ورلڊ بينڪ سان ڀائيواري سنڌ جي سڌارن ۽ بحالي واري ايجنڊا جو مرڪزي ٿنڀ آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
ورلڊ بينڪ سان ڀائيواري سنڌ جي سڌارن ۽ بحالي واري ايجنڊا جو مرڪزي ٿنڀ آهي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه
Posted on: 19 Dec 2025 Tags:ڪراچي (17 ڊسمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن ورلڊ بينڪ جي 10 رڪني سينيئر وفد سان هڪ جامع، شعبي وار جائزي واري اجلاس جي صدارت ڪئي. وفد جي اڳواڻي ڪنٽري ڊائريڪٽر محترمه بولورما آمگابازار ڪري رهي هئي. اجلاس ۾ سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ ترجيحن تي اتفاق ڪيو ويو۔ اجلاس جي شروعات ۾ وڏي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ سان ڀائيواري سنڌ جي سڌارن ۽ بحالي واري ايجنڊا جو مرڪزي ٿنڀ آهي۔ اسان منصوبن تي تيز عملدرآمد، مضبوط نتيجا ۽ عوام لاءِ نمايان اثرات چاهيون ٿا۔ منصوبا پورٽ فوليو جو جائزو: سنڌ ۾ هن وقت ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان 13 سرگرم منصوبا جاري آهن جن جي ٽوٽل لاڳت 3.8 ارب ڊالر آهي جڏهن ته هن وقت تائين 1.96 ارب ڊالر جاري ڪيا ويا آهن۔ مالي سال 2025-26 لاءِ سنڌ حڪومت ۽ ورلڊ بينڪ 700.25 ملين ڊالر جي بنيادي ڊسبرسمنٽ هدف تي اتفاق ڪيو آهي۔ شهري ترقي: شهري ترقي، ٽرانسپورٽ ۽ بلدياتي خدمتن سان لاڳاپيل منصوبن ۾ 230 ملين ڊالر جو ڪمپيٽوٽو اينڊ ليوايبل سٽي آف ڪراچي پروجيڪٽ، 382 ملين ڊالر جو ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ ۽ 100 ملين ڊالر جو سالڊ ويسٽ ايمرجنسي اينڊ افيشينسي پروجيڪٽ شامل آهن۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽائون ميونسپل ڪاميٽين (TMCs) تحت 161 اسڪيمون جن جي ماليت 66.7 ملين ڊالر آهي، عمل هيٺ آهن جن مان 47 مڪمل ٿي چڪيون آهن۔ مجموعي فزيڪل اڳڀرائي 61 سيڪڙو آهي جڏهن ته باقي اسڪيمون 30 مارچ 2026 تائين مڪمل ڪرڻ جو هدف رکيو ويو آهي۔ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) جون 19 ملين ڊالر واريون 8 اسڪيمون پڻ جاري آهن جن جي اوسط اڳڀرائي 57 سيڪڙو آهي۔ وڌيڪ چار KMC اسڪيمون پروڪيورمينٽ مرحلي ۾ آهن، جن جا ٺيڪا 16 ڊسمبر 2025 تائين ڏيڻ جي اميد آهي۔ پراپرٽي ٽيڪس سروي: ڪراچي ۾ شهري پراپرٽي ٽيڪس بابت گهر گهر سروي جاري آهي جنهن ۾ 33 لک مان 31 لک پراپرٽيز جو اندراج مڪمل ڪيو ويو آهي۔ پروجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ فنڊن جي ٻيهر ورڇ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي۔ SBOSS گو لائيو: ڪاروباري ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڏي وزير ٻڌايو ته SBOSS گو لائيو (ويئو-II) جو آغاز 28 نومبر 2025 تي ڪيو ويو۔ 19 مان 13 ادارا هن نظام سان ڳنڍجي چڪا آهن، 130 مان 54 ريگيوليٽري لائسنس، سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا اجازت ناما ڊجيٽل ڪيا ويا آهن جڏهن ته ھيستائين 4089 اي-پرميٽس جاري ڪيا ويا آهن۔ باقي ڇهن ادارن جا 76 اجازت ناما (ويئو-III) مئي 2026 تائين فعال ٿيڻ جي اميد آهي۔ SBOSS تحت آءِ ٽي سرگرمين، ڪو-لوڪيشن سهولتن ۽ هارڊويئر جي خريداري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن۔ وڏي وزير ٻڌايو ته KIF اسٽڊي ۽ 360 ڊگري مارڪيٽنگ فرم جا معاهدا ڊسمبر 2025 جي پڇاڙي تائين متوقع آهن جڏهن ته بزنس فيسيلٽيشن سينٽر لاءِ عمارت حاصل ڪئي وئي آهي۔ هن موقعي تي وڏي وزير زور ڏيندي چيو ته ڪراچي جي ٽرانسپورٽ، سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ ۽ بلدياتي سڌارن کي گڏ کڻي هلائڻ سان ئي شهر کي رهڻ لائق ۽ معاشي طور مقابلي جوڳو بڻائي سگهجي ٿو۔ پاڻي، نيڪال ۽ آبپاشي: پاڻي، نيڪال ۽ آبپاشي جي شعبي ۾ 40 ملين ڊالر جو ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج سروسز امپروومينٽ پروجيڪٽ (KWSSIP)، 240 ملين ڊالر جو KWSSIP-II، 292 ملين ڊالر جو سنڌ واٽر اينڊ ايگريڪلچر ٽرانسفارميشن (SWAT) پروجيڪٽ ۽ 291.23 ملين ڊالر جو سنڌ بيراجز امپروومينٽ پروجيڪٽ شامل آهن۔ اجلاس ۾ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل منصوبي تحت سنڌ کي ڇهن WASH زونز ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته ڪي-فور منصوبي جي واڌاري تي به ڪم شروع ڪيو ويو آهي۔ وڏي وزير پاڻي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڻي ۽ صفائي جا منصوبا ڪو اختياري قدم ناهن، بلڪه عوامي صحت، موسمياتي مزاحمت ۽ معاشي ترقي جي بنياد آهن۔ تعليم ۽ ابتدائي تعليم: سنڌ ارلي لرننگ اينهانسمينٽ ٿرو ڪلاس روم ٽرانسفارميشن (SELECT) منصوبو 154.76 ملين ڊالر تي ٻڌل آهي۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جماعت ٽئين کان پنجين تائين تدريسي ۽ تعليمي مواد سمورن هدف وارن اسڪولن ۾ ورهايو ويو آهي۔ محفوظ ۽ اثرائتي تعليمي ماحول بابت ٻڌايو ويو ته ڊسمبر 2025 ۾ 15 اسڪول حوالي ڪيا ويندا جڏهن ته باقي اسڪول مڪمل ڪري جنوري 2026 تائين مجموعي طور 45 اسڪول حوالي ڪيا ويندا۔ وڌيڪ 150 اسڪول مقرر شيڊول مطابق 30 اپريل 2026 تائين حوالي ڪيا ويندا۔ چار اضافي فيلڊ انجنيئر ڀرتي ڪرڻ لاءِ انٽرويوز مڪمل ٿي چڪا آهن ۽ سندن جائزي رپورٽ هن مهيني جي آخر تائين تيار ڪئي ويندي۔ هڪ فرم آن بورڊ ڪئي وئي آهي جنهن ورلڊ بينڪ جي منظوري کان پوءِ فيلڊ وزٽس شروع ڪري ڇڏيون آهن۔ منصوبي جي نگراني PMIU فيلڊ وزٽس، ڊيش بورڊ، D&S فرم ۽ فيلڊ انجنيئرن وسيلي ڪئي پئي وڃي۔ هن وقت 295 مان 291 اسڪول ڊيش بورڊ تي اپلوڊ ٿي چڪا آهن جڏهن ته باقي چار ڊسمبر جي آخر تائين شامل ڪيا ويندا۔ ڊيش بورڊ تي دير جي نشاندهي ڪئي پئي وڃي، ٺيڪيدارن کي تدارڪي خط جاري ڪيا ويا آهن ۽ هفتيوار اجلاس باقاعدگي سان ٿي رهيا آهن۔ ميرپورخاص ضلعي لاءِ فرنيچر جي ڪم جو ٺيڪو جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽن ضلعن لاءِ بوليون 5 ڊسمبر تي کوليون ويون۔ انهن جي جانچ هن مهيني جي آخر تائين مڪمل ڪئي ويندي۔ وڌيڪ ٻن ضلعن لاءِ اسپيشل پروڪيورمينٽ نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي ۽ سندن ٽينڊر 12 ڊسمبر 2025 تي کوليا ويندا۔ سمورن 12 ضلعن تي ٻڌل پاڻي جي جامع جائزي رپورٽ گذريل مهيني ورلڊ بينڪ کي جمع ڪرائي وئي آهي۔ بينڪ جي راءِ کان پوءِ مناسب واٽر فلٽريشن سسٽم چونڊيو ويندو۔ ان سان گڏ سولر پينلز جون فني وضاحتون به حتمي مرحلي ۾ آهن۔ هي منصوبو ڪلاس رومز کي جديد بڻائي رهيو آهي ۽ ابتدائي درجن ۾ تعليمي نتيجن کي بهتر بڻائي رهيو آهي۔ وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته هدف حاصل ڪرڻ لاءِ خريداري ۽ رقم جي جاري ڪرڻ جو عمل تيز ڪيو وڃي۔ صحت ۽ آبادي: صحت ۽ آبادي جي شعبي ۾ 200 ملين ڊالر جو سنڌ انٽيگريٽيڊ هيلٿ اينڊ پاپوليشن پروجيڪٽ ۽ 359 ملين ڊالر جو نيشنل هيلٿ سپورٽ پروگرام (سنڌ چيپٽر) شامل آهن۔ جائزو وٺندي وڏي وزير چيو ته بنيادي صحت، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ ايمرجنسي خدمتون اسان جون اولين ترجيحات آهن ۽ انهن جي فراهمي جي رفتار ضرورتن جي شدت مطابق هئڻ گهرجي۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نظرثاني ٿيل PC-1 کي PDWP کان منظوري ملي چڪي آهي ۽ ان کي CDWP ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو ويو آهي۔ صحت کاتي کان PPHI ڏانهن 151 بنيادي صحت مرڪز (GDs) منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 20 مرڪزن جي منتقلي جو عمل جاري آهي جنهن سان مجموعي هدف 171 مڪمل ٿيندو۔ اهو عمل ڊسمبر جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو۔ PPHI طرفان 238 ڪميونٽي هيلٿ ورڪر ڀرتي ڪيا ويا آهن۔ تربيتي مينوئل حتمي ٿي چڪو آهي ۽ ماسٽر ٽرينرز جي تربيت پڻ مڪمل ٿي وئي آهي۔ ڪميونٽي هيلٿ ورڪرز جي ٽن مهينن جي تربيت 23 ڊسمبر 2025 کان شروع ڪئي ويندي۔ ٻولين جا مسوده دستاويز ورلڊ بينڪ کي فراهم ڪيا ويا هئا جن تي بينڪ جا رايا نومبر ۾ مليا۔ صحت کاتي ۽ ورلڊ بينڪ سول ورڪس کي نظر ۾ رکندي مرحلاوار منصوبه بندي تي اتفاق ڪيو آهي جيڪا PMU جنوري 2026 جي پهرين هفتي ۾ بينڪ سان شيئر ڪندو۔ PPHI کي بجيٽ 16 ڊسمبر 2025 تي جاري ڪئي وئي آهي۔ ماءُ، نون ڄاول ٻار، ٻار، نوجوان ۽ غذائيت (RMNCAH+N) سان لاڳاپيل خدمتن جي استعمال ۽ معيار ۾ بهتري لاءِ نئين سرگرمي نظرثاني ٿيل PC-1 ۾ شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا منظوري جي مرحلن ۾ آهي۔ PMU، يونيسيف جي سهڪار سان مفاهمتي يادداشت (MoU) کي حتمي شڪل ڏئي رهيو آهي۔ PC-1 جي منظوري ۽ ورلڊ بينڪ جي ري اسٽرڪچرنگ کان پوءِ MMS جي خريداري لاءِ يونيسيف سان معاهدو ڪيو ويندو۔ بجيٽ حتمي ڪئي وئي آهي ۽ منظوري کان پوءِ سرگرمي شروع ڪئي ويندي۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 60 ايمبولينسن جي منتقلي جو منصوبو PPHI، SIEHS ۽ SIHPP وچ ۾ حتمي ٿي چڪو آهي جيڪو ڊسمبر 2025 جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو۔ سماجي تحفظ: سنڌ ۾ سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط ڪرڻ وارو منصوبو (SSPDS) 200 ملين ڊالر تي ٻڌل آهي۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽارگيٽنگ اينڊ انرولمينٽ اسپيشلسٽ ۽ ڪنٽريڪٽ مينيجمينٽ اسپيشلسٽ جي ڀرتي مڪمل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هڪ سينيئر هيلٿ اسپيشلسٽ کي اضافي چارج ڏنو ويو آهي۔ بورڊ جي هدايت موجب ٻه ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي (1) خاص ڪيسن جي شموليت ۽ (2) اڳڪٿي لائق ادائيگي ماڊل جي منظوري بابت فني سفارشون بورڊ کي پيش ڪنديون۔ سالياني ورڪ پلان (AWP) تيار ڪري منظور ٿيل بجيٽ سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي۔ سماجي تحفظ جي دائري ۾ واڌ ۽ نظام جي مضبوطي بابت وڏي وزير چيو ته هدف وارا سماجي تحفظ جا قدم غربت ۽ اوچتن بحرانن خلاف اسان جي پهرين دفاعي لائين آهن۔ لائيو اسٽاڪ، زراعت ۽ موسمياتي مزاحمت: هن شعبي ۾ ٽي وڏا منصوبا شامل آهن: 135 ملين ڊالر جو سنڌ لائيو اسٽاڪ اينڊ آبي زراعت سيڪٽرز ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ (LIVAQUA)، 650 ملين ڊالر جو سنڌ فلڊ ايمرجنسي ريهيبليٽيشن پروجيڪٽ ۽ 950 ملين ڊالر جو سنڌ فلڊ ايمرجنسي هائوسنگ ريڪنسٽرڪشن پروجيڪٽ۔ وڏي وزير موسمياتي طور مستحڪم ترقي تي زور ڏيندي چيو ته ٻوڏ کان پوءِ بحالي جو عمل موسمياتي مزاحمت سان گڏ هجڻ گهرجي جيئن رهائش، روزگار ۽ انفراسٽرڪچر کي اڳ کان بهتر بڻائي سگهجي۔ اجلاس ۾ صوبائي وزير ناصر شاهه، سردار شاهه، جام خان شورو، محمد علي ملڪاڻي، صلاحڪار گيانچند ايسراڻي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، خاص مددگار قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين P&D نجم شاهه، سينيئر صوبائي سيڪريٽرين ۽ ورلڊ بينڪ جا شعبي وار ماهر شريڪ ٿيا جڏهن ته ورلڊ بينڪ جا وڌيڪ 13 ماهر وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا۔ اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، خريداري جي عمل ۾ تيزي آندي وڃي ۽ رقم جي وقت سر جاري ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ چيو ته هر ڊالر جو فائدو عوام جي زندگين جي بهتري ۾ نظر اچڻ گهرجي۔
Back