حضرت محمد ﷺ جي 1500 هين ولادت باسعادت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، وڏو وزير
حضرت محمد ﷺ جي 1500 هين ولادت باسعادت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، وڏو وزير
Posted on: 04 Sep 2025 Tags:ڪراچي (27 آگسٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ عيد ميلادالنبي ﷺ (12 ربيع الاول) جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي ۽ بجلي جي فراهمي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، سيد ناصر حسين شاهه، سعيد غني، ضياءُالحسن لنجار، رياض شاهه شيرازي، سينيٽر وقار مهدي ۽ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جا نمائندا به اجلاس ۾ موجود هئا۔ اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي سڀئي ڊويزنل ڪمشنر ۽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل پڻ شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي حاجي حنيف طيب، مفتي نظير جان، ڊاڪٽر صاحبزادو فريدالدين قادري، ثروت اعجاز قادري، مولانا محمد اڪبر درس، مولانا قاضي احمد نوراني، علامه ڊاڪٽر جميل راٺوڙ، مفتي محمد قاسم ۽ علامه اشرف گورماڻي سميت وڏي تعداد ۾ علما ڪرام پڻ موجود هئا۔ اجلاس ۾ وڏي وزير شرڪت ڪندڙن کي ربيع الاول جي آمد تي مبارڪباد ڏني۔ وڏي وزير چيو ته حضرت محمد ﷺ جي 1500 هين ولادت باسعادت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي۔ هن چيو ته حضور ﷺ جي ولادت سڄي انسانيت لاءِ رحمت ۽ شفقت جو پيغام آهي۔ وڏي وزير آءِ جي پوليس کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ ربيع الاول جي سڀني پروگرامن ۽ جلوسن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن۔ سيد مراد علي شاهه ڊويزنل ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته سڀني ضلعن ۾ صفائي سٿرائي جا مڪمل انتظام ڪيا وڃن ۽ جتي ضرورت هجي اتي روڊن ۽ نيڪاليءَ جي نظام جي فوري مرمت ڪئي وڃي۔ هن ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو تي زور ڏنو ته هو ڊويزن ۽ ضلعي انتظاميه سان مڪمل رابطي ۾ رهي، جشن دوران بنا رڪاوٽ بجلي فراهم ڪن۔ عالم سڳورن عيد ميلادالنبي ﷺ کي مذهبي جوش ۽ خروش سان ۽ پرامن ماحول ۾ ملهاڻ لاءِ مختلف تجويزون پيش ڪيون۔ وڏي وزير يقين ڏياريو ته سيڪيورٽي، صفائي ۽ انتظامي رابطي بابت تجويزن تي عمل ڪيو ويندو۔ انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي ته هو عالم سڳورن سان مسلسل رابطي ۾ رهي انتظامن کي آسان بڻائين۔ وڏي وزير زور ڏنو ته عيد ميلادالنبي ﷺ شايانِ شان نموني سان ملهايو ويندو، جيڪو اتحاد، عقيدت ۽ احترام جي عڪاسي ڪندو۔
Back