وڏي وزير جع صدارت ھعٹ اعليٰ سطحي اجلاس، سرڪاري، خانگي ۽ ڪمرشل عمارتن ۾ فائر سيفٽي آڊٽ جي هدايت
وڏي وزير جع صدارت ھعٹ اعليٰ سطحي اجلاس، سرڪاري، خانگي ۽ ڪمرشل عمارتن ۾ فائر سيفٽي آڊٽ جي هدايت
Posted on: 18 Feb 2026 Tags:ڪرچي (25 جنوري)؛ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي صوبي جي سڀني سرڪاري، خانگي ۽ ڪمرشل عمارتن ۾ فائر سيفٽي آڊٽ جي هدايت ڪئي. شروعاتي طور تي 2,368 عمارتن جو معائنو ڪيو ويندو، جن جي مڪمل ٿيڻ لاءِ سخت ٽائم لائنون مقرر ڪيون وينديون، انهي سان گڏ عوامي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ واضح حڪم جاري ڪيا ويندا. خلاف ورزي جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وڏي وزير صوبي جي اهم سرڪاري، غير سرڪاري ۽ ڪمرشل عمارتن جي هڪ جامع فائر سيفٽي آڊٽ جي منظوري ڏني. هن قدم جو مقصد حفاظتي پروٽوڪول کي ادارتي بڻائڻ ۽ عوامي جان ۽ مال جي بهتر حفاظت ڪرڻ آهي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ناصر حسين شاهه، صلاحڪار گيان چند اسراني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ وسيم شمشاد، ايڊيشنل آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ، سيڪريٽري بحالي نثار ميمڻ، ڊي جي ايس بي سي اي مزمل هاليپوٽو، ڊي جي پي اينڊ ڊي الطاف ساريو، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه، چيف فائر آفيسر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شرڪت ڪئي. اجلاس وڏي وزير زور ڀريو ته سڀني اهم ۽ وڏين عمارتن جو مڪمل آڊٽ هاڻي اختياري نه هوندو. هن چيو ته سڀني ڪمرشل، خانگي ۽ سرڪاري عمارتن کي جديد باهه کان بچاءُ واري نظام سان ليس هجڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته عمارتن ۾ واضح نشانيون هجڻ گهرجن ۽ ان سان گڏ داخلي خارجي رستا به رڪاوٽ کان پاڪ هجڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته ان جو مقصد ضلعي ۽ تعلقي سطح تي هنگامي تيارين کي مضبوط ڪرڻ آهي ته جيئن اهڙن واقعن کي مؤثر طريقي سان منهن ڏئي سگهجي. وڏي وزير چيو ته مختلف رپورٽن ۽ معائنن ذريعي حڪومت شروعاتي آڊٽ مرحلي لاءِ صوبي ۾ ڪل 2,368 عمارتن جي سڃاڻپ ڪئي آهي.
شروعاتي آڊٽ ۾ سڃاڻپ ڪيل 2,368 عمارتن جا تفصيل هن ريت آهن:
سکر ۾ 898، ڪراچي ۾ 562، حيدرآباد ۾ 540، شهيد بينظير آباد ۾ 171، لاڙڪاڻي ۾ 143 ۽ ميرپورخاص ۾ 54 شامل آهن. وڏي وزير ٽن مرحلن تي عملدرآمد جي منصوبي جي منظوري ڏني جنهن ۾ تعميل لاءِ مرحليوار وقت شامل آهي. فوري قدمن جي طور تي فائر الارم پينلز، پورٽيبل ڊوائيسز ۽ ايمرجنسي سگنلن جو معائنو ڪيو ويندو. اسموڪ ڊيٽيڪٽرز، سينٽرل الارم سسٽم، ۽ هائڊرنٽس جي انسٽاليشن ۽ آپريشن کي يقيني بڻايو ويندو. جڏهن ته بهتر بجلي جي وائرنگ ۽ خودڪار باهه جي خاتمي واري نظام جي انسٽاليشن پڻ ضروري آهي. مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته ايس بي سي اي ۽ پي ڊي ايم اي جون ٽيمون اهم ۽ وڏين عمارتن جي انتظاميا سان ملن ۽ انهن کي فوري، مختصر مدت، وچولي مدت ۽ ڊگهي مدت جي باهه جي حفاظت جي قدمن تي عمل درآمد لاءِ هڪ مخصوص وقت جو فريم ڏنو وڃي. عدم تعميل جي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. مراد علي شاهه اها به هدايت ڪئي ته منظور ٿيل بيسمنٽ ۽ ميزانائن صرف پارڪنگ لاءِ استعمال ڪيا ويندا ۽ دڪانن، گودامن يا ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ نه. وڏي وزير ڪمرشل عمارتن جي سالياني حفاظتي معائنن جي بحالي جي پڻ منظوري ڏني جيڪي ڪجهه سال اڳ بند ڪيا ويا هئا.هن چيو ته بجلي ۽ ٻيون سهولتون جن ۾ ايمرجنسي ايگزٽ ۽ انٽري پوائنٽس ۽ ٻين کي معائنن ذريعي يقيني بڻايو ويندو. وڏي وزير سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) ۽ پي ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته هو عمل نه ڪندڙ عمارتن کي سخت نوٽيس جاري ڪن. وڏي وزير چيو ته ڪنهن به صورت ۾ حفاظتي معيارن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.