ملڪ جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اسان امن چاهيون ٿا: وڏو وزير

ملڪ جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، اسان امن چاهيون ٿا: وڏو وزير

Posted on: 22 Feb 2026   Tags:

ڪراچي (22 فيبروري 2026ع): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دهشتگردن خلاف سوڀ ماڻڻ تي قوم کي واڌايون ڏيندي چيو آهي ته ملڪ جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي ۽ پاڪستان جي سلامتي اسان جي پهرين ترجيح آهي. وڏي وزير سندس بيان ۾ چيو ته سيڪيورٽي فورسز افغانستان ۾ قائم دهشتگردن جا ست ٺڪاڻا ڪاميابيءَ سان تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي جو ڀرپور جواب ڏيڻ پاڪستان جو دفاعي ردعمل آهي ۽ قومي سلامتي بابت زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته تازن آپگھاتي حملن پٺيان ملوث عنصرن کي بي نقاب ڪيو ويو آهي ۽ اسلام آباد جي امام بارگاهه، باجوڙ ۽ بنون ۾ ٿيل حملن جا پڪا ثبوت موجود آهن. وڏي وزير چيو تھ دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف فيصلائتي ڪارروائي قوم جي تحفظ لاءِ لازمي آهي. سيد مراد علي شاهه واضح ڪيو ته پاڪستان امن چاهي ٿو پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. هن چيو ته ڪنهن به قسم جي دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي، رياست مڪمل طور تي متحرڪ آهي ۽ عوام متحد آهن. هن وڌيڪ چيو ته عوام جي حفاظت رياست جي پهرين ذميواري آهي ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.

Back