چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت پرعزم آھي، وڏو وزير مراد علي شاهه
چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت پرعزم آھي، وڏو وزير مراد علي شاهه
Posted on: 12 Jun 2025 Tags:ڪراچي (12 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارن کان مشقت خلاف عالمي ڏھاڙي جي مناسبت سان سندس پيغام ۾ چيو آهي ته ٻارن کان جبري مشقت جي خاتمي لاءِ سنڌ حڪومت جو عزم وڌيڪ پڪو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ اسڪول داخلا مهم کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويو آهي ته جيئن هر ٻار تعليم حاصل ڪري سگهي. ٻارن کان مشقت خلاف لاڳو قانونن تي سختيءَ سان عملدرآمد يقيني بڻايو پيو وڃي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جاري آهي. وڏي وزير چيو ته ٻارن کان جبري مشقت وٺڻ هڪ سنگين ڏوھھ آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ حڪومت مربوط حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو تھ ٻارن جي تحفظ، تعليم ۽ ڀلائي لاءِ سنڌ حڪومت خاص بجيٽ مختص ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي ڪنوينشن تي مڪمل عملدرآمد سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. چائلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ سماجي تنظيمون ۽ يونيسيف سان ڀائيواري وڌائي پئي وڃي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سال 2025ع دوران سنڌ ۾ ٻارن جي جبري مشقت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، پر مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. اسڪول واپسي مهم ذريعي هزارين ٻارن کي مشقت مان ڪڍي تعليم ڏانهن آندو ويو آهي. وڏي وزير زور ڏنو ته آگاهي مهم جاري رکڻ گهرجن ته جيئن والدين ۽ سماج ٻارن جي حقن بابت باخبر رهن. ٻارن جي صحت، تعليم، تحفظ ۽ فلاح لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن.
Back