وزيراعليٰ هائوس قومي جهنڊن ۽ سائي ۽ اڇي روشنين سان روشن، جشن آزادي جي بھار
وزيراعليٰ هائوس قومي جهنڊن ۽ سائي ۽ اڇي روشنين سان روشن، جشن آزادي جي بھار
Posted on: 11 Aug 2025 Tags:ڪراچي (9 آگسٽ): وزيراعليٰ هائوس سنڌ قومي پرچمن جي دلڪش بهار سان سجايو ويو آهي ۽ عمارت سائو ۽ اڇو برقي قمقمن سان روشن آهي جيڪو هڪ پرڪشش منظر پيش ڪري رهيو آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي آزادي ڏهاڙي جون تقريبون ڀرپور جوش ۽ خروش سان جاري آهن۔ وزيراعليٰ هائوس جي تاريخي عمارت جي سڀني بلاڪن تي قومي پرچم لهرائيا ويا آهن ۽ سائو اڇو برقي قمقمن سان شاندار سجاوٽ ڪئي وئي آهي۔ رات جو روشني جو منظر شهرين جي توجه جو مرڪز بڻجي ويو آهي۔ وڏي وزير فيصلو ڪيو هو ته آزادي ڏينهن جي تقريبن جو آغاز پهرين آگسٽ کان ڪيو وڃي۔ هن سال تقريبون “حقن جي جدوجهد” جي عنوان هيٺ منعقد ٿي رهيون آهن جيئن هن ڏهاڙي جي اهميت کي اجاگر ڪري سگهجي۔
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat