وڏي وزير جي ايمافین جي اڳواڻي ھيٺ ADB وفد سان ملاقات، ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو

وڏي وزير جي ايمافین جي اڳواڻي ھيٺ ADB وفد سان ملاقات، ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو

Posted on: 23 Nov 2025   Tags:

ڪوسٽل ڊويلپمينٽ پروجيڪٽ منظوري آخري مرحلي ۾، 75 ملين ڊالر جا نوان منصوبا پڻ پائيپ لائين ۾ آھن، وڏو وزير

ڪراچي (20 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ايشيا ترقياتي بينڪ (ADB) پاڪستان ريزِيڊنٽ مشن جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي اڳواڻي ۾ ايندڙ وفد سان ملاقات دوران صوبي ۾ ADB جي مدد سان هلندڙ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر، شهري ترقي ۽ موسمياتي لچڪ سميت اهم شعبن ۾ مستقبل جي سهڪار تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات جي شروعات ۾ ADB جي ڪنٽري هيڊ وڏي وزير کي آگاهي ڏني ته ڪوسٽل ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ منظوري جي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي جڏهن ته صوبي جا ڇهه نوان منصوبا جن جي گڏيل قيمت 75 ملين ڊالر آهي پڻ پائيپ لائين ۾ آهن. وڏي وزير سان سينئر وزير ٽرانسپورٽ شرجيل ميمڻ، وزير منصوبابندي ۽ ترقي جام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم احمد شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا. ايمافین سان گڏ ڊپٽي ڪنٽري ڊائريڪٽر اسد عليم، ڪنٽري پروگرامن آفيسر خيّام سهيل عباسي، پروجيڪٽ آفيسر حامد خان ۽ عدنان علي پڻ موجود هئا. ملاقات دوران ڪراچي بي آر ٽي ريڊ لائن پروجيڪٽ، شهري ٽرانسپورٽ ۾ سڌارا، انفراسٽرڪچر جي جديدڪاري ۽ موسمياتي خطري جي مقابلي لاءِ لچڪ وڌائڻ جي پروگرامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. فنانسنگ جي ضرورتن، ادارا مضبوط ڪرڻ، منصوبن جي ڪارڪردگي ۽ اهم حصن جي مڪمل ٿيڻ واري ٽائيم لائن تي به بحث ٿيو. سينئر وزير ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعات اجلاس کي ٻڌايو ته وڏي وزير جي هدايتن تي بي آر ٽي ريڊ لائن جون سڀ رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن ۽ رڪيل ڪم ٻيهر شروع ٿي ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه ADB وفد کي يقين ڏياريو ته صوبائي حڪومت منصوبا تيز رفتاري سان مڪمل ڪرڻ ۽ سڀني رڪاوٽن کي حل ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو سندھ ADB کي هڪ ڊگهي عرصي کان معتبر ترقياتي ساٿي سمجهي ٿو. اسان منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکون ٿا. شهري ٽرانسپورٽ، پاڻي، موسمياتي لچڪ ۽ انفراسٽرڪچر وارا منصوبا ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ عوام جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. ADB جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافین سنڌ حڪومت جي دلچسپي ۽ مالڪي کي ساراهيو ۽ موجوده ۽ مستقبل جي منصوبن لاءِ تعاون جاري رکڻ جو وعدو ڪيو. هن چيو حڪومتِ سنڌ ADB جي سهڪار واري پروگرامن جي سٺي ملڪيت ڏيکاري آهي. اسان اڄ ظاهر ڪيل عزم جي واکاڻ ڪريون ٿا ۽ شهري ٽرانسپورٽ، موسمياتي لچڪ ۽ جامع ترقي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ چاهيون ٿا. هن ڪارڪردگي بينچ مارڪس پورو ڪرڻ، ادارا مضبوط ڪرڻ خاص طور ٽرانس ڪراچي لاءِ جيڪو بي آر ٽي سسٽم جو اهم ذميوار ادارو آهي ۽ ڪميونٽي ۽ حفاظتي معاملن کي بروقت حل ڪرڻ تي زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ جي صورت ۾ ADB قرض وڌائڻ ۽ اضافي فنانسنگ تي غور ڪندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبو رفتار برقرار رکي ته جيئن ترقياتي هدف طئي وقت اندر حاصل ٿي سگهن. ٻنھي ڌرين اتفاق ڪيو ته فنانسنگ، منصوبن جي ري اسٽرڪچرنگ، ڪميونٽي شڪايتن جي ازالي، حفاظتي ضابطن جي پابندي ۽ عملدرآمد ڪندڙ ادارن جي صلاحيت وڌائڻ بابت ايندڙ مهينن ۾ ويجهو رابطو برقرار رکيو ويندو. ملاقات جي پڄاڻي تي وڏي وزير ADB وفد جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل تعاون سان هي شراڪت وڌيڪ مضبوط ٿيندي۔

Back