چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انڊس يونيورسٽي اسپتال جو افتتاح ڪيو
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري انڊس يونيورسٽي اسپتال جو افتتاح ڪيو
Posted on: 30 Dec 2025 Tags:ڪراچي (25 ڊسمبر): پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ انڊس يونيورسٽي اسپتال جو افتتاح ڪيو جيڪو صحت جي شعبي ۾ هڪ تاريخي منصوبي طور سامهون اچي رهيو آهي. هي اسپتال ايندڙ ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان جو سڀ کان وڏو مفت علاج فراهم ڪندڙ اسپتال بڻجي ويندو جنهن ۾ مجموعي طور 1350 بسترا هوندا. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي ڪابينا جا ميمبر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري صحت ريحان اقبال بلوچ، انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ (IHHN) جي بورڊ چيئرمين عبدالڪريم پراچا، بورڊ ميمبر خالد خاناني ۽ سليم رزاق تباني، معزز عطيو ڏيندڙ ۽ ٻيون اهم شخصيتون شريڪ ٿيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انڊس يونيورسٽي اسپتال منصوبو پاڪستان جي صحت واري ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ انهن ماڻهن تائين معياري علاج جي سهولت پهچائڻ ڏانهن وڏو قدم آهي جيڪي علاج جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته منصوبي جي تڪميل کان پوءِ هي اسپتال ڪراچي جي عوام لاءِ صحت جي بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته انڊس يونيورسٽي اسپتال ڪراچي جي وڌندڙ صحت جي ضرورتن کي نظر ۾ رکي ڊزائين ڪيو ويو آهي ۽ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هي ادارو مختلف طبي شعبن ۾ جامع ۽ مڪمل طور مفت سهولتون فراهم ڪندو جنهن مان هر سال لکين مريض فائدو حاصل ڪندا. دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي سينيئر قيادت سان گڏ نون افتتاح ٿيل حصن جو معائنو ڪيو. افتتاح ڪيل حصي ۾ جديد ايمرجنسي ۽ آئوٽ پيشنٽ سهولتون، جديد تشخيصي نظام، عالمي معيار جا آپريشن ٿيٽر ۽ مريض دوست انفراسٽرڪچر شامل آهي جيڪو بين الاقوامي صحت معيارن موجب تيار ڪيو ويو آهي. اسپتال جي وڌيڪ تعمير ۽ سهولتن جي توسيع ايندڙ ٽن سالن ۾ مڪمل ڪئي ويندي. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي مفت، سستو ۽ معياري علاج مهيا ڪرڻ لاءِ مڪمل طور پرعزم آهي ۽ ان ڏس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ صوبو جو هڪ ڪامياب ترين ماڊل آهي. هن انڊس اسپتال جي شروعاتي ڏينهن کي ياد ڪندي چيو ته جڏهن ڊاڪٽر عبدالباري پهريون ڀيرو ساڻس مليو تڏهن هو رڳو ڪجهه مهينن کان صوبائي وزيرِ ريونييو هو. هن چيو ڊاڪٽر باري 25 کان 40 ڪروڙ رپين جي گرانٽ جي درخواست ڪئي ۽ مون کي اسپتال گهمڻ جي دعوت ڏني. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسپتال ويو ته پنهنجي ڪاليج ۽ اسڪول جي ڪيترن ئي پراڻن دوستن سان ملاقات ٿي جيڪي رضاڪاراڻي طور پروفيشنل خدمتون سرانجام ڏئي رهيا هئا. وڏي وزير ٻڌايو ته ان وقت جي وڏي وزير کان گرانٽ جي منظوري ورتي وئي جيڪا فوري طور منظور ٿي ۽ شروعاتي رقم زمين خريد ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي. هن چيو اهڙي ريت هي سفر شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين جاري آهي. سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ حڪومت شروعاتي طور انڊس اسپتال کي 30 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏني جيڪا وقت سان گڏ وڌندي هن سال 8 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي. هن چيو هي گرانٽ باقاعدي ادا ڪئي پئي وڃي. هر ڀيري جڏهن مان انڊس آيس ته ڊاڪٽر باري سان ملاقات ٿي شايد هي منهنجو ستون يا اٺون دورو آهي ۽ جڏهن به هن ڪا درخواست ڪئي، مون کي ان کي پورو ڪرڻ جو حوصلو ٿيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت بعد ۾ انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ سان بدين جي هڪ ننڍڙي اسپتال کان شراڪت شروع ڪئي. هن چيو اها شراڪت بدين کان شروع ٿي ۽ ڪڏهن به نه رڪي. اڄ به اسان اتي انڊس کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو تصور نٿا ڪري سگهون. هن ٻڌايو ته ڄامشورو ريجنل بلڊ سينٽر به انڊس نيٽ ورڪ حوالي ڪيو ويو آهي جيڪو هاڻي سڄي علائقي ۾ لڳ ڀڳ 20 هزار رت جون ٿالهيون فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. وڏي وزير چيو ته 2018 کان پوءِ هي شراڪت وڌيڪ مضبوط ٿي خاص طور جڏهن ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو صوبائي وزيرِ صحت بڻيون. هن چيو ته ڪووڊ-19 دوران انڊس اسپتال انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو جڏهن پهريون ڪووڊ مريض سامهون آيو ته منهنجي شروعاتي فون ڪالن مان هڪ ڊاڪٽر فيصل باري کي هئي. انهن جي صلاح تي اسان ٽيسٽنگ جي صلاحيت وڌائي. جتي ٻين ادارن ۾ روزانو صرف 60 کان 70 ٽيسٽ ٿي رهيا هئا، اتي انڊس ان کي وڌائي هڪ هزار ٽيسٽ روزانه تائين پهچايو، ۽ ڪجهه هفتن ۾ ان کان به وڌيڪ وڌايو. هن مڃيو ته ڪووڊ کان پوءِ واري دور ۾ معيشت ۽ عطيا ڏيندڙن جي سهڪار تي سخت اثر پيو پر سنڌ حڪومت انڊس اسپتال سان گڏ بيٺي. هن چيو انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ اڪيلي نه پر سنڌ حڪومت به هن نيٽ ورڪ جو حصو آهي. مريضن جي انگن اکرن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته انڊس اسپتال ۾ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو مريض لانڍي ۽ ڪورنگي مان، 20 سيڪڙو ڪراچي جي ٻين علائقن مان جڏهن ته لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو مريض ڪراچي کان ٻاهر جن ۾ بلوچستان ۽ پنجاب جا مريض به شامل آهن، اچن ٿا. هن چيو هي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ ڪيل ڪم ٻين صوبن کان گهڻو اڳتي آهي، ۽ اهو اسان شراڪتدارن جي سهڪار سان حاصل ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ سان تپ دق (ٽي بي) ڪنٽرول ۽ ريبيز جي روڪٿام جهڙن شعبن ۾ به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ کي وڌايو آهي، ۽ وڌيڪ منصوبا تيار ڪيا پيا وڃن. هن چيو اڄ هي 1,350 بستري وارو اسپتال آهي، جيڪو اڃا به وڌي رهيو آهي، ۽ هتي هڪ ميڊيڪل ڪاليج به قائم ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير بدين ۾ صحت جون سهولتون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا منصوبا به اعلان ڪيا جن تحت پوري ضلعي کي هڪ مرڪزي اسپتال سان ڳنڍيو ويندو ۽ تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتالن کي انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ جي سهڪار سان بهتر بڻايو ويندو. هن چيو اسان ايندڙ سال جي پهرين هفتي کان هن ڪم جي شروعات ڪنداسين. خطاب جي پڄاڻي تي سيد مراد علي شاهه ورجايو ته مفت يا سستي ۽ معياري علاج مهيا ڪرڻ حڪومتن جي ذميواري آهي. هن چيو جيڪي ماڻهو هن نيڪ مشن ۾ اسان سان گڏ آهن، اهي اسان جا شراڪتدار آهن ۽ اهي شراڪتون تڏهن تائين جاري رهنديون، جيستائين اسان پنهنجي عوام لاءِ مفت ۽ معياري صحت جون سهولتون يقيني نه بڻايون ۽ تقريب جي ميزباني تي انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ جو شڪريو ادا ڪيو. انڊس هيلٿ نيٽ ورڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين عبدالڪريم پراچا سنڌ حڪومت جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته هن تعاون سان صوبي جي عوام لاءِ صحت جون سهولتون اڳتي وڌي رهيون آهن. انڊس اسپتال جي صدر ڊاڪٽر عبدالباري خان هن منصوبي کي پاڪستان جي صحت نظام لاءِ هڪ انقلابي اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ سنڌ حڪومت جي لڳاتار سهڪار کي ساراهيندي چيو ته تڪميل کان پوءِ انڊس يونيورسٽي اسپتال ملڪ ۾ عالمي معيار ۽ هر ڪنهن لاءِ قابلِ رسائي علاج جو نئون معيار قائم ڪندو. انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي سي اي او پروفيسر سيد ظفر زيدي چيو ته انڊس يونيورسٽي اسپتال همدردي، وقار ۽ مريض مرڪز نگهداشت واري ويزن جو ارتقا آهي، جنهن تحت علاج، تعليم ۽ تحقيق کي هڪ ڇت هيٺ گڏ ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته 72 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ انڊس يونيورسٽي اسپتال ايندڙ ٽن سالن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. هي 20 ايڪڙن تي پکڙيل ڪيمپس تي قائم آهي جنهن جو تعمير ٿيل ايراضي 35.2 لک چورس فٽ هوندو جڏهن ته تڪميل کان پوءِ ان ۾ 1350 بسترا هوندا. هي اسپتال مربوط نگهداشت واري ماڊل تحت ڪم ڪندو، جتي مفت بنيادي، ثانوي ۽ ثالثي طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ ان ۾ 36 عالمي معيار جا آپريشن ٿيٽر شامل هوندا. ان سان گڏ ڪينسر ڪيئر، طبي جدت ۽ تحقيق جا مرڪز به قائم ڪيا ويندا، جيڪي ست ڪاليجن تي ٻڌل هيلٿ سائنسز يونيورسٽي سان ڳنڍيل هوندا.
Back