فن امن جو هٿيار آهي، نوجوان نسل ان جا بي خوف سپاهي آهن: مراد علي شاهه
فن امن جو هٿيار آهي، نوجوان نسل ان جا بي خوف سپاهي آهن: مراد علي شاهه
Posted on: 26 May 2025 Tags:ڪراچي (24 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته فن اسان جو امن جو هٿيار آهي ۽ اسان جي نوجوان نسل ان جا بي خوف سپاهي آهن تنهن ڪري اسان کي انهن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو پوندو ته جيئن اهي امن ۽ سڪون لاءِ پنهنجيون ڪارڪردگيون جاري رکن. اها ڳالهه هن آرٽس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ سنڌ ۾ اسڪول آف ويژول اينڊ پرفارمنگ آرٽس ۾ ٽن ڏينهن واري آرٽس ايلومني فيسٽيول جي افتتاح تقريب دوران ڪئي. هي فيسٽيول آرٽس جي تعليم ۾ پنجن ڏهاڪن جي ڪاميابين جو جشن ملهائي رهيو آهي. وڏي وزير تخليقي ذهنن جي تربيت ۾ آرٽس ڪائونسل جي ڪردار کي ساراهيو ۽ فيسٽيول کي پاڪستان جي شهيدن ۽ پاڪ فوج جي بهادري جي نالي منسوب ڪيو ۽ ان کي قومي ٻڌيءَ ۽ ثابت قدمي جي علامت قرار ڏنو. مراد علي شاهه شاگردن ۽ انتظاميه کي ڪامياب فيسٽيول جي شروعات تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان جي شهيدن ۽ پاڪ فوج جي شاندار ڪاميابين جي نالي تي هي ايونٽ منسوب ڪرڻ تي آرٽس ڪائونسل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ ان کي قومي اتحاد ۽ فخر جي بهترين مثال قرار ڏنو. هن چيو ته اسان سڀ کان پهريان هڪ قوم آهيون. اسان جون پاڪ فوجون وطن جي هر انچ جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهن. وڏي وزير خاص طور تي پاڪ فوج جي قيادت جي حالين امن دشمن سرگرمين جي خلاف مضبوط ۽ مؤثر حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن قومي حوصلي کي وڌايو ۽ عالمي سطح تي پاڪ فوج جي وقار کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. مراد شاهه وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي شهيدن جون قربانيون ملڪ جي دفاع جي بنياد آهن. هن 1965 جي جنگ، 1971 جي جنگ ۽ ڪارگل آپريشن جهڙن اهم لمحن کي قومي ثابت قدمي ۽ بهادري جون مثالون قرار ڏنو. وڏي وزير سنڌ آرٽس ڪائونسل جي تعليمي، فني ۽ ادبي سرگرمين جي تسلسل کي ساراهيو. هن چيو ته آرٽس ايلومني فيسٽيول 2025 نوجوان شاگردن کي پنهنجي تخليقي سفر ۾ نئين راهون ڳولڻ جي ترغيب ڏيندو جن ۾ پينل ڊسڪشن، ٿيٽر، موسيقي، مصوري جي نمائشون ۽ ڄاڻ ڏيندڙ ورڪشاپ شامل هوندا. هن وڌيڪ چيو ته مان جڏهن به آرٽس ڪائونسل ايندو آهيان، مان نئين اميد سان واپس ايندو آهيان. نوجوانن جي توانائي، جدت ۽ صلاحيت مون کي يقين ڏياري ٿي ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي. وڏي وزير شاگردن ۽ نوجوانن کي نشانو بڻائيندڙ امن دشمن سرگرمين تي به ڳالهايو. هن حالين المناڪ واقعن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ خضدار بلوچستان ۾ اسڪول بس تي دهشتگرد حملو جنهن ۾ ڪيترائي معصوم شاگرد شهيد ٿيا ۽ بهاولپور ۾ تعليمي اداري تي حملو شامل آهي. هن انهن حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ سنڌ حڪومت پاران ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي تائين پهچائڻ جي عزم ڪندي متاثر ٿيل خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته امن جا دشمن هٿيار ۽ بارود استعمال ڪن ٿا پر اسان جا شاگرد قلم ۽ برش جي طاقت سان مقابلو ڪن ٿا. تعليم ۽ فن جي ذريعي توهان کي انهن جي نفرت انگيز سوچ کي شڪست ڏيڻي پوندي. مراد شاهه چيو ته آرٽس ڪائونسل جهڙا ادارا نه صرف تخليقي صلاحيتن جي پرورش ڪري رهيا آهن پر سنڌ ۽ پاڪستان جي پرامن سڃاڻپ کي عالمي سطح تي اجاگر ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسين اهڙي قوم آهيون جيڪا فن، ادب ۽ ثقافت سان واڳيل آهي. اسان جا شاگرد آئي ٽي جهڙن شعبن ۾ به اڳواڻي ڪري رهيا آهن ۽ دشمنن جي ڊجيٽل حڪمت عملين کي ناڪام بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
Back