وڏي وزير جي هدايت تي شهر ۾ انتظاميا ۽ بلدياتي ادارا سرگرم
وڏي وزير جي هدايت تي شهر ۾ انتظاميا ۽ بلدياتي ادارا سرگرم
Posted on: 10 Sep 2025 Tags:ڪراچي (9 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي شهر ۾ انتظاميا ۽ بلدياتي ادارا سرگرم ٿي ويا آهن۔ برسات کان پوءِ سڀئي ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز ۽ ٽائون جو عملو نيڪال جي ڪم ۾ مصروف آهي۔ ڪمشنر ڪراچي وزيراعليٰ سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته شهرين جي سهولت لاءِ ضلعي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس کي به روڊن تي مقرر ڪيو ويو آهي ته جيئن ٽريفڪ جي رواني برقرار رهي۔ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اسسٽنٽ ڪميشنرز يلو جيڪٽ پائي نيڪاسي جي ڪم جي سڌي نگراني ڪري رهيا آهن جڏهن ته بلدياتي ادارا ۽ لاڳاپيل عملو برساتي پاڻي جي وقت سر نيڪال لاءِ لڳاتار ميدان ۾ موجود آهن۔
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat