هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ سنڌ پرعزم: مراد علي شاهه جو 2030 تائين عالمي هدف حاصل ڪرڻ جو عزم
هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ سنڌ پرعزم: مراد علي شاهه جو 2030 تائين عالمي هدف حاصل ڪرڻ جو عزم
Posted on: 01 Aug 2025 Tags:ڪراچي (28 جولائي): عالمي هيپاٽائٽس ڏھاڙي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنهنجي عزم جو اعاده ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت صوبي جي هر شهري کي معياري علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت هيپاٽائٽس خلاف جنگ ۾ سڀ کان اڳيان آهي ۽ شهري توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هيپاٽائٽس بي ۽ سي جي مفت سڃاڻپ ۽ علاج جون سهولتون وڌايون پيون وڃن۔ وڏي وزير عوام کي اپيل ڪئي ته احتياطي قدم کڻن ۽ وقت سر علاج ڪرائين. هن پڪو ارادو ظاهر ڪيو ته سنڌ 2030 تائين هيپاٽائٽس جي خاتمي لاءِ مقرر ٿيل عالمي صحت هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پوري طرح ڪوششون جاري رکندو۔ مراد علي شاهه چيو ته صحت جي شعبي ۾ نمايان سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (WHO) سان سهڪار جاري آهي ته جيئن سنڌ کي هڪ صحتمند صوبو بڻائي سگهجي۔
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat