گل پلازا سانحي جي متاثر واپارين لاءِ معاوضي جو عمل تيز، مراد علي شاهه جو دورو ۽ عارضي جڳهون فراهم ڪرڻ جو اعلان
گل پلازا سانحي جي متاثر واپارين لاءِ معاوضي جو عمل تيز، مراد علي شاهه جو دورو ۽ عارضي جڳهون فراهم ڪرڻ جو اعلان
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچي (14 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه جمعي ڏينهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (KCCI) ۾ قائم تصديقي ڪائونٽرن جو دورو ڪيو جتي هن گل پلازا سانحي کان متاثر ٿيل واپارين سان ملاقات ڪري نقصانن جي تصديق واري عمل جو جائزو ورتو۔ وڏي وزير متاثر واپارين کي خاطري ڪرائي ته صوبائي حڪومت کين عارضي طور پارڪنگ پلازا، نيو جامعہ مارڪيٽ ۽ ڪورنگي روڊ تي واقع رائل مارڪيٽ ۾ متبادل جڳهه فراهم ڪندي، جڏهن ته نقصانن جو مڪمل معاوضو پڻ ادا ڪيو ويندو۔ وڏي وزير جي هدايت تي ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۾ خصوصي ڪائونٽر قائم ڪيا ويا آهن، جتي گل پلازا کان متاثر واپارين جي نقصانن، ملڪيت يا ڪرائي داري جي دعوائن جي تصديق ڪئي پئي وڃي۔ ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير ناصر حسين شاه، ڄام اڪرام ڌاريجو، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا۔ چيمبر ۾ وڏي وزير ڪي سي سي آءِ جي اڳواڻن زبير موتي والا ۽ جاويد ٻلواڻي سان ملاقات ڪئي۔ ان دوران گل پلازا کان متاثر دڪاندارن جو وڏو انگ پڻ موجود هو جيڪي قائم ڪيل ڪائونٽرن تي پنهنجي نقصانن، دڪانن جي ملڪيت يا ڪرائي داري ۽ سامان جي نقصان بابت دعوائن جي تصديق ڪرائي رهيا هئا۔ وڏي وزير ذاتي طور ڪائونٽرن جو دورو ڪري تصديقي عمل جو جائزو ورتو۔ خطاب ڪندي مراد علي شاه چيو ته سنڌ حڪومت سانحي جي 62 شهيدن مان 45 خاندانن کي في خاندان هڪ ڪروڙ رپيا ادا ڪري چڪي آهي۔ هن ٻڌايو ته متاثر دڪاندارن لاءِ پنج لک رپيا في کس جي حساب سان هڪ هزار 153 معاوضي جا چيڪ ورهائڻ لاءِ تيار آهن۔ هن چيو ته اسان متاثر واپارين جي مڪمل بحالي لاءِ پرعزم آهيون ۽ جيستائين هو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي نه وڃن، تيستائين چين سان نه ويهنداسين. ڪي سي سي آءِ جي ڪانفرنس روم ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ان کي دل ڏاريندڙ سانحو قرار ڏنو۔ هن چيو ته حڪومت هر ممڪن طريقي سان متاثرن سان گڏ بيٺي آهي جڏهن ته آصف علي زرداري پڻ هدايت ڪئي آهي ته متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو وڃي ۽ سندن بحالي يقيني بڻائي وڃي۔ مراد علي شاه شفاف نموني تصديقي عمل مڪمل ڪرڻ تي ڪراچي چيمبر جي ساراهه ڪئي ۽ چيو ته اهو عمل ايندڙ ڏينهن تائين مڪمل ڪيو ويندو۔ هن ڪمشنر ڪراچي کان تصديق ٿيل فهرست طلب ڪندي اعلان ڪيو ته منظوري کان پوءِ پنجن ڏينهن اندر فنڊ جاري ڪيا ويندا۔ هن يقين ڏياريو ته آءُ اڄ ئي سمري منظور ڪندس ۽ پنجن ڏينهن اندر معاوضي جا چيڪ متاثرن تائين پهچايا ويندا. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته متاثر واپارين کي عارضي طور پارڪنگ پلازا، نيو جامعہ مارڪيٽ ۽ رائل مارڪيٽ ڪورنگي روڊ ۾ جڳهه ڏني پئي وڃي ۽ گل پلازا جي ٻيهر تعمير پڻ ڪئي ويندي۔ هن زور ڀريو ته هن سانحي کان متاثر روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ مزدورن کي به نظرانداز نه ڪيو وڃي۔ باهه کان بچاءَ جي قدمن تي ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي کي لڳ ڀڳ 200 فائر ٽينڊرن جي ضرورت آهي، موجود کوٽ کي تسليم ڪندي ٻڌايو ته هڪ سال اندر گهربل تعداد جو بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي۔ هن واپاري برادري تي زور ڏنو ته پنهنجي تجارتي مرڪزن ۾ فائر سيفٽي اوزارن جي تنصيب کي يقيني بڻائين۔ ان موقعي تي زبير موتي والا سنڌ حڪومت جي فوري ردعمل تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته چيمبر ايمانداري سان تصديقي عمل مڪمل ڪري رهيو آهي۔ هن ٻڌايو ته جن واپارين جي تصديق مڪمل ٿي چڪي آهي تن کي فوري معاوضي لاءِ سفارش ڪئي پئي وڃي ۽ سڀني ڪاروباري ماڻهن کي باهه کان بچاءَ جا انتظام يقيني بڻائڻ جي صلاح ڏني۔ آخر ۾ وڏي وزير ان عزم جو اعادو ڪيو ته سنڌ حڪومت نقصانن جي ازالي، واپارين ۽ مزدورن جي بحالي ۽ گل پلازا جي جلد نئين سر تعمير لاءِ پختي عزم سان قدم کڻندي رهندي۔