وڏي وزير کي ملير ندي واقعي جي رپورٽ پيش، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي هدايت

وڏي وزير کي ملير ندي واقعي جي رپورٽ پيش، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت جي هدايت

Posted on: 10 Sep 2025   Tags:

ڪراچي (9 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ملير ندي ۾ افسوسناڪ واقعي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي جتي هڪ نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو۔ تفصيل موجب واقعو ڳوٺ يار محمد، تعلقو ابراهيم حيدري ۾ پيش آيو جتي ٻه ماڻهو ندي پار ڪري رهيا هئا، پاڻي جي وهڪري ۾ اضافي سبب حادثو پيش آيو۔ ڊپٽي ڪميشنر ملير بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 27 سالن جو عرفان احمد ترين ٻڏي ويو جڏهن ته علي گل ميٺياڻي محفوظ نڪري آيو۔ ريسڪيو 1122 جون ٽيمون لاش جي تلاش ۾ مصروف آهن جڏهن ته ڊپٽي ڪميشنر ملير پاڻ ريسڪيو آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي۔ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪميشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ملير ندي جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن کي صورتحال کان فوري طور آگاهه ڪيو وڃي ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي۔

Back