اکيون قدرت جو انمول تحفو آھن، انھن جي حفاظت سڀني جي ذميواري آھي، وڏو وزير

اکيون قدرت جو انمول تحفو آھن، انھن جي حفاظت سڀني جي ذميواري آھي، وڏو وزير

Posted on: 17 Oct 2025   Tags:

ڪراچي (14 آڪٽوبر 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي ته اکيون قدرت جو انمول تحفو آھن، اسان کي انھن جي حفاظت ڪرڻي گھرجي. وڏي وزير چيو ته اکين جي صحت بابت عوام ۾ آگاهي بيدار ڪرڻ بھترين عمل آھي. ھن اھا ڳالھھ سي ايم ھائوس ۾ منعقد ٿيل اکين جي ڪيمپ جي موقعي تي سندس جاري ڪيل پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت عوامي صحت جي منصوبن ۾ ھر ممڪن تعاون جاري رکندي. سيد مراد علي شاهه چيو ته اکين جي حفاظت لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آھي. ھن چيو ته اکين جي صحت کي نظرانداز ڪرڻ، پنھنجي زندگي کي اوندهه ۾ وجھڻ جي برابر آھي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته عوامي آگاهي مهمون صحت مند سماج جي بنياد آھن ۽ روشن نظر ئي روشن مستقبل جي ضمانت آھي. ان موقعي تي اکين جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان وزيراعليٰ ھائوس ۾ ايل آر بي ٽي طرفان ”روشن نظر، روشن مستقبل“ جي عنوان سان مفت اکين جو ڪيمپ لڳايو ويو. ڪيمپ جو افتتاح سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ ڪيو. جنھن ۾ سي ايم ھائوس جا آفيسر، ملازم ۽ طبي عملي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪيمپ ۾ اکين جو معائنو، بصارت جا ٽيسٽ، ابتدائي تشخيس، ضروري علاج ۽ صلاحون فراهم ڪيون ويون، سي ايم ھائوس جي سينئر ڊاڪٽر مڪيش ڪمار اکين جي عالمي ڏھاڙي جي اهميت ۽ ڪيمپ جي مقصد بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته عوام ۾ اکين جي صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ وقت جي ضرورت آھي. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ چيو ته ايل آر بي ٽي ھڪ قابلِ تحسين ادارو آھي جيڪو اکين جي بحالي ۽ عوامي ڀلائي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. ھن چيو ته اکين جي صحت کي نظرانداز نه ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تھ روشن نظر ئي روشن مستقبل جي ضمانت آھي. عبدالرحيم شيخ وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ھدايت موجب عوامي ڀلائي ۽ بھبود جي منصوبن جي مڪمل حمايت جاري رھندي. ھن وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ ھائوس جي آفيسرن ۽ عملي جي شرڪت ان ڳالهھ جو ثبوت آھي ته اسان سڀني کي پنھنجي صحت، خاص طور تي اکين جي حفاظت لاءِ سنجيده ٿيڻ گھرجي.

Back