قوم متحد آهي، آپريشن بنيان المرصوص قوم کي فخر سان نوازيو آهي: وڏو وزير جو پاڪ فوج کي سلام
قوم متحد آهي، آپريشن بنيان المرصوص قوم کي فخر سان نوازيو آهي: وڏو وزير جو پاڪ فوج کي سلام
Posted on: 10 May 2025 Tags:پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي ڪنهن به خلاف ورزي کي برداشت نه ڪندو: وڏو وزير
ڪنهن به جارحيت جو هر محاذ تي سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو: سيد مراد علي شاهه
ڪراچي (10 مئي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران آپريشن بنيان المرصوص جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي سان لاڳاپيل عزم کي ورجايو. وڏي وزير چيو آھي تھ پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي حملي کي برداشت نه ڪندو. ھن چيو تھ ڪنهن به جارحيت جو هر محاذ تي سخت ۽ واضح جواب ڏنو ويندو. سيد مراد شاهه پاڪ فوج جي صلاحيتن ۽ پيشورانه مهارت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سندن بهادري ۽ قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي. سڄي قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ سندن بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. هن آپريشن بنيان المرصوص مان پيدا ٿيندڙ قومي فخر واري جذبي تي زور ڏيندي چيو تھ دشمن جي جارحيت جو جواب مناسب ۽ ڀرپور ڏنو ويندو. هن علائقائي بيچيني جي امڪان بابت چتاءُ ڏيندي چيو تھ ڀارت جي وڌندڙ جنگي بيانبازيءَ پرڳڻي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي.هن پاڪستان جي امن دوستيءَ واري موقف کي ورجائيندي واضح ڪيو تھ پاڪستان هڪ امن پسند ۽ ذميوار ملڪ آهي، پر قومي سلامتي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ٿيندي. وڏي وزير گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو ڀارت جي اشتهال انگيز حرڪتن جو ترت نوٽيس وٺن ۽ صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ سنڌ جا ماڻهو پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺا آهن. ڀارتي ايئربيسن تي جوابي وار کي قومي عزم ۽ اعتماد جو مثال قرار ڏيندي وڏي وزير چيو تھ دشمن کي مناسب جواب ڏيڻ نه صرف ضروري هو پر قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پڻ لازمي هو.
Back