ٻارن لاءِ محفوظ دنيا اڏڻ اسان سڀني جي اخلاقي ۽ انساني ذميواري آهي، سيد مراد علي شاهه

ٻارن لاءِ محفوظ دنيا اڏڻ اسان سڀني جي اخلاقي ۽ انساني ذميواري آهي، سيد مراد علي شاهه

Posted on: 04 Jun 2025   Tags:

فلسطين ۽ ڪشمير ۾ معصوم ٻارن تي جارحيت انسانيت خلاف ڏوهه آهي، سنڌ جو وڏو وزير

سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ، تعليم ۽ صحت کي اولين ترجيح ڏئي ٿي، سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (4 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آھي تھ فلسطين ۽ ڪشمير جي معصوم ٻارن تي ظلم انسانيت جي خلاف جرم آهي، عالمي برادريءَ فوري اپاءَ وٺن گھرجن. اھا ڳالھھ وڏي وزير "ٻارن تي جارحيت جي عالمي ڏينهن" جي موقعي تي سندس پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو تھ معصوم ٻارن لاءِ پرامن ۽ محفوظ دنيا اڏڻ اسان سڀني جي اخلاقي ۽ انساني ذميواري آهي. هن چيو ته فلسطين ۾ معصوم ٻارن تي ٿيندڙ بمباري، ظلمن ۽ وحشين جا حملا انسانيت جي مڃتا جي لتاڙ آهي. سيد مراد علي شاهه عالمي برادريءَ کان گھر ڪندي چيو تھ اقوام متحده فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ٻارن تي ٿيندڙ اسرائيلي ۽ ڀارتي جارحيت کي فوري طور روڪڻ لاءِ اپاءَ وٺي. وڏي وزير چيو ته جنگ وارن علائقن جي ٻارن لاءِ عالمي سطح تي هنگامي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آھي ته جيئن معصوم ٻارن جي زندگي بچائي سگھجي ۽ تعليم، صحت ۽ ٻيا بنيادي حق  مھيا ڪري سگھجن. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ٻارن جي تحفظ، تعليم ۽ صحت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. ھن چيو تھ سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽيءَ جو دائرو صوبي جي سڀني ضلعن تائين وڌايو ويو آهي ۽ ننڍي عمر جي ٻارن کان مشقت وٺڻ خلاف سخت قانون تي عمل ٿي رهيو آھي. ھن چيو تھ ٻارن جو اغوا، جنسي تشدد ۽ تعليمي ادارن تي حملا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا ۽ سنڌ حڪومت ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ مڪمل ريت پرعزم آهي. آخر ۾ وڏي وزير والدين، استادن ۽ سماج جي سڀني طبقن کي اپيل ڪندي چيو تھ اُهي ٻارن کي هر قسم جي زيادتي، استحصال ۽ جنگ جي اثرن کان بچائڻ ۾ سندن ڪردار ادا ڪن ته جيئن هر ٻار روشن، خوشحال ۽ محفوظ مستقبل حاصل ڪري سگهي.

Back