گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي جي اڳڀرائي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ اجلاس
گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي جي اڳڀرائي تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ اجلاس
Posted on: 02 Nov 2025 Tags:تعميراتي ڪم جو بهترين وقت نومبر کان جون تائين آهي، ان عرصي دوران ڪم ۾ تيزي آندي وڃي، وڏو وزير
12.15 ڪلوميٽر ڊگهي پل لاءِ 723 مان 379 پائلز لڳايا ويا، ورڪس کاتي جي بريفنگ
ايندڙ هفتي منصوبي جو جائزو ۽ ايندڙ مهيني بنا اطلاع پل سائيٽ جو دورو ڪندس، مراد علي شاهه
ڪراچي (31 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي جي اڳڀرائي بابت جائزو اجلاس ٿيو جيڪو صوبي جا سڀ کان اهم انفراسٽرڪچر منصوبن مان هڪ آهي ۽ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو۔ اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پروفيسر ڊاڪٽر سروش لوڌي ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي۔ اجلاس دوران وڏي وزير ٻڌايو ته هو گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل منصوبي بابت پنج اجلاس ڪري چڪو آهي ۽ ذاتي طور تي ان جي اڳڀرائي جي نگراني ڪري رهيو آهي۔ هن چيو ته ٽيڪنيڪل لحاظ سان پل جي تعمير لاءِ ڪم ڪرڻ جو مناسب وقت نومبر کان جون تائين هوندو آهي جڏهن درياهه جو پاڻي گهٽ سطح تي هوندو آهي تنهنڪري هن عرصي دوران ڪم ۾ تيزي آڻڻ لازمي آهي. سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته مون کي نومبر کان جون تائين تيز ترين پيش رفت ڏسڻ چاهيان ٿو ته جيئن نومبر-ڊسمبر 2026 تائين پل ڪنهن حد تائين مڪمل ٿي وڃي. ورڪس کاتي وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته منصوبي لاءِ اعليٰ معيار جا انجنيئر مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ٺيڪيدار پنهنجي مڪمل ٽيم سائيٽ تي موڪلي ڏني آهي ته جيئن ڪم ۾ رفتار اچي۔ ٻڌايو ويو ته 12.15 ڪلوميٽر ڊگهي پل لاءِ 723 پائلز مان 379 لڳايا ويا آهن جڏهن تہ باقي 353 پائلز ۽ گرڊر ڊسمبر تائين مڪمل ڪيا ويندا۔ وڏي وزير کي آگاهي ڏني وئي ته سائيٽ تي تعميراتي سرگرميون ٻيهر شروع ٿي چڪيون آهن ۽ اطمينان بخش طريقي سان جاري آهن۔ مراد علي شاهه پوليس ۽ رينجرز کي هدايت ڪئي ته پل جي سائيٽ تي مڪمل سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي۔ هن چيو هاڻي سيڪيورٽي جو ڪو مسئلو ناهي مان هاڻي صرف عملي ڪم جي رفتار ڏسڻ ٿو چاهيان. سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو ته هو ايندڙ هفتي منصوبي جو پاڻ جائزو وٺندو ۽ ايندڙ مهيني بنا اطلاع جي پل سائيٽ جو دورو ڪندو ته جيئن ڪم جي رفتار جو جائزو وٺي سگهي۔ وڏي وزير گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل کي نه رڳو سنڌ پر پنجاب ۽ بلوچستان جي معاشي رابطن لاءِ به انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ ورڪس ۽ پي پي پي يونٽ کاتن کي هدايت ڪئي ته منصوبي کي تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن اهو وقت سر مڪمل ٿي سگهي۔
Back