غيرت جي نالي تي قتل ناقابل برداشت: مراد علي شاهه جو ڪنڊيارو واقعي تي نوٽيس، قاتلن جي فوري گرفتاري جو حڪم

غيرت جي نالي تي قتل ناقابل برداشت: مراد علي شاهه جو ڪنڊيارو واقعي تي نوٽيس، قاتلن جي فوري گرفتاري جو حڪم

Posted on: 01 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (28 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪنڊيارو ۾ پسند جي پرڻي تي نياڻي جي وحشيانه قتل جو نوٽيس وٺندي آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري کي واقعي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ وڏي وزير روايتن ۽ عقيدن جي نالي تي قتل کي ناقابل قبول قرار ڏيندي قاتلن جي فوري گرفتاري ۽ سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي۔ مراد علي شاهه واضح ڪيو ته جرگي جي نالي تي فيصلا ڪندڙ به ڏوهي آهن۔ هن چيو ته غيرت جي نالي تي عورتن جو قتل ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔ وڏي وزير مقتول جي وارثن کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي چيو ته حڪومت عورتن جي حقن جي تحفظ ۽ سندن سلامتي لاءِ پرعزم آهي۔

Back