چارٽرڊ اڪائونٽنٽس کي ايمانداري، همت ۽ صحيح فيصلن سان اڳتي وڌڻ گهرجي: وڏو وزير

چارٽرڊ اڪائونٽنٽس کي ايمانداري، همت ۽ صحيح فيصلن سان اڳتي وڌڻ گهرجي: وڏو وزير

Posted on: 31 May 2025   Tags:

ڪراچي (30 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان (ICAP) جي ونٽر بيچ 2024 جي ميمبرز ڪانوڪيشن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چارٽرڊ اڪائونٽنٽ بڻجڻ جو ڏکيو سفر نه رڳو پروفيشنل مهارت پيدا ڪري ٿو پر نظم و ضبط، اخلاق ۽ قيادت جون صلاحيتون به پيدا ڪري ٿو جيڪي کين رڳو انگن اکرن جو ماهر بڻائڻ بدران اعتبار جوڳو اڳواڻ بڻائڻ ۾ مدد پڻ ڪري ٿو. هي تقريب هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿي جنهن ۾ نون چارٽرڊ اڪائونٽنٽن جي ڪاميابين کي ساراهيو ويو ۽ ملڪ جي معيشت ۽ پروفيشنل ميدان ۾ انهن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هو پاڪستان جي روشن ذهنن وچ ۾ بيهڻ کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو. وڏي وزير ڪانوڪيشن کي صرف هڪ رسمي تقريب نه پر ٽيلنٽ، محنت، ۽ پاڪستان جي مستقبل جي اميدن جو جشن قرار ڏنو. مراد علي شاهه ICAP جي عزت ۽ وقار کي ساراهيندي چيو ته هي ادارو قومي سطح تي هڪ معتبر مقام رکي ٿو ۽ بين الاقوامي سطح تي به ان جو مقام شاندار آهي. هن چيو ته ICAP مسلسل اهڙا پروفيشنل تيار ڪري رهيو آهي جيڪي مالي شعبي جا اڳواڻ، آڊيٽر، CEO، صلاحڪار ۽ ڪاروباري شخصيتون بڻجي ملڪ جي معيشت جي ترقي ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. چارٽرڊ اڪائونٽنٽ بڻجڻ جي ڏکيائيءَ کي اجاڳر ڪندي وڏي وزير چيو ته هي سند نظم و ضبط، اخلاق ۽ قيادت جون خوبيون پيدا ڪري ٿي، جيڪي پروفيشنلن کي فقط انگن اکرن جو ماهر بڻائڻ بدران اعتبار جوڳو صلاحڪار ۽ بصيرت جوڳو اڳواڻ بڻائي ٿو. وڏي وزير ICAP جي چونڊيل ڪائونسل جي واکاڻ ڪندي چيو ته انهن پيشي جي آزادي کي محفوظ رکيو، نواڻ کي همٿايو ۽ اعليٰ معيار قائم ڪندي ادارو عالمي معيارن سان هم آهنگ رکيو، جنهن سان ان جا ميمبر عالمي سطح تي مقابلي ۽ اڳواڻي لاءِ تيار ٿين ٿا. نون چارٽرڊ اڪائونٽنٽن کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته انهن جي ڪاميابي رڳو امتحان پاس ڪرڻ تائين محدود ناهي پر اها انهن جي محنت، استقامت، ۽ پاڻ تي اعتماد جو ثبوت آهي، جنهن جي ڪري انهن غيرمعمولي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته انهن جو سفر هاڻي شروع ٿيو آهي ۽ انهن جي هي سند نه رڳو دنيا ۾ عزت رکي ٿي پر ان سان وڏي ذميواري به سلهاڙيل آهي. وڏي وزير انهن پروفيشنلن کي ايمانداري، صحيح فيصلا وٺڻ ۽ همت سان اڳواڻي ڪرڻ جي تلقين ڪئي، ڀلي اهي بورڊرومن ۾ هجن، عوامي خدمت ۾ يا ڪاروبار ۾. هن زور ڏنو ته پاڪستان کي ايماندار ۽ باصلاحيت اڳواڻن جي ضرورت آهي جيڪي رجحان ساز هجن ۽ خاص طور تي عوامي شعبي ۾ مثبت تبديلي آڻين. هن ICAP جي ميرٽ، جدت، ۽ پروفيشنل ازم جي عزم کي ساراهيو ۽ ادارو جو ڪردار اجاگر ڪيو، جيڪو اخلاقي ۽ مستقبل جي لاءِ تيار پروفيشنلن جي تربيت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. تقريب ۾ موجود خاندانن جو شڪريو ادا ڪندي وڏي وزير چيو ته هن ڪاميابيءَ ۾ کين قربانيون ۽ سهڪار به شامل آهي ۽ هي ڪاميابي صرف گريجوئيٽس جي نه پر سندن خاندانن جي به آهي. آخر ۾ وڏي وزير نون چارٽرڊ اڪائونٽنٽن کي سندن ڪاميابين تي فخر ڪرڻ ۽ عزم سان اڳتي وڌڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو توهان جي اصل ڪاميابي هاڻي شروع ٿي رهي آهي. توهان وٽ ملڪ جي ترقي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪرڻ جي سگهه آهي ۽ يقين رکو پاڪستان توهان تي ڀروسو ڪري ٿو. تقريب جي پڄاڻي خوشگوار ماحول ۾ نون گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي ٿي جيڪو انهن جي پروفيشنل زندگيءَ ۾ هڪ اهم سنگ ميل ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل ڏانهن هڪ اميد واري وِک آهي.

Back