ڊاڪٽر عارفه سيده جي لاڏاڻي تي وڏي وزير جو اظهارِ افسوس
ڊاڪٽر عارفه سيده جي لاڏاڻي تي وڏي وزير جو اظهارِ افسوس
Posted on: 23 Nov 2025 Tags:ڪراچي (10 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه معروف ماہرِ تعليم ڊاڪٽر عارفه سيده زهره جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن تعليم جي ميدان ۾ ڊاڪٽر عارفه جي اهم خدمتن کي ساراھيو. وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر عارفه پنهنجي سڄي زندگي تعليم جي فروغ ۽ ماڻهن کي ان جي مقصد بابت روشن ڪرڻ لاءِ وقف ڪئي. هوءَ هڪ اھڙي اسڪالر هئي جيڪا صرف علم نه پر تربيت تي به زور ڏيندي هئي. مراد علي شاهه چيو ته ڊاڪٽر عارفه سمجهندي هيون ته رهنمائي کانسواءِ تعليم بي معني آهي ۽ علم تڏهن ئي مقصد پورا ڪري ٿو جڏهن اها انسان جي شخصيت کي نکاريندي. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي وڌيڪ اهڙن ماهر استاد ۽ وڏن تعليم ڏيندڙن جي ضرورت آهي جهڙوڪه ڊاڪٽر عارفه. ان جو خلا ڀري نٿو سگهي پر سندس سنهري لفظ هميشه لاءِ راهنمائي جو سبب بڻجن ٿا. ڊاڪٽر عارفه اردو ٻولي، ادب ۽ تعليم جي فروغ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو ۽ سماجي ۽ علمي حلقن ۾ سدائين ياد ڪئي ويندي. وڏي وزير ڊاڪٽر عارفه جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪندي صبر ۽ حوصلو جي دعا ڪئي.
Back