن. ڀاول جات پهچڻ تي وفد جو ڳوٺ جي رهواسين پاران جوش و خروش سان استقبال ڪيو ويو. عالمي بئنڪ صدر کي بريفنگ ڏيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ۽ عالمي بئنڪ جي گڏيل مدد سان ڳوٺ جي 145 ٻوڏ متاثر گهرن جي ٻيهر تعمير مڪمل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 83 سيڪڙو مالڪاڻا حق عورتن کي ڏنا ويا آهن. وڏي وزير چيو سنڌ جون عورتون بااختيار آهن ۽ اسان جي حڪومت هن پروگرام ذريعي سماجي شموليت کي وڌيڪ مضبوط ڪري رهي آهي. عالمي بئنڪ صدر سنڌ پيپلز هاؤسنگ براءِ ٻوڏ متاثر (SPHF) پروگرام تحت تعمير ڪيل گهرن جو تفصيلي معائنو ڪيو. وڏي وزير مراد علي شاهه 2.1 ملين گهرن جي تعمير کي هڪ تاريخي اقدام قرار ڏنو ۽ چيو ته اها دنيا جي وڏي بحالي ڪوششن مان هڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ڪميونٽين کي پنهنجي زندگي پاڻ ٻيهر تعمير ڪرڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي. هي پروگرام هنگامي ردعمل کان هڪ جامع بحالي ماڊل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. عالمي بئنڪ صدر اجے بانگا پنهنجي تعريف جو اظهار ڪندي چيو ته هو زمين تي ٿيندڙ ترقي کان تمام گهڻو متاثر آهن. هن مقامي رهواسين سان ملاقات ڪئي انهن سان تصويرون ڪڍيون ۽ کشمور کان آيل هڪ سِک خاندان سان مليو جيڪو ڀاول جات ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ آيو هو. صدر ۽ وڏي وزير ان خاندان سان تصويرون ڪڍيون. جناب بانگا هن اقدام کي پنهنجي وسعت جي لحاظ سان دنيا جو پهريون ڪميونٽي جي قيادت ۾ هاؤسنگ رڪن اسٽريڪشن پروگرام قرار ڏنو جڏهن ته وڏي وزير وضاحت ڪئي ته هن ماڊل تحت خاندان پاڻ پنهنجا گهر تعمير ڪن ٿا جنهن سان آمدني سڌو ڪميونٽي ۾ رهي ٿي. هر گهر مقامي مزدورن لاءِ مستقل اجرتي روزگار پيدا ڪري ٿو جيڪو سڌو سنئون روزاني اجرت وٺندڙن کي فائدو ڏئي ٿو. مراد شاهه وفد کي آگاهه ڪيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي ساٿين سان گڏ 2.1 ملين گهرن جي تعمير ڪري رهي آهي ۽ اهم سنگ ميل اڳ ۾ ئي حاصل ڪيا ويا آهن. هيستائين 1.55 ملين کان وڌيڪ مستحق بينڪ اڪائونٽ کوليا ويا آهن، 1.5 ملين گهر تعمير هيٺ آهن ۽ 750000 گهر مڪمل ٿي چڪا آهن. عالمي بئنڪ صدر اجي بانگا چيو ته SPHF جي شروعات کان وٺي عالمي بئنڪ 950 ملين ڊالر جي مدد فراهم ڪئي آهي جنهن ۾ ابتدائي 500 ملين ڊالر شامل آهن ۽ ان کان پوءِ اضافي 450 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويا. هن نوٽ ڪيو ته هر مستحق خاندان کي تقريباً 1400 ڊالر جي هاؤسنگ مدد ڏني وڃي ٿي ۽ پروگرام سڀ کان غريب ۽ وڌيڪ ڪمزور گهران کي ترجيح ڏئي ٿو. وڏي وزير مراد شاهه ٻڌايو ته هر مستحق خاندان کي هاڻي رسمي بينڪنگ خدمتن تائين رسائي آهي ۽ هڪ ملين کان وڌيڪ عورتن وٽ زمين جا مالڪاڻا حق آهن جڏهن ته وڌيڪ حق جاري ڪيا ويندا جيئن تعمير جاري رهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته 800000 عورتن کي سڌو مالي فائدا پهچايا ويا آهن جنهن سان نقد امداد ۽ روزگار جي موقعن ذريعي عورتن جي اقتصادي تحفظ مضبوط ٿيو آهي. وڏي وزير چيو عورتن جا مالڪاڻا حق گهر جي حفاظت کي تبديل ڪري رهيا آهن ۽ مقامي معيشت کي مضبوط ڪري رهيا آهن ۽ عالمي بئنڪ جي صدر به انهيءَ خيال جي تصديق ڪئي جن چيو ته عورتن جي شموليت گهر جي آمدني ۽ ڪميونٽي جي مزاحمت کي مضبوط ڪري رهي آهي. وڏي وزير چيو ته پروگرام جي ڪاميابي مضبوط حڪمراني جي فريم ورڪ تي آهي جنهن کي جديد مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (MIS) جي مدد حاصل آهي، جيڪو شفافيت ۽ مستحقن جي بينڪ اڪائونٽ ۾ سڌو فنڊ ٽرانسفر کي يقيني بڻائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته SPHF کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت نافذ ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ماحولياتي ۽ سماجي تحفظ جا ماهر شامل آهن ته جيئن اعليٰ معيار جي جوابدهي برقرار رهي. عالمي بئنڪ صدر اجي بانگا زور ڏنو ته محفوظ رهائش سان گڏ صاف پاڻي، صفائي، غذائيت، ۽ ڊگهي مدت واري فلاح و ڀلائي پڻ لازمي آهن. هن چيو هي پروگرام انساني سرمائي جي ترقي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو ۽ دنيا لاءِ هڪ عالمي مثال آهي ته ڪيئن ڪميونٽي تي ٻڌل بحالي روزگار پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ سماجي شموليت کي فروغ ڏئي سگهي ٿي. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته هر تعمير ٿيل گهر تقريباً 160 ڏينهن جو مقامي اجرتي روزگار پيدا ڪري ٿو ۽ مجموعي منصوبي جي قيمت جو تقريباً 25 سيڪڙو سڌو اجرت تي خرچ ٿئي ٿو، جيڪو روزاني اجرت وٺندڙن کي فائدو ڏئي ٿو. دوري دوران عالمي بئنڪ صدر ڀاول جات ۾ هڪ يادگاري زيتون جو ٻج لڳايو. هن ڪميونٽي سينٽر جو به دورو ڪيو جتي مقامي عورتن روايتي سنڌي دستڪاري، بشمول رِليون، هينڊ بيگ، بريڊ باسڪٽ ۽ بنيل شيون ڏيکاريون. صدر ۽ وڏي وزير عورتن سان گڏ رِليءَ تي ويهي انهن جون ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ عورت مستحقن کي مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ ورهايا. اجراڪ ۽ سنڌي ٽوپي ثقافتي تحفن طور پيش ڪيا ويا. تقريب دوران خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته PPP چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کيس هدايت ڪئي هئي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ هائوسنگ کي يقيني بڻائي. هن ٻڌايو ته ٻيهر تعمير جي ڪل قيمت تقريباً 600 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وڏي رقم عالمي بئنڪ پاران مالي مدد سان فراهم ڪئي وئي ۽ بينڪ جي مدد لاءِ وفاقي حڪومت ۽ ٻين شراڪتدارن جو شڪريو ادا ڪيو. عالمي بئنڪ صدر اجي بانگا تقريب دوران اردو ۾ خطاب ڪندي مستحقن کي مالڪاڻا حق ملڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو توهان خوش قسمت آهيو جو مالڪاڻه حق مليو آهي — هي توهان جي آزادي آهي، عورتن جي حوصلا افزائي ڪئي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي کي وڏي ڪاميابي طور تسليم ڪيو. عالمي بئنڪ صدر جو موئنجي ڏاڙو جو دورو: بعد ۾، عالمي بئنڪ صدر ۽ وڏو وزير موئن جو دڙو پهتا جتي سندن ڀليڪار وزير ثقافت ذوالفقار علي شاهه ڪيو. هنن گالف ڪار ذريعي آثار قديمه جو دورو ڪيو، سر جان مارشل جي تاريخي ڪار ڏٺي ۽ سنڌي موسيقي ۽ دستڪاري جو خاص ثقافتي پروگرام ڏٺو. عالمي بئنڪ صدر ميوزيم، قديم اسٽوپس، ۽ 5000 سال پراڻي نيڪال جي نظام جو دورو ڪيو ۽ آثار قديمه جي ماهرن کان تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. هن موئن جو دڙو کي انساني ذهانت جو هڪ شاندار شروعاتي مثال قرار ڏنو ۽ چيو ته ورثو مستقبل جي نسلن لاءِ محفوظ رکڻ ضروري آهي. هن ميوزيم جي وزيٽرز بڪ ۾ پنهنجا تاثرات پڻ درج ڪيا. عالمي بئنڪ صدر ۽ وڏي وزير جي لاڙڪاڻو، ڏوڪري، ۽ موئن جو دڙو جي دوري جي پڄاڻي ڪراچي واپسي سان ٿي.
Back