نوجوان قوم جو سرمايو، سڀاڻي جا اڳواڻ، مراد علي شاهه جو عالمي نوجوانن جي ڏهاڙي تي پيغام
نوجوان قوم جو سرمايو، سڀاڻي جا اڳواڻ، مراد علي شاهه جو عالمي نوجوانن جي ڏهاڙي تي پيغام
Posted on: 13 Aug 2025 Tags:ڪراچي (12 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوجوانن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ نوجوانن جو ڏھاڙو ملهايو پيو وڃي ۽ نوجوان ملڪ ۽ قوم جو قيمتي سرمايو آهن۔ هن چيو ته سنڌ جي نوجوانن جون تخليقي صلاحيتون ترقي جي ضمانت آهن ۽ هن وقت پاڪستان جي نمائندگي عالمي سطح تي نوجوان اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيا آهن۔ وڏي وزير چيو ته پاڪستان دنيا جو ڇهون وڏو نوجوان آبادي وارو ملڪ آهي تنهنڪري ضروري آهي ته اسان پنهنجن نوجوانن کي تعليم يافته ۽ باصلاحيت بڻايون ته جيئن هو ملڪ جي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن۔ هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت نوجوانن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي ۽ تعليم، هنر ۽ روزگار لاءِ ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن۔ هن جو چوڻ هو ته مقامي حڪومتن ۾ نوجوانن کي فيصلا سازي ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته انٽرپرينيوئرشپ، اسپورٽس ۽ ٽيڪنالاجي جا مختلف پروگرام جاري آهن۔ هزارين نوجوان تربيت ۽ اسڪالرشپ مان فائدو وٺي رهيا آهن ۽ ڪميونٽي اڳواڻ ۽ تبديلي آڻيندڙ طور تي سامهون اچي رهيا آهن۔ سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جا نوجوان عالمي هدفن کي مقامي حقيقت ۾ بدلائي رهيا آهن۔ هن چيو ته نوجوان اسان جو فخر ۽ مستقبل آهن اڄ جو نوجوان سڀاڻي جو اڳواڻ آهي ۽ ترقي جو سفر انهن سان گڏ جاري رهندو۔
Back