وڏي وزير اسڪيم 33 ۽ تڪ 98 جي معاملن تي سخت نوٽيس ورتو
وڏي وزير اسڪيم 33 ۽ تڪ 98 جي معاملن تي سخت نوٽيس ورتو
Posted on: 25 Jul 2025 Tags:ڪراچي (23 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، اسڪيم 33 جي 4 يونين ڪائونسلن ۾ سيوريج سسٽم جي ناڪامي ۽ سنڌ اسيمبلي جي حلقه 98 ۾ وڌندڙ شهري مسئلن تي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ادارن کي فوري ڪارروائي جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. وڏي وزير پنهنجي سخت بيان ۾ چيو تہ شهري علائقن ۾ ناقص سيوريج ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. اسڪيم 33 ۽ حلقه 98 ۾ جن ادارن غفلت ڪئي آهي، انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. عوام کي مسئلن ۾ اڪيلو ڇڏڻ بلڪل به قبول نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شهري علائقن ۾ بهتر بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ ڪنهن به غفلت يا نااهلي کي قبول نه ڪيو ويندو. وڏي وزير مڪاني ادارن جي وزير، ڪمشنر ڪراچي ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ کي هدايت ڪئي ته اسڪيم 33 جي سڀني متاثر يونين ڪائونسلن ۾ فوري سروي مڪمل ڪئي وڃي ۽ هنگامي بنيادن تي سيوريج نظام جي مرمت ۽ بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو تہ حلقو 98 سميت سمورن شهري علائقن ۾، جتي عوامي مسئلا وڌي رهيا آهن، اتي حڪومتي رِٽ بحال ڪئي ويندي ۽ هر سطح تي جوابدهي يقيني بڻائي ويندي. وڏي وزير لاڳاپيل ادارن کي ٽي ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪئي آهي.
Back