مامتا پروگرام جي دائري ۾ وڌ، وڌيڪ 7 ضلعا شامل، وڏي وزير جي منظوري
مامتا پروگرام جي دائري ۾ وڌ، وڌيڪ 7 ضلعا شامل، وڏي وزير جي منظوري
Posted on: 04 Sep 2025 Tags:ڪراچي (2 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته مامتا پروگرام جي نالي سان مشهور ميٽرنل اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام (MCSP) کي وڌيڪ ست ضلعن تائين وڌايو وڃي جنهن سان مجموعي دائرو 22 ضلعن تائين وڌي ويندو۔ هن واڌاري جو مقصد ڄاول ٻارڙن جي صحت ۾ سڌارو آڻڻ آهي جنهن لاءِ مربوط طبي سهولتن سان گڏ ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ مائرن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي۔ اهو فيصلو سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جي ٻئي بورڊ اجلاس ۾ ڪيو ويو جيڪو اڱاري ڏينهن وزیراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ وزير صحت ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، وزير تعليم سيد سردار شاهه، وزیراعليٰ جو خاص مددگار براءِ سماجي تحفظ سرفراز راڄڙ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجف شاهه، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري سماجي تحفظ مزمل هاليپوٽو، وزیراعليٰ جو سيڪريٽري رحيم شيخ، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي سميع الله شيخ ۽ بورڊ جا ميمبر سونو ڪنڱراني ۽ ڊاڪٽر اسماء حيدر بلوچ شرڪت ڪئي۔ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سميع الله شيخ پروگرام جي موجوده عملدرآمد ۽ تجويز ڪيل واڌاري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ بريفنگ کانپوءِ وڏي وزير لاڙڪاڻو، سکر، خيرپور، شهيد بينظير آباد، ڄامشورو، دادو ۽ نوشهروفيروز کي پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني۔ هي پروگرام اڳ ۾ 15 ڳوٺاڻي ضلعن ۾ جاري هو۔ ان واڌاري سان گڏ ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتن کي ٽن سالن ۾ 41 هزار رپيا مالي مدد ڏني ويندي جيڪا اڳ ۾ 30 هزار رپيا هئي۔ هن امداد جو مقصد ماءُ جي مناسب خوراڪ، باقاعده طبي چڪاس ۽ محفوظ ولادت کي يقيني بڻائڻ آهي۔ هي پروگرام 48.3 ارب رپين جي وڏي سماجي تحفظ منصوبي جو حصو آهي جنهن مان 6.3 ارب رپيا سنڌ حڪومت ڏئي رهي آهي۔ اهو پروگرام جنوري 2023 ۾ شروع ٿيو هو ۽ ڊسمبر 2027 تائين جاري رهندو۔ ھيستائين صوبي جي 800 صحت مرڪزن تي 7 لک 70 هزار ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتن جو اندراج ٿي چڪو آهي جن مان 740 مرڪز پيپلز پرائمري هيلٿ ڪيئر انيشيوٽو (PPHI) جي تحت ۽ 62 مرڪز صحت کاتي جي انتظام هيٺ آهن۔ اهليت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال، ڪمپيوٽرائيزڊ نيشنل آئيڊينٽيٽي ڪارڊ (CNIC) جو هجڻ ۽ مقرر ڪيل ضلعن ۾ رهائش ضروري آهي۔ ڄاول ٻارڙن جي معاونت پروگرام (مامتا) مشروط مالي امداد واري ماڊل تي ٻڌل آهي جنهن ۾ نقد رقم کي ماءُ جي صحت جي اهم مرحلن سان ڳنڍيو ويو آهي جيئن حمل دوران طبي چڪاس، ادارتي ولادت ۽ پيدائش کان پوءِ سنڀال۔ ان جو مقصد زچگي ۽ ٻارڙن جي موت جي شرح کي گهٽائڻ ۽ گهٽ آمدني وارن پٺتي پيل علائقن ۾ مائرن ۽ ٻارڙن جي بهتر صحت کي يقيني بڻائڻ آهي۔ آبادي جي انگن اکرن ۽ پيدائش جي شرح جي حساب سان اندازو آهي ته پنجن سالن جي عرصي دوران مداخلتي ضلعن ۾ 26 لک ڳورھاري ۽ ٻار کي کير پياريندڙ عورتون موجود هونديون۔ حڪومت جو هدف آهي ته انهن مان 13 لک عورتن تائين رسائي حاصل ڪئي وڃي جيڪا مستحق آبادي جو 50 سيڪڙو بڻجي ٿي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سماجي تحفظ جي فراهمي ۾ واڌارو سندس حڪومت جي حڪمت عملي جو هڪ اهم حصو آهي جيئن ڄاول ٻارڙن جي صحت ۾ بهتري آڻي سگهجي، غربت گهٽجي ۽ خاص طور تي ڳوٺاڻي سنڌ جي عورتن کي بااختيار بڻائي سگهجي۔
Back