وڏي وزير جي هدايت تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جو ملاڪاتيّار بند جو دورو
وڏي وزير جي هدايت تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جو ملاڪاتيّار بند جو دورو
Posted on: 10 Sep 2025 Tags:ڪراچي (9 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي فوڪل پرسن ليفٽ بئنڪ ۽ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ملاڪاتيّار بند جو دورو ڪيو۔ دوري دوران صوبائي وزير وڏي وزير کي ملاڪاتيّار بند تي جاري اسٽون پچنگ جي ڪم جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو۔ هن ٻڌايو ته بند جي لڳاتار نگراني ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظاميا ۽ عملي کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي۔ محمد علي ملڪاڻي وڌيڪ چيو ته بند جي مضبوطي ۽ مرمت جا قدم فوري بنيادن تي کنيا پيا وڃن ته جيئن عوام کي ممڪن خطرن کان بچائي سگهجي۔ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه هن موقعي تي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ بند جي نگرانيءَ جي عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻايو وڃي۔ صوبائي وزير جي دوري دوران چيف انجنيئر ڪوٽڙي بئراج سيد رياض شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال پليجو ۽ ايڪسئن شهريار ميمڻ به موجود هئا۔
Back