ماءِ ڪراچي ايڪسپو شھر جي معاشي سگهه ۽ ثقافتي رنگيني جو عڪس آھي: مراد علي شاهه
ماءِ ڪراچي ايڪسپو شھر جي معاشي سگهه ۽ ثقافتي رنگيني جو عڪس آھي: مراد علي شاهه
Posted on: 20 Feb 2026 Tags:ڪراچي (8 فيبروري): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته “ماءِ ڪراچي ايڪسپو” شهر جي ڪئلينڊر جو هڪ اهم ۽ مستقل باب بڻجي چڪو آهي، جيڪو ڪيترن ئي چيلينجن باوجود ڪراچي جي مضبوط هجڻ، تنوع ۽ معاشي سرگرمين جي عڪاسي ڪري ٿو۔ 21هين ماءِ ڪراچي نمائش کي خطاب ڪندي وڏي وزير ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) کي تقريب جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ ايونٽ جي تسلسل کي دٺو سوڻ قرار ڏنو۔ هن چيو ته آچر نمائش جو آخري ڏينهن آهي، جنهن دوران گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ لکين شهرين شرڪت ڪئي۔
وڏي وزير چيو ته نمائش ۾ ڪيترن دوست ملڪن سندن اسٽال لڳايا، جتي بين الاقوامي ڀائيوارن پنهنجي شين ۽ ثقافت جي نمائش ڪئي۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل ٻن ڏينهن ۾ ماڻهن جي وڏي انگ ايڪسپو جو رخ ڪيو ۽ خريداري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ ڀرپور حصو ورتو۔
هن تازي افسوسناڪ واقعن جو ذڪر ڪندي چيو ته اسلام آباد سانحي سبب قوم اڃا تائين غمگين آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ گل پلازه جو واقعو پڻ عوام لاءِ انتهائي ڏکيو ثابت ٿيو۔ هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي سي سي آءِ سان گڏجي گل پلازه جي متاثرن جي مدد ۽ بحالي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ممڪن حد تائين نقصانن جو ازالو ڪري سگهجي۔
مراد علي شاهه چيو ته ڪيترن ئي چيلينجن باوجود سنڌ هڪ متحرڪ صوبو آهي۔ هن چيو ته تازو ڪراچي ۾ علائقائي ۽ بين الاقوامي سطح جا وڏا ايونٽس منعقد ٿيا، جن ۾ ستون سائوٿ ايسٽ ايشين پارليامينٽيرينز سيشن، ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو 17هون ايڊيشن ۽ حضرت لعل شهباز قلندر جي 774هين عرس جون تقريبون شامل آهن۔ هن اهو پڻ ياد ڏياريو ته ڪجهه مهينا اڳ منعقد ٿيندڙ بين الاقوامي ثقافتي ميلو لڳ ڀڳ 39 ڏينهن جاري رهيو۔
وڏي وزير چيو ته سنڌ جا شهري ثقافتي، راندين، ڪاروباري ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا آهن. هن چيو ته 2022ع جي تباهي مچائيندڙ ٻوڏ کان پوءِ، جڏهن صوبي جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو پاڻي هيٺ اچي ويو هو، تڏهن سنڌ جي عوام وڏي همت جو مظاهرو ڪندي بحالي جي ڪمن ۾ وڌ چڙهي حصو ورتو۔
وڏي وزير چيو ته پرامن احتجاج آئيني حق آهي، پر ان کي قانون جي دائري اندر رهڻ گهرجي۔ هن چيو ته شڪايتن ۽ تحفظات جي اندراج لاءِ لاڳاپيل فورمز موجود آهن ۽ معاملن کي ميڊيا ٽرائل بدران اداراتي ۽ جمهوري طريقيڪار ذريعي حل ڪيو وڃڻ گهرجي۔ پاڪستان پيپلز پارٽي جمهوريت تي يقين رکي ٿي۔
وڏي وزير عوام جي حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت چيو ته عوام جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيح آهي۔ فائر برگيڊ جي نظام ۾ بهتري حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي۔ هن چيو ته هي نظام اڳ مختلف ادارن ۾ ورهايل هو، جنهن کي هاڻي هڪ ڇت هيٺ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن۔ هن چيو ته چين فائر برگيڊ جي نظام کي بهتر بڻائڻ، تربيت ۽ سهڪار سميت، جي آڇ ڪئي آهي ته جيئن باهه لڳڻ جي واقعن تي بروقت ردِعمل يقيني بڻائي سگهجي۔
مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ روڊن، فلائي اوورن ۽ ايمرجنسي رسپانس ميڪانيزم جي بهتري لاءِ ڪم جاري آهي۔ هن وڌيڪ ماڻهن جي اچ وڃ وارن عمارتن ۾ بنيادي حفاظتي قدمن، جهڙوڪ واضح ايگزٽ سائن بورڊز ۽ الارم سسٽم، لاڳو ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن وڏن نقصانن کان بچي سگهجي۔
ڪي-فور (K-IV) پاڻي منصوبي بابت وڏي وزير چيو ته هي منصوبو لڳ ڀڳ 10 کان 11 سال اڳ شروع ٿيو هو، پر ناقص منصوبابندي، بجلي جي مسئلن، لاڳت تي اعتراضن ۽ فنڊنگ سبب دير جو شڪار رهيو۔ هن ٻڌايو ته هاڻي وفاقي حڪومت ورلڊ بينڪ جي مدد سان مرڪزي لائين جي ذميواري سنڀالي آهي۔ هن اميد ظاهر ڪئي ته منصوبي جي تڪميل کان پوءِ شهر ۾ پاڻي جي کوٽ ۾ گهٽتائي ايندي۔
ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ماءِ ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو، نمائش ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ميڊيا سان پڻ خيالئ جي ڏي وٺ ڪئي۔ انهي کان پهرين ڪي سي سي آءِ جي انتظاميه ايڪسپو سينٽر پهچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو ۽ نمائش جي انتظامن ۽ مقصدن بابت آگاهي ڏني۔
Back