نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي: وڏو وزير
نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ پائيدار ترقي ممڪن ناهي: وڏو وزير
Posted on: 12 Jul 2025 Tags:ڪراچي (11 جولاءِ 2025ع) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي آبادي واري ڏھاڙي جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو آهي ته هن وقت دنيا جي تاريخ جي سڀ کان وڏي نوجوان آبادي موجود آهي، جيڪا صحيح رهنمائي سان سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهي ٿي. هن چيو ته هن سال جي عالمي آبادي واري ڏينھن جو عنوان ”نوجوانن کي بااختيار بڻايو، اميد ڀريو مستقبل ڏيو“ اھا وقت جي تقاضا آهي. پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي قومي وسيلن تي وڏو دٻاءُ وجهي رهي آهي، جنهن لاءِ سجاڳي ۽ رٿا بندي لازمي آهي. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت لاءِ نوجوانن خاص طور تي عورتن لاءِ صنفي برابري، تعليم، صحت ۽ معاشي استحڪام جي فراهمي ترجيح آهي. سنڌ حڪومت نوجوانن جي حقن، معياري تعليم ۽ توليدي صحت لاءِ پُرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته غربت، تعليم جي کوٽ، صحت جون محدود سهولتون ۽ صنفي امتياز جهڙا مسئلا اسان لاءِ وڏا چئلينج آهن. وڏي وزير چيو تھ نوجوانن کي فيصلن ۾ شريڪ ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي. مراد علي شاھھ چيو ته سنڌ حڪومت شهري ۽ ٻھراڙي وارن علائقن ۾ فيملي پلاننگ جون خدمتون برابر فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته توليدي صحت، تعليم ۽ صنفي برابري لاءِ عملي اپاءَ ورتا ويا آهن. آخر ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو تھ اچو ته گڏجي نوجوانن لاءِ هڪ محفوظ، بااختيار ۽ پائيدار دنيا جو بنياد رکون.
Back