ايپڪس ڪميٽيءَ جو 32ھون اجلاس: وڏي وزير جو پرتشدد انتهاپسندي، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ ڏوهارين خلاف ڪاررواين جو اعلان
ايپڪس ڪميٽيءَ جو 32ھون اجلاس: وڏي وزير جو پرتشدد انتهاپسندي، سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ ڏوهارين خلاف ڪاررواين جو اعلان
Posted on: 11 Apr 2025 Tags:ڪراچي (10 اپريل): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 32 هين ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي سوشل ميڊيا جي غلط استعمال جي معاملن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي يونٽ جي قيام جو اعلان ڪيو. هن تشدد پسندي خلاف امتيازي مرڪز "سينٽر فار اڪسلينس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم" قائم ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو جنهن جو مقصد تشدد پسندي خلاف حڪمت عمليون تي ڌيان ڏيڻ هوندو. هن ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشنن جي رٿابندي لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان سان هم آهنگي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته صوبي ۾ رهندڙ غير قانوني شھرين کي وفاقي حڪومت جي پاليسي مطابق واپس موڪليو پيو وڃي. وڏي وزير جو شھر ۾ ٿيندڙ روڊ حادثن ۽ ٽينڪرن ۽ ڊمپرن کي باھ ڏيڻ جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي. هن ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڊمپرز ۽ ٽرڪن خلاف پوليس کي سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڏني. ان کان علاوه هن ٽينڪرن کي باھ ڏيڻ جي ذميدارن کي گرفتار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڏني. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ ۽ ضياءالحسن لنجار، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليڊٽيننٽ جنرل محمد اویس دستگير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي، ايف آءِ اي، ڪسٽمز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نمائندن شرڪت ڪئي. غير قانوني شهرين جي واپسي: اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ حڪومت 2023-24 ۾ غير قانوني شهرين جي واپسي جي پلان (IFRP) جو پهريون مرحلو مڪمل ڪري چڪي آهي جنهن دوران 85916 غير قانوني شهرين کي واپس موڪليو ويو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ جيڪب آباد ۾ ٽرانزٽ پوائنٽس قائم ڪيا ويا هئا جيڪي لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنرن جي نگراني ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وزارت داخلہ کي اطلاع ڏني وئي ته وفاقي حڪومت فيبروري 2025 ۾ سڀني ACC هولڊرز (ٻيو مرحلو) جي واپسي جو آغاز ڪندي. ACC هولڊرن جي واپسي جو ٻيو مرحلو 1 اپريل 2025 کان شروع ٿيو آهي جنهن لاءِ سنڌ حڪومت ڪيماڙي ۽ جيڪب آباد ۾ ٽرانزٽ پوائنٽس تي آپريشنز لاءِ 200 ملين رپيا رکيا ويا آهن. هن کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ 29926 غير قانوني واسي رهائش پذير آهن ۽ انهن جي ڊيٽا مئپنگ مڪمل ڪري چڪا آهن. في الحال 479 کي واپس موڪليو ويو آهي جڏهن ته تقريباً 400 ماڻهو ڪيمپ ۾ ڊيپورٽيشن جو انتظار ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا پروٽيڪشن ۽ ريگوليٽري اتھارٽي: اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته PECA قانون تحت سوشل ميڊيا پروٽيڪشن ۽ ريگوليٽري اتھارٽي (وفاقي حڪومت) ٺاهي وئي آهي ته آن لائن حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سوشل ميڊيا تي فردن جي حقن جو تحفظ ڪيو وڃي. هن اتھارٽي کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي غير قانوني يا اڻوڻندڙ مواد کي ريگيوليٽ ڪرڻ، انهن پليٽ فارمز جي رجسٽريشن کي منظم ڪرڻ، جزوي يا مڪمل طور تي انهن کي بلاڪ ڪرڻ ۽ مواد جي معيارن بابت هدايتون جاري ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو. ان کان علاوه هي لاڳاپيلن عملدارن کي غير قانوني يا اڻوڻندڙ مواد کي بلاڪ يا هٽائڻ جي هدايت پڻ ڏئي سگهي ٿي. تشدد پسندي خلاف امتيازي مرڪز جو قانون: مرڪزي ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلي کانپوءِ سنڌ جي گهرو کاتي تشدد پسندي ۽ دهشت گردي خلاف جنگ لاءِ "سنڌ سينٽر فار اڪسلينس آن ڪائونٽرنگ وائلنٽ ايڪسٽريمزم ايڪٽ 2025" جو مسودو پيش ڪيو آهي. وڏي وزير گهرو سيڪريٽري کي هدايت ڏني ته هو ايندڙ ڪابينا ميٽنگ ۾ هي مسودو قانون پيش ڪري. هڪ ڀيرو قائم ٿيڻ کانپوءِ هي سنٽر تشدد پسندي خلاف تحقيق، پاليسي سازي ۽ حڪمت عملين تي ڌيان ڏيندو. هي ماليائي ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) کي دهشت گردي جي فنڊنگ جي تحقيق ۾ مدد ڏيندو، ان کان علاوه آن لائين انتها پسندي، نفرت انگيز تقريرن، غلط معلومات ۽ نوجوانن ۾ ڏوهن جي روڪٿام تي ڪم ڪندو. اسٽريٽيجڪ ڪورڊينيشن: وڏي وزير درياهه سنڌ جي اترئين ضلعن ۾ ڌاڙيلن جي مسئلن تي بحث ڪيو. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنجاب ۽ بلوچستان سان گڏجي ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشنن جي رٿابندي ڪري رهي آهي ته جيئن اهي سرحد پار ڪري نه سگهن . گهرو کاتي سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان جي گهرو کاتن کي ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن کان آگاهه ڪيو آهي. مقصد اهو آهي ته ٽنهي صوبن ۾ هڪ ئي وقت ڪچي وارن علائقن ۾ ڌاڙيلن خلاف جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي ته جيئن اهي صوبائي سرحدون پار ڪري گرفتاري کان بچي نہ سگهن. هن مقصد لاءِ سرحدي ضلعن ۾ هڪ ميٽنگ طئي ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي ته جيئن عملي ماحول جو سڌو جائزو وٺي سگهجي ۽ حڪمت عمليون بھتر بڻائي سگهجن. نيشنل اڪشن پلان (NAP) ۾ ترميم: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دهشت گردي جي ڪيسن جي سختي سان پيروي تي زور ڏنو ۽ انتها پسندن خلاف "زيرو ٽالرنس" جو اعلان ڪيو. NAP جا اهم ڪمپوننٽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊيپارٽمينٽس (CTDs) کي مضبوط بڻائڻ، ميڊيا ۾ دهشت گردي جو مقابلو، دهشت گردي جي فنڊنگ کي روڪڻ، مذهبي مدرسن جو ريگيوليشن، ۽ فوجداري انصاف جي نظام ۾ اصلاحات شامل آهن. پويان اپيڪس اجلاس جي عملداري جي صورتحال: چوري ٿيل موبائيل فونن جي خريد و فروخت بابت آءِ جي پوليس کي ٻڌايو ته ضلعي اي ايس ايس پيز ۽ ايسوسيئشنن سان ميٽنگون جاري آهن ۽ فروخت جي رجسٽرن کي برقرار رکيو ويو آهي. سفارشن جي جواب ۾ چوري ٿيل پراپرٽي (گاڏيون) وڪڻندڙ 234 اسڪرپ ڊيلرن ۽ چوري ٿيل موبائيل فونن کي ان بلاڪ ڪرڻ ۾ شامل 27 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اطلاعات کاتي سنڌ ميڊيا جي خلاف ورزين کي ٽريڪ ڪرڻ لاءِ هڪ مانيٽرنگ سسٽم قائم ڪيو آهي جنهن تحت NEPRA کان ڏنڊ عائد ڪري سگهجي ٿو. 27 مارچ 2025 تي ٿيندڙ ليگل ڪميٽي جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت فوجداري ڪوڊ (Cr.P.C.) ۾ ترميمون حتمي شڪل ڏئي رهي آهي جيڪي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيون وينديون. صوبائي حڪام کي هدايت ڏني وئي آهي ته ترميمون نافذ ڪرڻ کان اڳ وفاقي تبديلين جو انتظار ڪن. ڪائونٽر ٽيررازم جا ڪيس: اجلاس ۾ عدالتن ۾ دهشت گردي جي ڪيسن جي مناسب پيروي جي اھميت تي بحث ٿيو. 2025 ۾ ٽوٽل 23 ڪيس درج ڪيا ويا جن مان 7 ڪيسن ۾ چالان ٿي چڪو آهي ۽ اھي سماعت هيٺ آهن انهن مان 4 ڪيسن ۾ سزائون ٿي چڪيون آهن جڏهن ته باقي سماعت هيٺ آهن. 2024 ۾ رڳو ٻه ڪيسن ۾ سزائون ٿيون هيون. انتها پسندي خلاف ڪارروائي: 2025 ۾ پوليس 318 انٽيليجنس بيڊ آپريشن ڪيا، 153 ڪيس درج ڪيا، 84 فردن کي گرفتار ڪيو ۽ 12 کي هلاڪ ڪيو ويو. دهشت گردي جي فنڊنگ روڪڻ جا اقدام: اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته دهشت گردي جي فنڊنگ ۽ ممنوعه تنظيمن جا ٻه ڪيس درج ڪيا ويا آهن جن مان هڪ ۾ چالان ٿي چڪو آهي ۽ اھو سماعت ھيٺ آهي. ريهيبيليشن سينٽر: صوبائي سوشل ويلفيئر ڊيپارٽمينٽ ملير ۽ منگھوپير ۾ ٻه رهائيبيليشن سينٽر قائم ڪيا آهن جيڪي ڊسمبر 2022 کان اينٽي نارڪوٽڪس فورس (ANF) جي اشتراڪ سان ڪم ڪري رهيا آهن. ماڊل پوليس اسٽيشن: سنڌ حڪومت 31 ماڊل پوليس اسٽيشن جي تزئين ۽ آرائش لاءِ 280 ملين رپيا رکيا آهن جن مان 10 مڪمل ٿي چڪا آهن. هٿيارن جي نمائش تي پابندي: 9 جنوري 2024 کان سيڪشن 144 نافذ آهي جنهن تحت هٿيارن جي نمائش تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. چيني شھرين جي حفاظت: سي پيڪ ۽ غير سي پيڪ منصوبن ۾ شامل چيني ورڪرن کي اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (SPU)، فوج، رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور پاران سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي. سمگلنگ خلاف ڪارروائي: ايف بي آر جي نمائندي چيو ته 2024-25 جي ٽئين سماھي ۾ 222 ضبطگين دوران 16214.54 ملين رپين جي سامان ضبط ڪيو ويو، جن ۾ 10008 موبائيل سيٽ ۽ 5027 ٽائر شامل آهن. حب چيڪ پوسٽ: وڏي وزير حب چيڪ پوسٽ جي قيام لاءِ 214 ملين رپيا رکيا آهن. في الحال زمين جي سڃاڻپ ۽ قيمت جو ڪاٿو جاري آهي. هي چيڪ پوسٽ مختلف ايجنيسين جي اشتراڪ سان ڪم ڪندي ۽ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هوندي. ايڪسائيز، ٽيڪسيشن ۽ نشيلي مادا ڪنٽرول ڊيپارٽمينٽ: UNODC ۽ INL جي تڪنيڪي مدد سان ڊيپارٽمينٽ اندر فيوژن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي. سنڌ ڪٽرول آف نارڪوٽڪس سبسٽينس ايڪٽ 2024 کي لاڳو ڪرڻ لاءِ اهم رستن تي چيڪ پوائنٽ قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ٽول پلازن تي سڃاڻپ ٽيڪنالاجي ۽ ريپڊ رسپانس فورسز تعينات ڪيا ويا آهن. غير قانوني هٿيارن جي ضبطگي: 10487 ايف آءِ آر درج ڪري 2574 هٿيار ۽ 14000 گوليون ضبط ڪيون ويون آهن. 2024-25 دوران 301 ڏوهارين کي سزايون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته 7957 ڪيس سماعت هيٺ آهن.
Back