مراد علي شاهه جي وفاقي وزير مذهبي امور سان ملاقات
مراد علي شاهه جي وفاقي وزير مذهبي امور سان ملاقات
Posted on: 18 Apr 2025 Tags:ڪراچي (17 اپريل) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي وزير مذهبي امور سردار محمد يوسف سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ حج ڪوٽا ۽ انتظامي معاملن بابت خيالن جي تبادلي ٿي.ملاقات ۾ صوبائي وزير زڪوة، عشر و مذهبي معاملا رياض شاه شيرازي ۽ لاڳاپيل سيڪريٽري پڻ موجود هئا. ھن موقعي تي وڏي وزير ۽ وفاقي وزير حج ڪوٽا، انتظامي تيارين ۽ سکھر کان حج پروازون شروع ڪرڻ بابت گفتگو ڪئي. وفاقي وزير سردار يوسف ٻڌايو ته ھن سال سرڪاري حج خرچ 10 لک 50 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ھن سال حڪومت جي اسڪيم تحت پاڪستان مان 90 هزار حج ادا ڪندا جڏهن ته 90 هزار جو ڪوٽا نجی حج آپريٽرن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي پر سعودي اختيارين جي نظام ۾ تبديلي جي سبب اهو مڪمل طور تي نافذ نه ٿي سگهيو. ان تبديلي جي سبب ھن سال رڳو لڳ ڀڳ 23 هزار نجی حج آپريٽرن جي ذريعي حج ادا ڪري سگهندا. وڏي وزير آگاھ ڪيو ويو ته نجی اسڪيم تحت حج جي وڌ ۾ وڌ فیس 30 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سکھر کان "روڊ ٽو مڪه" جي قدم تحت حج پروازون شروع ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي جنهن تي وفاقي وزير مثبت جواب ڏيندي يقين ڏياريو ته ايندڙ سال جي حج پلان ۾ سکھر سميت ٻين شهرن کان پڻ حج پروازون شامل ڪيون وينديون.
Back