ملڪ کي 681 ملين ڊالر جي بچت، ٿر ڪوئلو پاڪستان جي توانائي ۾ انقلاب آڻي رهيو آهي: مراد علي شاهه
ملڪ کي 681 ملين ڊالر جي بچت، ٿر ڪوئلو پاڪستان جي توانائي ۾ انقلاب آڻي رهيو آهي: مراد علي شاهه
Posted on: 17 Oct 2025 Tags:ڪراچي (8 آڪٽوبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توانائي کاتي جي هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي جي اهم توانائي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ چيو ته ٿر ڪوئلو پاڪستان جي توانائي کي گهٽ خرچ ۽ مقامي ذريعن وسيلي محفوظ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سيڪريٽري انرجي مشتاق سومرو، ايم ڊي ٿرڪوئل انرجی طارق شاهه، سي اي او سنڌ ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (STDC) سليم شيخ، ايس ايل سي ايم ايس جو نمائندو مشتاق پنهور، ڊي جي پاور نند لال ۽ ٻين سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي۔ بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 2008 ۾ ٿرڪول اينڊ انرجی بورڊ (TCEB) قائم ڪيو ويو هو ته جيئن ٿر جي ڪوئلي جي وسيلن جي ترقي ۽ سهولت لاءِ ڪم ڪري سگهجي۔ ٿر ڪوئل بلاڪ-ون (Block-I) منصوبي ۾ اڃا تائين 3 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي چڪي آهي جنهن سان لڳ ڀڳ 3000 مقامي ماڻهن کي روزگار مليو آهي۔ ماحولي توازن لاءِ ڪيل قدمن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير ٻڌايو ته ٿر جي علائقي ۾ 3 لک 75 هزار وڻ پوکيا ويا آهن۔ هن وڌيڪ چيو ته بلاڪ-ون مان 1 ڪروڙ 59 لک 70 هزار ٽن ڪوئلو ڪڍيو ويو آهي جنهن مان 21500 گيگاواٽ ڪلاڪ (GWh) بجلي پيدا ڪري نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي آهي جيڪا لڳ ڀڳ 40 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر ڪوئلي سان بجلي پيدا ڪرڻ سان ملڪ کي 681 ملين آمريڪي ڊالر جو مٽاسٽا ناڻو بچيو آهي ڇوتہ ان سان درآمدي ڪوئلي تي دارومدار گهٽ ٿيو آهي۔ هن چيو ته ٿر ڪوئلي سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي قيمت فقط 4.8 رپيا في يونٽ آهي جڏهنتہ درآمدي ڪوئلي سان اها قيمت 15 رپيا في يونٽ آهي جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مقامي ڪوئلي تي ٻڌل توانائي وڌيڪ سستي ۽ پائيدار آهي۔ وڏي وزير ٿر جي بجلي پيدا ڪندڙ منصوبن جي مرحليوار واڌاري جو به جائزو ورتو. پهريون مرحلو: 660 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪئي وئي۔ ٻيون مرحلو: وڌيڪ 660 ميگا واٽ پيداوار جاري آهي۔ ٽيون مرحلو: وڌيڪ 660 ميگا واٽ جو منصوبو تياري هيٺ آهي۔ ٻھراڙي علائقن ۾ بجلي فراهمي بابت وڏي وزير چيو ته ٻھراڙي وارن علائقن جي بجلي فراهمي پروگرام تحت اڄ تائين 8813 ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي وئي آهي جڏهن تہ 360 ڳوٺن ۾ ڪم جاري آهي۔ هن تقسيم ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو: حيسڪو 5347 ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي جڏهن تہ 120 ۾ ڪم جاري آهي۔ سيپڪو 3233 ڳوٺن کي بجلي ڏني ۽ 229 ڳوٺن ۾ ڪم هلي رهيو آهي۔ ڪي-اليڪٽرڪ 270 ڳوٺن کي بجلي فراهم ڪئي ۽ 11 ڳوٺن ۾ ڪم جاري آهي۔ اهو به ٻڌايو ويو ته Phase IX حيسڪو ۽ سيپڪو جي علائقن ۾ شروع ٿي چڪو آهي جڏهن تہ Phase VIII ڪي-اليڪٽرڪ جي حدن اندر جاري آهي۔ ٻه اي ڊي پي اسڪيمون منظور ڪيون ويون آهن جن جو بجيٽ 1500 ملين رپيا آهي جن مان 521.038 ملين رپيا جاري ڪيا ويا آهن۔ وڏي وزير توانائي کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته جاري منصوبن جي رفتار ۾ تيزي آڻي وڃي، ٻھراڙي ۽ صنعتي علائقن کي مستحڪم بجلي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ۽ ٿرڪوئلي سان گڏ قابلِ تجديد توانائي جي واڌاري تي به ڌيان ڏنو وڃي۔ هن پُرعزم اظهار ڪيو ته سنڌ حڪومت توانائي جي هڪ متوازن ميلاپ کي فروغ ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪو سستو، پائيدار ۽ روزگار پيدا ڪندڙ هجي ۽ ٿر کي پاڪستان جي توانائي واري خودڪفالت جي علامت بڻائي۔
Back