وڏي وزير جي شدارت ھيٺ اعليٰ سطحي اجلاس: ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز، ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽن ۽ ٽينڪر مافيا خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

وڏي وزير جي شدارت ھيٺ اعليٰ سطحي اجلاس: ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز، ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽن ۽ ٽينڪر مافيا خلاف سخت ڪارروائي جو فيصلو

Posted on: 21 Aug 2025   Tags:

ڪراچي (19 آگسٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهارین خلاف جاري آپريشن کي وڌيڪ مضبوط ۽ تيز ڪيو ويندو، جڏهن⁠ته ڪراچي ۾ غيرقانوني هائيڊرنٽ ختم ڪري پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻايو ويندو۔

اجلاس ۾ ڪورڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل اويس دستگير، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار، ڊائريڪٽر جنرل رينجرز ميجر جنرل محمد شمريز، گهرو سيڪريٽري اقبال ميمن، انسپيڪٽر جنرل پوليس غلام نبي ميمن، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ، اسپيشل برانچ جا ايڊيشنل آءِ جي ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جا نمائندا پڻ موجود هئا۔

ڪچي جي علائقي ۾ آپريشن

سنڌ جي وڏي وزير چيو ته صوبائي حڪومت ڪچي جي علائقن ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي۔ پوليس کي هدايت ڏني وئي آهي ته ڌاڙيلن سان مقابلو ڪن، کين هٿيار ڇڏڻ تي مجبور ڪن۔

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن جي ڪچي جي علائقن ۾ آپريشن 2024 ۾ شروع ٿيو هو، جنهن کي آڪٽوبر 2024 کان جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي وڌيڪ تيز ڪيو ويو۔ ان دوران 729 انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائيون ۽ 261 سرچ اينڊ سوئپ آپريشن ڪيا ويا۔

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏکين علائقن سبب مشڪلاتون هيون، پر پوليس ۽ رينجرز جديد ٽيڪنالاجي ذريعي اهي رڪاوٽون ختم ڪيون ۽ ڌاڙيلن سان سڌي مقابلي کي ممڪن بڻايو۔ سنڌ پوليس رينجرز ۽ خفيه ادارن سان گڏجي مرحليوار اڳڀرائي ڪئي، مضبوط مورچا ٺاهي ۽ ڏوهارین جي وڏن ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو۔

جنوري 2024 کان 15 آگسٽ 2025 تائين 149 ڌاڙيل ماريا ويا، جن ۾ 10 سکر، 10 گھوٽڪي، 40 ڪشمور ۽ 89 شڪارپور جا هئا۔ ان ئي عرصي ۾ پوليس 582 ڌاڙيل گرفتار ڪيا، جن ۾ 41 سکر، 33 گھوٽڪي، 186 ڪشمور ۽ 322 شڪارپور جا هئا۔

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ هر صورت ۾ امن قائم رکڻو آهي، ڀنگ لاءِ اغوا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو۔ اجلاس جو مقصد ڌاڙيلن جو مڪمل خاتمو آهي۔

ڪراچي ۾ پاڻي جا مسئلا

اجلاس ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ۽ واٽر بورڊ جا آفيسر پڻ شامل هئا، جتي شهر جي پاڻي جي سنگين مسئلن تي بحث ڪيو ويو۔ ٻڌايو ويو ته پراڻي انفراسٽرڪچر سبب پاڻي جو دٻاءُ گهٽجي ويو آهي، پائيپ بار بار ڦاٽڻ ۽ ليڪيج وڌي ويا آهن، جنهن سبب غيرقانوني پاڻي چوري کي هٿي ملي رهي آهي۔

واٽر بورڊ جي نمائندن ٻڌايو ته اهم جڳهن تي پاڻي جي وهڪري ۽ دٻاءُ جي ريئل ٽائيم نگراني نه هجڻ ڪري موثر انتظام ممڪن ناهي۔ نفاذ ۾ دير، غير مستقل آڊٽ ۽ احتساب جي کوٽ مسئلا وڌائي رهي آهي۔

اجلاس ۾ ظاهر ڪيو ويو ته منظم ڏوهاري گروهه مکيه سپلائي لائينن مان غيرقانوني ڪنيڪشن وٺي ٽينڪر ڀرين ٿا ۽ بغير فلٽر ٿيل پاڻي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا۔ هي غيرقانوني ڪاروبار مڪمل نيٽ ورڪ سان هلي رهيو آهي، جنهن ۾ پائپ، والوز ۽ پمپ شامل آهن ۽ ان سبب ڪارپوريشن کي وڏو مالي نقصان ٿي رهيو آهي۔

واٽر بورڊ اختيارين ٻڌايو ته غيرقانوني ڪنيڪشن ۽ هائيڊرنٽن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي۔ وڏن باقيدارن جا پاڻي ڪنيڪشن ڪٽڻ ۽ سي او ڊي تي پاڻي سان لاڳاپيل ڏوهن لاءِ الڳ پوليس اسٽيشن قائم ڪرڻ جو عمل جاري آهي۔

اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ٽربيونل جي قيام جو عمل تيز ڪيو ويندو، قانوني سڌارا ۽ ڪميونٽي رپورٽنگ سسٽم کي بهتر بڻايو ويندو۔ پاڻي جي ميٽرنگ، نگراني، ماسٽر پلاننگ سان گڏوگڏ جديد ايس سي اي ڊي اي سسٽم، ٽيڪس سروي، ۽ اثاثن جو انتظام لاڳو ڪيو پيو وڃي۔

اجلاس جي آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڻي چوري خلاف سخت قانوني ۽ ضابطي وارا قدم کنيا ويندا ته جيئن ڏوهن کي روڪي سگهجي ۽ بقايا وصولي ممڪن بڻجي۔ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏجي پاڻي جي چوري، غيرقانوني هائيڊرنٽ ۽ ٽينڪر مافيا خلاف گڏيل ۽ سخت ڪارروائي تي زور ڏنو ويو۔ ان سان گڏ پاڻي جا نوان ذريعا وڌائڻ، انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا منصوبا به شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔

عبدالرشيد چنا

ميڊيا ڪنسلٽنٽ، سنڌ جو وڏو وزير

Back