وڏي وزير حيدرآباد ۾ برسات کان پوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال جو نوٽيس ورتو

وڏي وزير حيدرآباد ۾ برسات کان پوءِ ٻوڏ جهڙي صورتحال جو نوٽيس ورتو

Posted on: 15 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (14 جولاءِ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حيدرآباد ۾ تيز برسات کان پوءِ مختلف علائقن ۾ پيدا ٿيل ٻوڏ جهڙي صورتحال جو ويجهو جائزو ورتو ۽ ميئر حيدرآباد سان رابطو ڪري نيڪاليءَ جي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. وڏي وزير پاڻي جي تڪڙي نڪاسي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. برسات کان پوءِ حيسڪو جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ نيڪال وارا پمپنگ اسٽيشن عارضي طور تي بند ٿي ويا ۽ نيڪال جو عمل متاثر ٿيو. وڏي وزير توانائي واري وزير ناصر شاهه کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي حيسڪو انتظاميه سان رابطو ڪري پمپنگ اسٽيشنن جي بجلي بحال ڪرائي وڃي. مراد علي شاهه عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ لاءِ سڀني اهم روڊن کي جلد کان جلد آمدرفت لاءِ قابل بڻائڻ تي زور ڏنو. هن ضلعي انتظاميا، بلدياتي ادارن، سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ، ٽريفڪ پوليس ۽ ريسڪيو ادارن سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير زور ڏنو ته عوام جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. هن اضافي احتياطي قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي جن ۾ نشيبي علائقن ۾ ڊي واٽرنگ پمپس ۽ عملي کي الرٽ رکڻ، خطرناڪ بجليءَ وارن هنڌن تي خبرداريءَ جا بورڊ لڳائڻ، 24 ڪلاڪ فعال ڪنٽرول روم هلائڻ ۽ ميڊيا ذريعي بروقت عوام کي معلومات ڏيڻ شامل آهي. مراد علي شاهه شهرين کي اپيل ڪئي ته برسات دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ لاڳاپيل ادارن سان سهڪار ڪن ته جيئن ممڪن خطرا گهٽجي سگهن. سنڌ حڪومت پاران مون سون جي برساتن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ مشڪلاتن کي گهٽائڻ ۽ شهرين جي جان و مال جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ سڀ ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.

Back