وڏي وزير جشن آزادي جي صوبائي سطح تي تقريبون منعقد ڪرڻ جي منصوبي کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي
وڏي وزير جشن آزادي جي صوبائي سطح تي تقريبون منعقد ڪرڻ جي منصوبي کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي
Posted on: 27 Jul 2025 Tags:ڪراچي (26 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ 2025 تائين جاري رهندڙ آزادي ڏينهن جي تقريبن لاءِ هڪ جامع منصوبي کي آخري شڪل ڏني وئي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، سردار شاهه، سعيد غني، سردار محمد بخش مهر، ذوالفقار شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، سيڪريٽري تعليم زاهد عباسي، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو، وزيراعليٰ جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري اطلاعات نديم ميمڻ، سيڪريٽري جي اي محمد علي کوسو، ڪور فائي، پاڪستان نيوي ۽ ايئرفورس جي نمائندن شرڪت ڪئي. وڏي وزير ٻڌايو ته آزادي ڏينهن جون تقريبون پهرين آگسٽ کان 14 آگسٽ تائين جاري رهنديون جن جو ٻٽو ٿيم هوندو: "يومِ آزادي ۽ معرڪوءِ حق". اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ هڪ ڪميٽي ڇهن اهم نقطن تي تقريبن جي رٿابندي ڪئي آهي جن ۾ اُڏام پاڪستان (سفارتڪاري، دفاع، معيشت)، علائقي ۾ استحڪام لاءِ اڳواڻي جو ڪردار، سافٽ پاور ۽ عالمي تصوير کي اجاگر ڪرڻ، سائي سياحت ۽ پائيداري، شھري اتحاد ۽ مزاحمتي جذبو شامل آهن. مراد علي شاهه لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته پرچم ڪشائي جي تقريبن، پريڊ، ثقافتي پروگرامن ۽ عوامي شموليت جي منصوبن لاءِ مڪمل تياريون ڪن. ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو سميت وڏن شهرن ۾ واڪٿون، يوتھ ريليون ۽ عوامي گڏجاڻيون منعقد ڪيون وينديون. هن چيو ته آزادي جو ڏينهن قومي فخر ۽ اتحاد جو ڏينهڙو آهي. اسان کي يقيني بڻائڻو پوندو ته خاندان، نوجوان ۽ شهرين کي مڪمل اعتماد ۽ تحفظ سان انهن تقريبن ۾ شرڪت جو موقعو ملي. هن ضلعي انتظاميا ۽ تعليمي ادارن کي به هدايت ڪئي ته مقامي سطح تي تقريري مقابلن، مباحثن ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪن ته جيئن شاگردن ۾ پاڪستان جي تاريخ ۽ شهري قدرن بابت شعور اجاگر ٿئي. اجلاس جو اختتام ان عزم سان ڪيو ويو ته سموريون تقريبون پرامن، جامع، مربوط ۽ قومي يڪجهتي جي جذبي سان سرشار هونديون. وڏي وزير اهو واعدو ڪيو ته صوبائي حڪومت آزادي جي تقريبن کي نه رڳو يادگار بڻائيندي پر سنڌ جي حب الوطني ۽ قومي جذبي جي حقيقي عڪاسي به ٿيندي.
Back