محترمه شهيد بينظير ڀٽو رڳو هڪ سياستدان نه، پر هڪ نظريو هئي، وڏو وزير
محترمه شهيد بينظير ڀٽو رڳو هڪ سياستدان نه، پر هڪ نظريو هئي، وڏو وزير
Posted on: 25 Jun 2025 Tags:ڪراچي (21 جون 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو آھي تھ محترمه بينظير ڀٽو رڳو سياستدان نه، پر هڪ نظريو، جدوجهد ۽ اُميد هئي. اھا ڳالھھ ھن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين جنم ڏينھن جي مناسبت سان وزيراعليٰ ھائوس مان سندس جاري پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو آهي ته اڄ عظيم اڳواڻ، قائدِ جمهوريت شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي. محترمه بينظير ڀٽو رڳو سياستدان نه، پر هڪ نظريو، جدوجهد، ۽ اُميد هئي. سيد مراد علي شاھھ چيو ته کيس فخر آهي ته سندس سياسي تربيت محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي رھنمائيءَ ۾ ٿي. وڏي وزير چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪرائي. ھن چيو تھ پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو شروعات محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي نياڻيءَ آصفه ڀٽو کي ڦڙا پياري ڪيو. اڄ اسان کي سندس اڳواڻي، قربانين ۽ مشن کي ياد ڪرڻ ۽ جاري رکڻ کي ورجائڻ جو ڏينھن آھي. وڏي وزير پڪو پھھ ڪندي چيو ته اسان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکنداسين، سندس خواب هڪ ترقي يافته، بااختيار ۽ جمهوري پاڪستان هو. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه رڳو جشن جو ڏينهن ناھي، پر عوامي ڀلائي، صحت، تعليم ۽ اتحاد جي واعدي جي تجديد جو ڏينهن آهي.
انھيءَ کان پوءِ سنڌ اسمبليءَ ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه هر ضلعي سطح تي ملھائي ويندي. وڏي وزير چيو ته اڄ سڄي ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي، جڏهن ته سنڌ اسمبليءَ ۾ به سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويندو.
انھيءَ کانپوءِ سنڌ اسمبليءَ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 72هين سالگرهه وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ نثار احمد کوڙو تقريب سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو. تقريب ۾ سنڌ اسمبلي جا اسپيڪر ۽ سمورا ميمبرن شريڪ ٿيا. انھيءَ موقعي تي "هيپي برٿ ڊي شهيد محترمه بينظير ڀٽو" جا نعرا لڳايا ويا ۽ سندس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو رڳو سياستدان نه پر هڪ نظريو، روشن راھھ ۽ جمهوريت جي علامت هئي.
Back