وڏي وزير جي صدارت ھيٺ اجلاس، سکر حيدرآباد موٽر وي جو جائزو
وڏي وزير جي صدارت ھيٺ اجلاس، سکر حيدرآباد موٽر وي جو جائزو
Posted on: 20 Jun 2025 Tags:ڪراچي (19 جون): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايم-6 حيدرآباد-سکر موٽروي منصوبي جي اڳڀرائي ۽ درپيش مسئلن جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو. وڏي وزير هن موقعي تي چيو ته عدالتي مقدمن سبب منصوبي ۾ دير ٿي آهي تنهن هوندي به هن زور ڀريو ته منصوبي لاءِ گهربل سرڪاري ۽ نجي زمينن جي منتقلي 7 آگسٽ 2025 تائين مڪمل ڪئي وڃي ۽ ان کانپوءِ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن زمين جي حصول سان لاڳاپيل مسئلن جي فوري حل ۽ تعميراتي ڪم جي رفتار تي زور ڏنو ته جيئن ايندڙ مالي سال ۾ منصوبي جو عملي آغاز ممڪن بڻائي سگهجي۔ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سينيئر ميمبر بورڊ آف ريونيو بقاءُ الله انڙ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪميشنر حيدرآباد بلاول ميمڻ، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪمشنر سکر فياض عباسي، ڪمشنر شهيد بينظير آباد نديم ابڙو ۽ چيئرمين نئشنل هاءِ وي اٿارٽي (NHA) سميت ٻين علائقائي عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه واضح طور تي هدايت ڪئي ته زمين جي حصول سان لاڳاپيل سڀئي رڪاوٽون فوري ختم ڪيون وڃن ۽ 7 آگسٽ تائين زمينن جي منتقلي مڪمل ڪئي وڃي. چيف سيڪريٽري جي بريفنگ موجب جامشورو کان سکر تائين موٽروي لاءِ 7226.32 ايڪڙ زمين گهربل آهي جنهن مان 884.04 ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت جي ملڪيت آهي جڏهن ته 6342.28 ايڪڙ زمين نجي مالڪن جي آهي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت منصوبي لاءِ 4.5 ارب رپيا برج فنانسنگ لاءِ رکيا آهن جڏهن ته اين ايڇ اي پاران 6.27 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. هن ڪميشنر حيدرآباد کي هدايت ڪئي ته 342.15 ايڪڙ سرڪاري ۽ نجي زمين بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ مٽياري ۾ 1641.38 ايڪڙ زمين ٻن ڏينهن ۾ حاصل ڪئي وڃي. وڏي وزير پاران وڌيڪ هدايتون پڻ ڏنيون ويون جنهن ۾ شهيد بينظير آباد 1390.01 ايڪڙ، نوشهرو فيروز 1471.18 ايڪڙ، خيرپور 1802.1 ايڪڙ ۽ سکر 26.36 ايڪڙ زمينون 7 آگسٽ تائين حاصل ڪرڻ لازمي قرار ڏنيون ويون. مراد علي شاهه پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته هو نئين مالي سال ۾ ايم-6 موٽروے تي ڪم جي شروعات يقيني بڻائيندو ڇوته هي منصوبو سنڌ جي علائقائي رابطن ۽ معاشي واڌ ويجهه لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. اين ايڇ اي جي چيئرمين وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته هو فيبروري 2026 تائين ٽينڊرنگ جو عمل مڪمل ڪري، ڪم الاٽ ڪندو ۽ مارچ 2026 ۾ باقاعدي تعميراتي ڪم شروع ڪيو ويندو.
Back