وڏي وزير جو ڪورنگي ڪراسنگ تي تعمير هيٺ نئين انڊس اسپتال جو دورو
وڏي وزير جو ڪورنگي ڪراسنگ تي تعمير هيٺ نئين انڊس اسپتال جو دورو
Posted on: 07 Apr 2025 Tags:وڏي وزير جو ڪورنگي ڪراسنگ تي تعمير هيٺ نئين انڊس اسپتال جو دورو
سنڌ حڪومت ۽ انڊس نيٽ ورڪ جي سهڪار سان قائم اسپتال جلد افتتاح لاءِ تيار
وڏي وزير ٰ جو اسپتال جي مختلف شعبن جو دورو، منصوبي بابت بريفنگ حاصل
انڊس اسپتال جناح ۽ سول اسپتال کان پوءِ ڪراچي جو ٽيون وڏو اسپتال آهي، وڏو وزير
وڏي وزير ٰ جو انڊس نيٽ ورڪ جي انتظام هيٺ هلندڙ بدين اسپتال ۾ مدر اينڊ چائلڊ وارڊ ٺاهڻ جو اعلان
انڊس اسپتال کي 1380 بسترن تائين وڌايو ويندو، وڏي وزير ٰ جي حمايت کانسواءِ منصوبو ممڪن نه هو، ڊاڪٽر باري جو اعتراف
ڪراچي (30 مارچ): سنڌ جي وڏي وزير ٰ سيد مراد علي شاهه ڪورنگي ڪراسنگ ۾ تعمير هيٺ انڊس اسپتال جو دورو ڪيو۔ هي منصوبو سنڌ حڪومت ۽ انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي سهڪار سان قائم ڪيو پيو وڃي ۽ جلد افتتاح لاءِ تيار هوندو۔
انڊس اسپتال اينڊ هيلٿ نيٽ ورڪ جي بورڊ جي چيئرمين عبد الڪريم پراچا، ريسورس جنريشن ڪميٽي جي چيئرمين سليم رزاق تاباني، بورڊ آف ڊائريڪٽرس جي خالد خناني، صدر ڊاڪٽر عبدالباري خان، سي اي او ڊاڪٽر سيد ظفر زيدي، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرس ڊاڪٽر محمد امين چنائي، ڊاڪٽر محمد شمال اشرف، سيد شهاب اختر ۽ سيد مشهود رضوي وڏي وزير جو آڌرڀاءُ ڪيو۔
مراد علي شاهه اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو، جن ۾ بالغن جا وارڊ، آپريٽنگ روم، سرجيڪل آءِ سي يوز، فيملي ميڊيسن ڪلينڪس، ڪنسلٽنٽ ڪلينڪس، ٽيلي ايمرجنسي، ايمرجنسي وارڊ ۽ بلڊ سينٽر شامل هئا۔
ڊاڪٽر باري وڏي وزير ٰ ٰ کي آگاهه ڪيو ته پهرين مرحلي ۾ 90 بسترن تي مشتمل ايمرجنسي ڊپارٽمينٽ شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ويجهي مستقبل ۾ اسپتال جي گنجائش وڌائي 1,380 بسترن تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي۔
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسپتال جو دورو ڪيو ۽ منصوبي بابت بريفنگ حاصل ڪئي۔ دوري دوران هن چيو ته ڪورنگي انڊس اسپتال جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر (جي پي ايم سي) ۽ سول اسپتال کان پوءِ ڪراچي جو ٽيون وڏو طبي مرڪز هوندو۔ وڏي وزير يقين ڏياريو ته هي اسپتال مريضن کي مفت علاج فراهم ڪندو۔
ڊاڪٽر باري ٻڌايو ته ڪورنگي انڊس اسپتال هڪ پيپرليس سهولت طور ڪم ڪندو ۽ ان ۾ نيورو سائنسز ۽ بالغن جي آنڪولوجي لاءِ خاص وارڊ شامل هوندا۔ هن اعتراف ڪيو ته "هي منصوبو وڏي وزير جي حمايت کانسواءِ ممڪن نه هو۔"
وڏي وزير اهو به اعلان ڪيو ته انڊس اسپتال نيٽ ورڪ جي انتظام هيٺ بدين اسپتال ۾ هڪ ڌار مدر اينڊ چائلڊ بلاڪ تعمير ڪيو ويندو۔ هن چيو ته "انڊس نيٽ ورڪ اعليٰ معيار جون طبي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، ۽ اسان سموري سنڌ ۾ صحت جون سهولتون بهتر ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون۔"
Back