آئين ٽي قسم جون آزاديون ڏئي ٿو، اظهارِ راءِ، احتجاج ۽ اجتماع جي آزادي، پر اهي سڀ قانون جي دائري اندر هجڻ گهرجن؛ وڏي وزير جو بجيٽ اجلاس ۾ خطاب

آئين ٽي قسم جون آزاديون ڏئي ٿو، اظهارِ راءِ، احتجاج ۽ اجتماع جي آزادي، پر اهي سڀ قانون جي دائري اندر هجڻ گهرجن؛ وڏي وزير جو بجيٽ اجلاس ۾ خطاب

Posted on: 27 Jun 2025   Tags:

ڪراچي (23 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ 2025-26 تي بحث جي پڄاڻي ڪندي هڪ جامع تقرير ڪئي جنهن ۾ هن ڀارت سان تازي تڪرار دوران پاڪستان جي گڏيل قومي ردعمل جي ساراهه ڪئي ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري جي اهم سفارتي ۽ سياسي ڪردار کي اجاڳر ڪيو. وڏي وزير پنهنجي تقرير جي شروعات هٿياربند فوجن، سروس چيفس، صدر، وزيراعظم، صوبائي حڪومتن، ميڊيا ۽ سياسي ڪارڪنن کي گڏيل ۽ مربوط ڪوششن تي مبارڪباد ڏيندي ڪئي. هن چيو ته اسان جي قومي ٻڌيءَ ئي اسان جي ڪاميابيءَ جي بنياد بڻجي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڀيٽا ڏيندي کين "هڪ سچو قومي اڳواڻ" قرار ڏنو جنهن بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جي مؤثر نمائندگي ڪئي. هن چيو ته پهلگام واري واقعي کان وٺي 10 مئي تائين بلاول ڀٽو پاڪستان جو چهرو بڻيل رهيو. مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت کيس هڪ اهم سفارتي ذميواري سونپي هئي ۽ هن اها ذميواري شاندار نموني نڀائي خاص طور تي عالمي ميڊيا سان رابطن، آمريڪا ۽ يورپ جي دورن ذريعي." پنهنجي حڪومت تي لڳايل الزامن کي رد ڪندي وڏي وزير واضح ڪيو ته شروعات کان ئي چيف سيڪريٽري جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي هئي جيڪا قومي "وار بُڪ" تحت ڪم ڪري رهي هئي. هن تڪرار دوران سنڌ ۾ پيش آيل واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته گھوٽڪي، سکر ۽ ٻلهاڙي ۾ حملا ٿيڻ بعد وقت سر انتظامي قدم کنيا ويا.

اسرائيلي جارحيت جي مذمت:

وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي خطاب دوران عالمي سياسي حالتن تي ڳالهائيندي فلسطين تي جاري اسرائيلي مظالم جي سخت مذمت ڪئي. هن چيو "دهشتگرد رياست اسرائيل فلسطيني عوام تي بدترين ظلم ڪري رهي آهي." وڏي وزير وڌيڪ چيو "تازو اسرائيل ايران تي به حملو ڪيو آهي مان ان جي هِن ايون پاران ڀرپور مذمت ڪريان ٿو." هن عالمي طاقتن جي ٻٽي رويي واري پاليسيءَ تي تنقيد ڪندي چيو "آمريڪا به هن جنگ ۾ شامل ٿي چڪو آهي جيتوڻيڪ هو پاڻ کي غير جانبدار ظاهر ڪري ٿو." مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان وقت سر ۽ واضح انداز ۾ هن حملي جي مذمت ڪئي جڏهن ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به آمريڪي قدم کي عالمي قانون جي سڌي سنئي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. هن ڀارت جي آبي جارحيت خلاف بلاول ڀٽو جي واضع مؤقف جو به حوالو ڏنو ۽ چيو ته چيئرمين بلاول ڀارت کي سخت پيغام ڏنو "يا ته سنڌ طاس معاهدي جي پاسداري ڪريو—يا جنگ لاءِ تيار ٿي وڃو."

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو ورثو:

شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا ڏيندي وڏي وزير چيو "انهن کي پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪرڻ چڱيءَ ريت ايندو هو. هوءَ ايتري بهادر وزيراعظم هئي جو ڪجھ مهينن اندر ئي کيس هٽايو ويو." وڏي وزير جي هن بيان شهيد بينظير ڀٽو جي بهادر قيادت ۽ چيئرمين بلاول جي سفارتي بيباڪي ۾ هڪ طاقتور تقابل پيش ڪيو.

اپوزيشن تي تنقيد:

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس دوران اپوزيشن جي روَيي تي سخت تنقيد ڪندي ان کي "غير منظم ۽ غير مهذب" قرار ڏنو. هن چيو "آئين اپوزيشن کي بجيٽ پيش ٿيڻ جي موقعي تي احتجاج جو حق ڏئي ٿو" پر هن واضح ڪيو ته "آئين ٽي قسم جون آزاديون ڏئي ٿو—اظهارِ راءِ، احتجاج، ۽ اجتماع جي آزادي—پر اهي سڀ قانون جي دائري اندر هجڻ گهرجن." وڏي وزير چيو ته اسيمبلي جي قاعدن ۾ واضح طور درج آهي ته احتجاج ايوان جي ماحول کي متاثر نه ڪري ۽ اسپيڪر جي هدايتن جي پوري پيروي ڪئي وڃي. هن چيو "بدقسمتي سان منهنجي بجيٽ تقرير دوران انهن اصولن جو احترام نه ڪيو ويو." مراد علي شاهه چيو ته جيتوڻيڪ سندن جماعت وٽ اڪثريت موجود آهي ۽ هو اڪيلو به بجيٽ منظور ڪرائي سگهن پيا پر هنن مشاورت ۽ شراڪتداري جو رستو اختيار ڪيو. "اسين چاهيون ها ته سڀ قاعدا لتاڙي سگهون پيا پر اهو اسان جو طريقو ناهي. اسين سڀني کي گڏ وٺي اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا." وڏي وزير بجيٽ بحث ۾ وڏي پيماني تي شموليت جو حوالو ڏيندي چيو "مان بجيٽ تي ڳالهائيندڙ 135هون رڪن آهيان، اهڙي جامع بحث اڳ ڪڏهن به نه ٿي." هن وڌيڪ ٻڌايو ته "گذريل سال 132 ميمبرن بجيٽ بحث ۾ حصو ورتو ۽ هن سال هيستائين 42 ڪلاڪ کان وڌيڪ بحث ٿي چڪو آهي." سندھ ۾ جمهوريت جي کوٽ بابت تنقيدن جو جواب ڏيندي مراد علي شاهه چيو "اچو ته حقيقتون ڏسون:" "سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن جا 100 سيڪڙو ميمبرن کي ڳالهائڻ جو موقعو مليو. خيبرپختونخوا ۾ 145 مان فقط 53 ميمبرن ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اتي بحث ختم ٿي چڪو آهي." "قومي اسيمبلي ۾ 336 مان 204 ميمبرن ڳالهايو جيڪا لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو ٿئي ٿي. پنجاب اسيمبلي ۾ جتي 371 ميمبر آهن رڳو 46 ڳالهائيندڙ رهيا جيڪي فقط 12.5 سيڪڙو آهن. جيڪڏهن چار ڀيرا ايترا ماڻهو به ڳالهائين ته به 50 سيڪڙو نه ٿيندو." "بلوچستان ۾ 53 مان 12 ميمبر ڳالهائي چڪا آهن ۽ اتي اڃا ٽي کان چار ڏينهن بچيا آهن." مراد علي شاهه افسوس جو اظهار ڪندي چيو "اهي سڀ انگ اکر باوجود به چون ٿا ته سنڌ ۾ جمهوريت ناهي." هن چيو "1947 ۾ اسان ماڻهن کي هتي ڀليڪار ڪيو ۽ اڄ به ڪريون ٿا. جيڪڏهن ڪو وڃڻ چاهي ٿو ته آئين ان کي اجازت ڏئي ٿو پر مان اهو نه چوندس ته 'هليا وڃو' منهنجي نظر ۾ سنڌ پاڪستان جو بهترين صوبي آهي." وڏي وزير ترقياتي بجيٽ بابت چيو ته سنڌ جو ترقياتي بجيٽ مجموعي بجيٽ جو لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو آهي جيڪو پنجاب جي 23 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخوا جي 25.3 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن قبول ڪيو ته بلوچستان جو ترقياتي بجيٽ وڌيڪ آهي پر اتي به حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي ئي آهي. مراد علي شاهه ٻڌايو ته وفاقي حڪومت مالي سال جي شروعات ۾ سنڌ لاءِ 1.9 ٽريلين رپين جو واعدو ڪيو هو پر بعد ۾ ان کي گهٽائي 1.796 ٽريلين ڪيو ويو جنهن سان 100 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي. هن موجوده گهٽ ٽيڪس اوڳاڙي تي خدشو ظاهر ڪيو ۽ وفاق کان گهٽ ۾ گهٽ 237 ارب رپين جي ادائيگي جو مطالبو ڪيو. وڏي وزير ٻڌايو ته جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت جي ٽيڪس اوڳاڙي ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي آهي پر سنڌ جي ريونيو ڪليڪشن ۾ 16 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جيڪا وفاق کان وڌيڪ آهي. هن ايندڙ مالي سال لاءِ آمدني جي هدفن جو خاڪو پيش ڪيو ۽ چيو ته سڄي صوبي ۾ ڪراچي کان وٺي دادو تائين ٽيڪس جون شرحون هڪجهڙيون هجڻ گهرجن.

زرعي ٽيڪس:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زرعي آمدني ٽيڪس بابت ڳالهائيندي چيو ته غلط ٽيڪس پاليسين سبب هن سال گندم درآمد ڪرڻي پئجي سگھي ٿي. هن ايندڙ مالي سال لاءِ زرعي ٽيڪس جو هدف 8 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو في ايڪڙ 1052 رپيا ٺهي ٿو، جڏهن ته پنجاب في ايڪڙ رڳو 372 رپيا ۽ خيبرپختونخوا 57 رپيا مقرر ڪيا آهن. مراد علي شاهه جا اهي خيال صوبن جي وچ ۾ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ۽ مالي چئلينجن جي اهميت کي اجاگر ڪن ٿا.

اهم قدم:

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ مالي سال دوران مختلف شعبن ۾ ترقياتي قدم کنيا ويندا. هن اعلان ڪيو ته سڄي صوبه ۾ 100 سيڪڙو ڄمڻ جي رجسٽريشن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن هر شهري جي سڃاڻپ ڄمڻ واري وقت کان ئي ممڪن بڻائي سگهجي. زرعي ترقي بابت اڳ ئي وزير زراعت تفصيل سان آگاهي ڏني آهي جيڪو حڪومت جي سنجيدگيءَ جو ثبوت آهي. تعليم جي شعبي ۾ "ڪاسٽ سينٽرز" جو قيام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن جو مقصد تعليمي ادارن ۾ وسيلن جي بهتر ورڇ ۽ مؤثر نگراني آهي. معذور ماڻهن جي مدد لاءِ ڪم ڪندڙ اداري لاءِ فنڊز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪو شموليت واري حڪومتي نظريي جي عڪاسي ڪري ٿو. آٽزم سينٽرز ۽ لاڳاپيل ادارن کي وسيع ڪيو پيو وڃي ته جيئن متاثر ماڻهن ۽ انهن جي خاندانن کي بهتر سهولتون ملي سگھن. نوجوانن جي فلاحي ڪم لاءِ "يٿ ڊولپمينٽ سينٽرز" هر ضلعي ۾ قائم ڪيا پيا وڃن، جن مان 19 اڳ ئي ڪم ڪري رهيا آهن.

صحت جي شعبي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ هن وقت دنيا جو سڀ کان وڏو ٻارن لاءِ ايمرجنسي نيٽورڪ هلائي رهيو آهي. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) جو نئون مرڪز تعمير ٿي رهيو آهي. وڏي وزير نيون ايمبولينسون خريدڻ ۽ صوبي جي ماڇي برادري لاءِ خاص پروگرامز جو به اعلان ڪيو. يونيورسٽين لاءِ مالي امداد ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جي منصوبن لاءِ به فنڊنگ وڌائي وئي آهي. مالي پاليسيءَ بابت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 8 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. پيشه وراڻي ٽيڪس ۽ تفريحي ٽيڪس مڪمل طور ختم ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڏين گاڏين تي لاڳو مختلف ٽيڪسن ۾ به گهٽتائي آندي وئي آهي.

ترقياتي بجيٽ:

صوبي جي سالياني ترقياتي پروگرام (ADP) جو حجم 520 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو حڪومت جي بنيادي ڍانچي ۽ عوامي خدمتن ۾ سڌارن لاءِ عزم کي ظاهر ڪري ٿو۔ ان کان علاوه، ضلعي ADP لاءِ 55 ارب رپيا، غير ملڪي منصوبا بندي امداد (FPA) لاءِ 366.72 ارب رپيا، ۽ وفاقي PSDP جي مد ۾ 76.28 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن۔

کاتا جيڪي وڏو وزير ڏسي ٿو:

مراد علي شاهه چيو ته هو اسيمبلي جي 90 سيڪڙو ميمبرن جون تقريرون پاڻ ٻڌن ٿا۔ هن چيو ته شايد انهن خلاف هڪ مخصوص بيانيو ٺاهيو ويو آهي ڇوته چيو ويو ته رڳو 11 کاتا سندس حوالي آهن جڏهن ته هو 45 کاتا پاڻ سنڀالي رهيو آهي۔ وڏي وزير ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان پنهنجي ذميوارين جو مقابلو ڪندي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير 14 کاتا ۽ بلوچستان جو وڏو وزير 20 کاتا ڏسي رهيو آهي۔

سنڌ جي علائقائي سالميت:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي تاريخي علائقائي سالميت تي روشني وجهندي چيو ته سنڌ جي ابتدائي نقشي ۾ مڪران ۽ راجستان جهڙا علائقا شامل هئا۔ هن سنڌ جي تاريخي ارتقا بابت ڳالهائيندي چيو ته ڪلهوڙا دور ۾ دارالحڪومت پهريان خدا آباد ۾ هو، جيڪو بعد ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو۔ وڏي وزير وڌيڪ چيو ته تالپور دورِ حڪومت ۾ سنڌ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو، پر دفاع ۽ پرڏيهي پاليسين ۾ اتحاد برقرار رکيو ويو۔ مراد علي شاهه سنڌ تي انگريزن جي قبضي جو ذڪر ڪندي چيو ته چارلس نيپئر چاهيو پئي ته سنڌ هڪ متحد يونٽ طور برقرار رهي، پر نئين وائسراءِ سنڌ کي بمبئي سان ضم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو سراسر غلط هو۔ هن چيو ته سنڌ جي عوام انهن فيصلن جي سخت مزاحمت ڪئي ۽ سنڌ کي پنجاب سان ضم ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو. وڏي وزير سنڌ جي ابتدائي سياسي اڳواڻن، جيئن غلام احمد ڀرڳڙي ۽ سر شاهنواز ڀٽو، کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته انهن شخصيتن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائڻ ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ هن چيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي سنڌ شاخ، مسلمانن لاءِ الڳ وطن جي جدوجهد ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1936ع ۾ سنڌ کي باقاعده صوبو بڻايو ويو۔ وڏي وزير 1940ع جي قرارداد پاڪستان جي تاريخي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته اها قرارداد سڀ کان پهرين سنڌ مان منظور ڪئي وئي، ۽ انهن 24 ميمبرن جي قربانين کي ياد ڪيو جن ان قرارداد جي حمايت ڪئي—۽ اڄ به انهن جا خاندان سنڌ جي سياست ۾ سرگرم آهن۔

تاريخي خدمتون ۽ موجوده سياسي حالتون:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪي شخصيتون پاڪستان جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪيون آهن، انهن جون نسلون اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي جو حصو آهن۔ هن چيو ته سنڌ اسيمبلي سڀ کان پهرين آزاديءَ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي فخر ڪرڻ گهرجي، ۽ ساڳئي وقت تاريخي حقيقتن کي به تسليم ڪرڻ گهرجي۔ پنهنجي خطاب دوران وڏي وزير 1947ع کان اڳ واري ڪراچي جون تصويرون پيش ڪيون ته جيئن انهن دعوائن جو جواب ڏئي سگهجي ته آزادي کانپوءِ ڪراچي ۾ ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو۔ هن چيو ته 1947ع ۾ ڪراچي ترقي جي راهه تي گامزن هئي، تنهنڪري قائداعظم ان کي ملڪ جو گاديءَ جو هنڌ چونڊيو۔ هڪ رڪن اسيمبلي پاران اسرائيل جي ايران تي حملي خلاف ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي تجويز تي وڏي وزير چيو ته بجيٽ تقرير کانپوءِ ان تي قانوني طريقي سان غور ڪيو ويندو۔ شروعاتي طور اتفاق ٿيو پر پوءِ اپوزيشن احتجاج ڪيو۔ وڏي وزير چيو ته اهو احتجاج اڳواٽ طئي ٿيل لڳو ڇوته بينرز اڳ ۾ ئي تيار ٿيل هئا۔ اپوزيشن بجيٽ ۾ پنهنجون اسڪيمون شامل نه ٿيڻ تي اعتراض ڪيو۔ وڏي وزير اپوزيشن کي لکت ۾ تجويزون ڏيڻ جي دعوت ڏني، جنهن تي 17 ميمبرن پنهنجون اسڪيمون ۽ انهن جي لاڳت فراهم ڪئي۔ فيصلو ڪيو ويو ته هر رڪن جي حلقي وار اسڪيمون شامل ڪيون وينديون ۽ ڪنهن به رڪن جي اسڪيم نظرانداز نه ڪئي ويندي۔ وڏي وزير اپوزيشن ليڊر کي اپيل ڪئي ته وفاقي ناانصافين خلاف گڏجي آواز بلند ڪيو وڃي۔ هن چيو ته وفاقي حڪومت اپوزيشن کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي۔ مراد علي شاهه چيو ته وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ گرين لائين منصوبو لاءِ هڪ وفاقي ادارو قائم ڪيو، جنهن جي تحريڪ انصاف به حمايت ڪئي۔ هن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي انهيءَ واعدي جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ هن اهڙن قدمن کي ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي۔ تازي بجيٽ دستاويزن ۾ سڀني صوبن جا منصوبا شامل هئا، پر صرف سنڌ جا منصوبا پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ڪارپوريشن (PIDC) حوالي ڪيا ويا۔ وڏي وزير اپوزيشن ليڊر کان مطالبو ڪيو ته هو ان ناانصافي جي خاتمي لاءِ ساٿ ڏين۔ آخر ۾ وفاق سنڌ کي ٽي وڏا منصوبا ڏنا آهن جيڪي سياسي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ گڏيل حڪمرانيءَ جي نون رستن جو اشارو ڏين ٿا۔

بجيٽ الاٽمينٽس:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ايوان ۾ اٿاريل شڪايتن جي حل لاءِ اڪيلو ناهي بلڪه متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جا ميمبر به احتجاج ۾ شامل آهن۔ هن ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن واضح ڪيو آهي ته مؤثر حڪمراني لاءِ سنڌ حڪومت سان تعاون ضروري آهي۔ وڏي وزير زور ڀري چيو ته ڪنهن به وفاقي ڪمپني کي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو اختيار صوبي جي منظوريءَ کانسواءِ حاصل نه آهي۔ هن اعلان ڪيو ته هر چونڊيل نمائندي جي حلقي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، ۽ ميمبرن کي ان رقم جي اندر پنهنجون ترقياتي اسڪيمون تجويز ڪرڻيون پونديون۔ وڏي وزير ٻڌايو ته ڪيترين ئي تجويزن تي اڳ ئي عمل ٿي چڪو آهي، پر هن نشاندهي ڪئي ته بجيٽ جي بحث دوران ڪراچي کي نظرانداز ڪيو ويو آهي۔ هن ٻڌايو ته 1400 ارب رپين جي مجموعي بجيٽ مان رڳو 60 ارب رپيا، يعني 4.6 سيڪڙو، ڪراچي لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي لاءِ مجموعي طور 254 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جن ۾ اضافي جو امڪان آهي۔ تنهن هوندي به ڀٽو ايونيو ۽ ايم-9 لنڪ روڊ جهڙا اهم منصوبا بجيٽ ۾ شامل نه ڪيا ويا آهن۔ وڏي وزير ميڊيا ۾ ڦهليل ان تاثر کي رد ڪيو ته ڪراچي لاءِ ڪو به ميگا پراجيڪٽ شامل ناهي، ۽ واضح ڪيو ته اهڙن منصوبن لاءِ 12 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪي شهر جي مختلف علائقن تي پکڙيل منصوبن تي مشتمل آهن۔ هن اهو به رد ڪيو ته رڳو لياري ۽ ملير لاءِ اسڪيمون رکيل آهن، ۽ چيو ته سڀني اسڪيمون شفاف نموني دستياب آهن ۽ جاچ لاءِ پيش ڪري سگھجن ٿيون۔ وڏي وزير ڪراچي کي درپيش مالي خودمختياري جي چئلينجن تي روشني وجهندي ان جو مقابلو ٻين ميٽروپوليٽن شهرن سان ڪيو، جتي مقامي حڪومتن کي پنهنجي آمدني جو وڏو حصو پاڻ وٽ رکڻ جي اجازت حاصل آهي۔ هن چيو ته قانوني رڪاوٽون ڪراچي کي ضروري فنڊز حاصل ڪرڻ کان روڪي رهيون آهن۔ هڪ وڏي ڪاميابيءَ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 20 لک گهرن جي منصوبي تي ڪم جاري آهي، جن مان 12 لک گهر زير تعمير آهن ۽ 6 لک مڪمل ٿي چڪا آهن۔ وڏي وزير ٻڌايو ته انهن گهرن جي مالڪاڻه عورتن جي نالي تي ڏني وئي آهي، جيئن رهائش سان گڏ عورتن کي به بااختيار بڻايو وڃي۔ هن ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ آٽزم سينٽرز بابت اپڊيٽ ڏيندي چيو ته ٽي سينٽرز مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهن۔ وڏي وزير K-4 منصوبو بيان ڪندي چيو ته ان جي لاڳت 25 ارب رپين کان وڌي 175 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن جو سبب وفاقي انڪوائريون ۽ دير آهي۔

گهٽ ۾ گهٽ اجرت:

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته هن وقت سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 37000 رپيا آهي جڏهن ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ ان کي 40000 رپيا ڪرڻ جي تجويزون ڏنيون ويون آهن۔ هن موقف اختيار ڪيو ته مزدورن جي بهتر گذر سفر لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 42000 رپيا هجڻ گهرجي۔

عدالتي الاؤنس:

سنڌ اسيمبلي خاص عدالتي الاؤنس لاءِ 8 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته عدالتي عملي جي پگهارن ۾ واڌ بابت مشاورت جاري آهي ۽ ان بابت حتمي فيصلو اسيمبلي ڪندي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه پگهارن جي فرق کي اجاگر ڪندي چيو ته هڪ جج جي پگهار ٽيڪس ڪٽوتين کانپوءِ به 22 لک رپين کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته اسيمبلي جي اسپيڪر کي ان جو رڳو 10 سيڪڙو معاوضو ملي ٿو۔

ڪارروائيءَ سان لاڳاپيل معاملا:

وڏي وزير اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس ۽ ان سان جڙيل طريقيڪار بابت روشني وجهندي ٻڌايو ته پهرين اجلاس ۾ ٺهراءُ منظور نه ٿي سگهيو، پر بعد ۾ ٻي ويهڪ ۾ اهو ڪاميابي سان منظور ڪيو ويو۔ هن چيو "بجيٽ اجلاس ته ختم ٿي ويو پر بدنظميءَ جو سلسلو جاري رهيو۔" هن اسيمبلي جي ضابطن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اسپيڪر وٽ وڏا اختيار هوندا آهن پر انهن اختيارن جي درست استعمال لاءِ عدالتي رهنمائي جهڙي مدد گهربل هوندي آهي۔ وڏي وزير چيو ته جيتوڻيڪ اسپيڪر وٽ ايوان جي ميمبرن کي ٻاهر ڪڍڻ جو اختيار آهي پر اهڙو قدم وڏي سوچ ويچار کانپوءِ ئي کنيو ويندو آهي۔ مراد علي شاهه چيو "اسين اسپيڪر جي اختيارن کان نٿا ڊڄون پر انهن جو احترام ضروري آهي" ۽ ان سلسلي ۾ هڪ اڳوڻي واقعي جو حوالو به ڏنو جڏهن کيس پاڻ اسيمبلي مان ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ويو هو۔

صوبائي قرضا ۽ مالي نظم و ضبط:

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي قرضن تي ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي مالي انتظام کي بين الاقوامي ادارا قابلِ اعتماد سمجهن ٿا تنهنڪري هتي وڏي ماليت جا قرضا ڏنا ويندا آهن۔ هن واضح ڪيو ته بجيٽ ۾ شامل 12 ارب رپين جي امداد 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحاليءَ لاءِ آهي نه ڪي ڪنهن نئين آفت لاءِ آهن. هن خبردار ڪندي چيو ته ڀارت اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان تباهه ٿي چڪو آهي ۽ پنهنجي ميمبرن کان درخواست ڪئي ته هو اهڙي بيانيي جو حصو نه بڻجن۔ وڏي وزير اتحاد تي زور ڏيندي چيو ته اسان سڀني کي گڏجي بيروني پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي۔

ترقياتي منصوبا ۽ اسڪيمون:

مراد علي شاهه ٻڌايو ته هن سال سنڌ ۾ 1460 ترقياتي اسڪيمون مڪمل ٿي رهيون آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي ۽ ميمبرن کي ترغيب ڏني ته هو ننڍين اسڪيمون ڏيڻ بدران وڏا ۽ پائيدار منصوبا تجويز ڪن۔ هن تسليم ڪيو ته ڪجهه منصوبا دير جو شڪار ضرور ٿيا پر انهن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سنجيده ڪوششون جاري آهن۔

اسمبلي ۾ ٻڌيءَ جي اپيل:

وڏي وزير اپيل ڪئي ته اچو ته بجيٽ واري ڏينهن جيڪي به واقعا پيش آيا انهن کي وساري مستقبل ڏانهن وڌون۔ هن چيو ته جيڪڏهن سڀ سياسي جماعتون صوبي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿيون ته کين بنا ڪنهن هٻڪ جي اهو ڪرڻ گهرجي۔ مراد علي شاهه چيو ته "مون چيو آهي ته مون کي پنهنجي جماعت کان رهنمائي ملي ٿي پر مون کي شڪ آهي ته خالد مقبول صديقي به اهڙيءَ ئي طريقي سان هدايتون وٺي ٿو۔" هن چيو ته اسان ۾ تفريق پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن۔ وڏي وزير صوبي جي ترقي لاءِ باهمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ سڀني ميمبرن جو صبر سان ڳالهه ٻڌڻ تي شڪريو ادا ڪيو۔ آخر ۾ هن اسپيڪر ۽ ان جي ٽيم کي اسيمبلي جي ڪارروائي مؤثر طريقي سان هلائڻ تي ساراهيو۔ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪيو ويو۔

Back