جمهوريت ۾ اعتماد شفافيت، شموليت، جدت ۽ انصاف سان جڙيل آهي، سيد مراد علي شاهه
جمهوريت ۾ اعتماد شفافيت، شموليت، جدت ۽ انصاف سان جڙيل آهي، سيد مراد علي شاهه
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچي (6 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جمهوري اعتماد شفافيت، شموليت، جدت ۽ انصاف سان قائم ٿئي ٿو جڏهن ته پارليامينٽ عوام ۽ رياست جي وچ ۾ سڀ کان سڌو ۽ مضبوط پل آهي. هن زور ڏنو ته عوامي اعتماد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ شفافيت، جوابدهي ۽ مستقل ڪارڪردگي انتهائي ضروري آهن. هو صوبائي اسيمبلي ۾ ستين سي پي اي ايشيا ۽ ٻي گڏيل سي پي اي ايشيا–ڏکڻ اوڀر ايشيا علائقائي ڪانفرنس 2026 جي اختتامي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وڏي وزير ايشيا ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا مان آيل پارلياماني وفدن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اسپيڪر سنڌ اسيمبلي سيد اويس قادر شاهه کي مهمان نوازي سان ڪانفرنس جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته حڪومتي ۽ اپوزيشن قيادت جي موجودگي جمهوري ادارن جي پختگي ۽ پارلياماني روايتن جي احترام جو ثبوت آهي. ڪانفرنس جي موضوع “مستقبل جون پارليامينٽون: اعتماد، شموليت، جدت ۽ امن وسيلي جمهوريت جي نئين تشريح” جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته اعتماد رڳو تقريرن سان نٿو ٺهي پر اهڙن ادارن سان قائم ٿئي ٿو جيڪي منصفاڻي نموني خدمتون مهيا ڪن، بغير دير جي انصاف کي يقيني بڻائن ۽ سڀني شهرين کي برابر موقعا فراهم ڪن. هن پارليامينٽن کي عوام ۽ رياست جي وچ ۾ سڀ کان سڌو رابطو قرار ڏيندي چيو ته شفافيت، جوابدهي ۽ مستقل ڪارڪردگي عوامي اعتماد وڌائڻ لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿيون. هن حقيقي شموليت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن، نوجوانن، اقليتن ۽ معذور ماڻهن جي بامعنيٰ نمائندگي ۽ بااختياري کانسواءِ جمهوريت مضبوط نٿي ٿي سگهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪمراني ۾ جدت رڳو ٽيڪنالاجي تائين محدود ناهي پر بهتر طريقه ڪار، اثرائتي عوامي صلاح مشورا، مضبوط نگراني ۽ شفاف ڊيٽا شيئرنگ به ان جو حصو آهن. هن غلط معلومات ۽ ڊجيٽل نقصانن سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو ذڪر ڪندي ذميوار ۽ جديد قانون سازي جي ضرورت تي زور ڏنو. علائقائي چئلينجن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته امن رڳو تڪرارن جي غير موجودگي جو نالو ناهي پر انصاف، رواداري ۽ اميد سان حاصل ٿئي ٿو خاص طور تي اهڙي علائقي ۾ جتي معاشي دٻاءُ، موسمياتي خطرا ۽ سماجي تڪرار موجود هجن. هن پارلياماني جمهوريت ۽ علائقائي پارلياماني تعاون لاءِ سنڌ حڪومت جي عزم جو ٻيهر اظهار ڪيو ۽ دولتِ مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن (سي پي اي) جي قيادت خاص طور تي سيڪريٽري جنرل اسٽيڦن ٽوِگ جي ڪردار کي ساراهيو جيڪي مختلف مقننائن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏئي رهيا آهن. وڏي وزير وفدن تي زور ڏنو ته ڪانفرنس ۾ منظور ڪيل ڪراچي چارٽر کي زنده عزم طور سمجهي پنهنجي پنهنجي پارليامينٽن ۾ سڌارن ۽ عملي قدمن ۾ تبديل ڪن. خطاب جي پڇاڙيءَ ۾ هن سڀني شرڪت ڪندڙ وفدن، منتظمين، پارلياماني عملدارن، رضاڪارن ۽ مهمانن جا ٿورا مڃيا جن سنڌ اسيمبلي لان ۾ ثقافتي بازار ۽ موهٽا محل ۾ ثقافتي رات ذريعي سنڌ جي ثقافت جو تجربو ڪيو. هن وفدن لاءِ محفوظ سفر ۽ خطي ۾ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مستقبل ۾ به سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو.