وڏي وزير ڪڻڪ جي ذخيرن ۽ رسد جي صورتحال جو جائزو ورتو

وڏي وزير ڪڻڪ جي ذخيرن ۽ رسد جي صورتحال جو جائزو ورتو

Posted on: 17 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (16 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن ۽ فراهمي واري صورتحال جو جائزو وٺندي اعلان ڪيو آهي ته صوبي وٽ فيبروري جي پڄاڻي تائين وڏو ذخيرو موجود آهي جڏهن ته نئين ڪڻڪ جي فصل مارچ ۾ دستياب ٿيندي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو خوراڪ بابت صلاحڪار جبار خان، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، وڏي وزير جو سيڪريٽري عبد الرحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت زمان ناريجو ۽ ٻيا اهم عملدار شريڪ هئا جڏھن ته صوبائي وزير آبپاشي جام خان شورو ۽ زراعت وارو وزير محمد بخش مهر ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت سنڌ وٽ 13 لک ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي. وڏي وزير جي سوال تي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ گڏيل طور هر مهيني ڪڻڪ جي ضرورت 4 لک ٽن آهي جڏهن ته عام مارڪيٽ ۾ وڌيڪ 6 لک ٽن ڪڻڪ دستياب آهي. وڏي وزير چيو ته موجوده ذخيرا صوبي کي فيبروري 2026 تائين سنڀالڻ لاءِ ڪافي آهن. عملدارن ٻڌايو ته نئين فصل مارچ ۾ اچڻ جي اميد آهي جنهن سان فراهمي جو تسلسل قائم رهندو. سيد مراد علي شاهه اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته خوراڪ جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ پاليسي تيار ڪري حڪومت کي منظوري لاءِ پيش ڪئي وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته اٽي جي قيمتن جي سخت نگراني ڪئي وڃي ته جيئن موجوده ذخيرا هوندي به ڪنهن غيرضروري واڌ کان بچي سگهجي ۽ عوام کي مناسب قيمت تي اٽو مهيا رهي. وڏي وزير صوبي جي عوام لاءِ خوراڪي تحفظ ۽ قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي پنهنجي عزم کي ٻيهر ورجايو.

Back