وڏي وزير مراد علي شاھ جي هدايت تي ڪراچي جي انتظاميا هاءِ الرٽ
وڏي وزير مراد علي شاھ جي هدايت تي ڪراچي جي انتظاميا هاءِ الرٽ
Posted on: 10 Sep 2025 Tags:ڪراچي (9 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هدايت تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي جي انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي۔ موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران شهر ۾ نئين برساتي اسپيل جو امڪان آهي۔ چيف سيڪريٽري ڪميشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي ته ضلعي انتظاميا ۽ بلدياتي ادارا فوري طور تي ميدان ۾ نڪرن ۽ عوامي سهولتن لاءِ قدم کڻن۔ ڪمشنر ڪراچي سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ بلدياتي عملي کي هدايت ڪئي ته برساتي اسپيل لاءِ مڪمل تياري رکن۔ ڪمشنر وڌيڪ چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ميونسپل ڪمشنرن فوري طور ندي نالن ۽ نيڪال جي صورتحال جو جائزو وٺن ۽ عوامي سهولتن کي نظر ۾ رکندي ضروري مشينري مهيا ڪن۔ هن ٽريفڪ پوليس کي به هدايت ڪئي ته برسات دوران ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن۔ وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم اي طرفان فراهم ڪيل مشينون به نيڪال لاءِ تيار رکيون وڃن۔
Back
Dr. Ziauddin Ahmed Road, Karachi, Pakistan
009299202051
09:00 A.M to 05:00 P.M
2026 © Chief Minister's Secretariat