"معرڪءِ حق" تحت سنڌ ۾ آزادي ڏهاڙي جون تقريبون جوش، ثقافت ۽ قومي اتحاد سان ملهايون وينديون: وڏو وزير مراد علي شاهه
"معرڪءِ حق" تحت سنڌ ۾ آزادي ڏهاڙي جون تقريبون جوش، ثقافت ۽ قومي اتحاد سان ملهايون وينديون: وڏو وزير مراد علي شاهه
Posted on: 01 Aug 2025 Tags:ڪراچي (30 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزادي ڏهاڙي جي تقريبن لاءِ سڄي صوبي ۾ هڪ جوش ۽ جذبي سان ڀرپور۽ منظم شيڊيول جو اعلان ڪيو. هن چيو ته هيءَ تقريبون پهرين آگسٽ کان شروع ٿينديون جن جو ٿيم "معرڪءِ حق" هوندو جيڪو قومي فخر ۽ ظلم خلاف حق جي فتح جي علامت آهي. پريس ڪانفرنس سنڌ انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي سوشيل ميڊيا سيل ۾ ٿي جتي صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمن، ناصر شاهه، سعيد غني، محمد بخش مهر ۽ ذوالفقار شاهه شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هن سال آزادي جون تقريبون روايتي تقريبن کان اڳتي وڌي حب الوطني جو جذبو ٻيهر زنده ڪرڻ، سنڌ جي ثقافتي عظمت کي اجاڳر ڪرڻ ۽ تازو ٻوڏ کانپوءِ عوام جي حوصلي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيون ويون آهن. هن واضح ڪيو ته جشن آزادي رڳو آزادي ملهائڻ جو ڏينهن نه پر ڀارت خلاف حق جي فتح جي حيثيت سان ملهائجي ٿو ته جيئن عوام کي آزاديءَ تي فخر ۽ مظلوم قومن سان همدرديءَ جو جذبو پيدا ٿئي. وڏي وزير معاشي ترقيءَ بابت ڳالهائيندي ٻڌايو ته "اُڏام پاڪستان" جهڙا فليگ شپ پروگرامز به تقريبن جو حصو بڻايا ويندا. خصوصي تقريبن ۾ پھرين آگسٽ تي تقريبات جو باقاعدي آغاز ، 5 آگسٽ تي ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ خلاف تقريب ، 8 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ تقريب، ميئر اليون بمقابله منسٽرز اليون ڪرڪيٽ ميچ ، 9 آگسٽ تي معين خان اڪيڊمي ۾ قلندرز اليون بمقابلا ڀٽائي اليون، ملهه کڙو مقابلن سان گڏ (وزيراعليٰ پاڻ شرڪت ڪندو)، 10 آگسٽ تي سکر ۾ تقريب، ڪلفٽن کان فريئر هال تائين گڏھ گاڏي ريس ۽ ميراٿن ، 11 آگسٽ تي اقليتن جو ڏينهن، خاص تقريبون، خاص ماڻهن لاءِ ميلو ، 13 آگسٽ تي ڪلچرل بوٽ فلوٽ، عورتن جي سائيڪل ريلي (ڪراچي کان چوڪُنڊي تائين)، 13-14 آگسٽ تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ وڏو ڪنسرٽ ۽ آتشبازي ، 9-11 آگسٽ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جون تقريبون جشن آزادي سان هم آهنگ ڪيون وينديون. وڏي وزير ٻڌايو ته اسپورٽس کاتي پاران 114 کان وڌيڪ تقريبون منعقد ٿينديون جن ۾ عورتن لاءِ ميلو، رڪشا ريلي، پينٽنگ ۽ سنگنگ مقابلا، مشاعرا، ونٽيچ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ريليون شامل آهن. هن چيو ته انساني زنجير ٺاهڻ واري تقريب ۾ هر شهري کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي ته جيئن قومي اتحاد کي اجاگر ڪري سگهجي. وڏي وزير تزئين ۽ آرائش جي مقابلن لاءِ خاص جوريز ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جيڪي گهرن، آفيسن، گاڏين ۽ موٽر سائيڪل جي سجاوٽ جو الڳ الڳ جائزو وٺنديون. هن ميڊيا کان اپيل ڪئي ته اهي سجاوٽون اجاگر ڪن ۽ ماڻهن جي جذبي کي هٿي ڏين. هن چيو ته انهن مقابلن ۾ رڳو خرچ جي بنياد تي انعام نه ڏنا ويندا، پر حب الوطني ۽ عوامي شرڪت کي نظر ۾ رکيو ويندو. خاص طور تي ٻوڏ متاثر پنهنجي ٻيهر تعمير ڪيل گهرن جي سجاوٽ سان انعام حاصل ڪري سگهن ٿا. وڏي وزير ٻڌايو ته گورک هل ۽ ٿر جي سير لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن ماڻهو انهن علائقن ۾ وڃي جشن ۾ حصو وٺي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته پوليس ۽ ٽريفڪ جي مڪمل رٿابندي آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ جي نگراني هيٺ جاري آهي، ۽ عوام کان اپيل ڪئي ته تقريبات کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڀرپور تعاون ڪن. وڏي وزير سڀني سياسي جماعتن کي دعوت ڏني ته انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪن ۽ چيو ته باضابطه دعوت ناما جلد موڪليا ويندا. تعليمي ادارا کليل رهندا ۽ تعليم کاتو خاص سرگرميون ڪندو. پريس ڪانفرنس جي آخر ۾ وڏي وزير چيو "پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت دهشتگردي کان نٿي ڊڄي. سنڌ ۾ جشن آزادي جون تقريبون شان ۽ شوڪت سان ٿينديون. دهشتگردي جا خطرا اسان کي روڪي نٿا سگهن." هيءَ جامع پروگرام صوبائي حڪومت جي ان عزم جو اظهار آهي ته سنڌ ۾ حب الوطني، ثقافتي فخر ۽ قومي ٻڌيءَ کي هٿي ڏني وڃي.
Back