آزاد، محفوظ ۽ بااعتماد ميڊيا کان سواءِ جمهوريت جو تصور نامڪمل آهي، وڏو زير

آزاد، محفوظ ۽ بااعتماد ميڊيا کان سواءِ جمهوريت جو تصور نامڪمل آهي، وڏو زير

Posted on: 23 Nov 2025   Tags:

ڪراچي (2 نومبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آزاد صحافت جمهوريت جي پيڙهه آهي، آزاد ۽ محفوظ ميڊيا لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ رياست جي بنيادي ذميواري آهي. هن اھا ڳالھھ ”صحافين خلاف ڏوهن ۾ استثنا ختم ڪرڻ واري عالمي ڏينهن“ جي مناست سان آچر ڏھاڙي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ ڪئي. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحافين تي حملا سماج جي ضمير تي وار آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت اظهار  راءِ جي آزاديءَ جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي. سنڌ پهريون صوبو آهي جتي صحافين جي تحفظ لاءِ جامع قانون لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ ڪميشن فار پروٽيڪشن آف جرنلسٽس عملي ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته صحافين جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ ٺوس اپاءَ ورتا ويا آهن. ڊجيٽل دور ۾ صحافين جي تحفظ بابت قانونسازي وقت جي گھرج آھي. وڏي وزير چيو ته صحافت جي آزاديءَ کان سواءِ ڪو به سماج مڪمل نٿو ٿي سگهي. صحافين تي حملا ڪندڙن سان هرگز رعايت نه ڪئي ويندي. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته نفرت انگيز مهم ۽ آن لائين هراسائڻ کي روڪڻ لاءِ مربوط حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته آزاد، محفوظ ۽ بااعتماد ميڊيا کان سواءِ جمهوريت جو تصور ممڪن نه آهي.

Back