هارين کي جديد ٽيڪنالاجي، پاڻي جي دستيابي ۽ جديد پوک جي طريقن سان آگاه ڪيو وڃي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

هارين کي جديد ٽيڪنالاجي، پاڻي جي دستيابي ۽ جديد پوک جي طريقن سان آگاه ڪيو وڃي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

Posted on: 02 May 2025   Tags:

ڪراچي (30 اپريل)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سندس حڪومت صوبي ۾ زرعي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيترن ئي قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ چاهي ٿي جن ۾ زرعي مشينري جو استعمال (فارم ميڪنائيزيشن) ۽ ڪڻڪ ۽ چانور جي فصلن لاءِ زرعي سبسڊي شامل آهن. هن مقصد لاءِ هن زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو ننڍن هارين لاءِ هڪ چئن سالن وارو پيڪيج تيار ڪري. مراد علي شاهه زراعت، خوراڪ ۽ آبپاشي کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو هارين کي جديد ٽيڪنالاجي، پاڻي جي دستيابي ۽ جديد پوک جي طريقن سان آگاه ڪري. وڏي وزير فصلن جي منصوبي لاءِ پاڻي جي دستيابي کي سمجهڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته هارين کي منافعي بخش فصلن جي پوک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.هن اها ڳالهه وزيراعليٰ هاؤس ۾ زراعت، خوراڪ ۽ آبپاشي کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي چيو. اجلاس ۾ وزير آبپاشي جام خان شورو، وزير زراعت محمد بخش مهر، وڏي وزير جو صلاحڪار سيد قاسم نويد، خوراڪ بابت صلاحڪار جبار خان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو بقاءُ الله انڙ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري زراعت سہيل قريشي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته "فارم ميڪنائيزيشن" تحت هڪ کان 25 ايڪڙ زمين رکڻ وارن ننڍن هارين لاءِ "ليزر ٽيڪنالاجي سان زمين جي برابري" ۽ "هٿراڌو لڻڻ وارو اوزار" جهڙي مشينري متعارف ڪرائي وڃي. هن چيو ته زمين جي برابري (ليولنگ) جي سهولت انهن هارين کي ڀاڙي تي فراهم ڪئي وڃي. مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ ۽ چانور جي فصلن لاءِ ٻج، ڀاڻ ۽ جڙي ٻوٽيون يا ڪيڙي مار دوا تي رعايت ڏئي سگهجي ٿي خاص طور تي انهن هارين کي جن وٽ هڪ کان 25 ايڪڙ زمين آهي. ليزر لينڊ ليولنگ جا فائدا: مراد علي شاهه نشاندهي ڪئي ته ليزر ٽيڪنالاجي ذريعي زمين کي برابر ڪرڻ سان 20 کان 30 سيڪڙو آبپاشي جو پاڻي بچائي سگهجي ٿو. هن طريقي سان پيداوار ۾ 6 کان 10 سيڪڙو تائين واڌ ممڪن آهي ۽ آبپاشي جو وقت 50 سيڪڙو تائين گهٽجي وڃي ٿو. نتيجي ۾ هارين جي آمدني ۾ 20 سيڪڙو واڌ ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه هي طريقو زمين جي سيم ۽ ٿور کان بچاءُ ۽ زرعي جنسن جي متوازن استعمال ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. وڏي وزير مراد علي شاهه "هٿراڌو لڻڻ وارو اوزار" بابت ٻڌايو ته هڪ تحقيق موجب هن اوزار جي استعمال سان لڻائي جي وقت ۽ مزدوري ۾ 20 کان 30 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ٿي. هي اوزار 90 کان 95 سيڪڙو تائين ٻج جي صحيح جاءِ ۽ وچولي فاصلي کي يقيني بڻائي ٿو جيڪا هارين جي جسماني مشقت ۾ 40 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ٿي. هن چيو ته هن پلانٽر جي استعمال سان پيداوار ۾ 10 کان 20 سيڪڙو واڌ ممڪن آهي ۽ مٽي جي خرابي ۽ ڪٽاءُ ۾ 20 کان 30 سيڪڙو گهٽتائي اچي ٿي ۽ لڻائي جي خرچن ۾ 5 کان 25 سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. ننڍن هارين جي زمين ۽ مشينري جي ضرورت: وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هڪ کان 25 ايڪڙ تائين زمين رکندڙ هارين جي مجموعي زمين 3552980 ايڪڙ آهي. اهي تقريبن 35 لک ايڪڙ زمين کي برابر ڪرڻ لاءِ ٽن سالن جي منصوبي ۾ 2961 ليزر ليولرز گهربل هوندا. مجموعي اثرات: وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته زرعي جنسن تي رعايت جي نتيجي ۾ ڪڻڪ ۽ چانور جي پيداوار ۾ خاطرخواهه واڌ ممڪن آهي. بيج تي رعايت سان پيداوار ۾ 13 سيڪڙو، ڊي اي پي ۽ يوريا تي رعايت سان 5 سيڪڙو ۽ جڙي ٻوٽين ۽ ڪيڙي مار دوائن تي رعايت سان پڻ 5 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي پوک 31 لک ايڪڙ ۽ چانور جي پوک 20 لک ايڪڙ علائقي تي ٿيندي آهي. ڪڻڪ لاءِ 38 لک مڻ ۽ چانور لاءِ 9.9 لک مڻ بيج گهرجي. ان جي ڀيٽ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جا 32 لک مڻ ۽ چانور جا 9 لک 42 هزار 577 مڻ بيج موجود آهن جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪڻڪ جي ٻج ۾ 6 لک مڻ ۽ چانور جي بيج ۾ 45 هزار 423 مڻ جي گھٽتائي آهي. ان تي وڏي وزير زراعت کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هر ممڪن طريقي سان تصديق ٿيل ٻج جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. کاتن ۾ مؤثر تعاون تي زور: مراد علي شاهه زراعت، خوراڪ ۽ آبپاشي کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو گڏيل تعاون ذريعي هارين کي جديد ٽيڪنالاجي، پاڻي جي دستيابي ۽ جديد زرعي طريقن بابت وقت سر ڄاڻ پهچائين. هن چيو ته هارين کي پاڻي جي دستيابي بابت ڄاڻ هئڻ ضروري آهي ته جيئن اهي پنهنجي فصلن کي بهتر طريقي سان پوکي سگهن. هن چيو ته هارين کي مارڪيٽ ويليو رکڻ واري فصلن جي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته جيئن هو منافعي بخش فصلن کي پوکي سگهن.

Back