وزيراعليٰ پاران ڦٽاڪن جي دڪان ۾ آتشزدگي جي متاثرن کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت

وزيراعليٰ پاران ڦٽاڪن جي دڪان ۾ آتشزدگي جي متاثرن کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت

Posted on: 22 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (21 آگسٽ): ايم اي جناح روڊ تي ڦٽاڪن جي دڪان ۾ لڳل باهه جا 20 متاثر جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا۔ جڏھن تھ هڪ زخمي شخص ڪاشف بدقسمتي سان فوت ٿي ويو آهي. جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول ان سلسلي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي رپورٽ پيش ڪئي۔ پروفيسر شاهد رسول موجب وڏي وزير جي هدايت تي متاثرن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون۔

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ شخص جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو. ھن متاثرن جي زخمن جي نوعيت بابت تفصيل معلوم ڪئي ۽ هدايت جاري ڪئي ته مريضن کي صحتياب ٿيڻ تائين هر ممڪن بهترين طبي سهولتون ڏنيون وڃن۔ وڏي وزير زور ڏنو ته متاثرن جي علاج ۽ سنڀال ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي۔

Back