وڏي وزير جي هدايت تي رين ايمرجنسي ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان جاري

وڏي وزير جي هدايت تي رين ايمرجنسي ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان جاري

Posted on: 10 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (9 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي ڪراچي ۾ برساتن جي امڪان کي نظر ۾ رکندي رين ايمرجنسي ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان جاري ڪيو ويو آهي۔ ترجمان موجب سخت برسات دوران ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ سيڪشن آفيسر، ڊي ايس پيز ۽ ايس پيز روڊن تي مقرر رهندا۔ اهم هنڌن، ڊائيوَرجن پوائنٽس ۽ متبادل رستن تي به آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن شهرين کي آمد و رفت ۾ مشڪلات پيش نه اچي۔ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته هر ٽريفڪ پوليس ٽيم کي ضروري اوزار ۽ رڪوري وسيلا ڏنا ويا آهن جن ۾ فورڪ لفٽرز، موٽر سائيڪل لفٽرز، منِي رڪوري گاڏيون ۽ هيَوي رڪوري گاڏيون شامل آهن۔ خاص ٽيمون لائف سيونگ رسين ۽ امدادي سامان سان ليس آهن جڏهن ته موبائل ورڪشاپس به روڊن تي موجود هونديون جيڪي خراب گاڏين کي فوري ٽيڪنيڪل سهولت ڏينديون۔ وڏي وزير هدايت ڪئي ته برسات دوران روڊن تي ڦاٿل شهرين کي بروقت مدد ڏني وڃي ۽ ڪنهن به ممڪن اربن فلڊنگ جي صورت ۾ هنگامي قدم کنيا وڃن۔ ٽريفڪ پوليس شهري کي ايف ايم 88.6 ۽ ٻين چينلز ذريعي ٽريفڪ جي صورتحال کان آگاهه ڪري رهي آهي، جڏهن ته هيلپ لائن 1915 ذريعي پڻ وقت سر ڄاڻ ۽ رهنمائي مهيا ڪئي پئي وڃي۔ ڪراچي ٽريفڪ پوليس شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته برسات دوران غير ضروري سفر کان پاسو ڪن۔

Back