وڏي وزير مراد علي شاه پاران EU جي GSP+ مانيٽرنگ مشن جو ڀليڪار

وڏي وزير مراد علي شاه پاران EU جي GSP+ مانيٽرنگ مشن جو ڀليڪار

Posted on: 17 Dec 2025   Tags:
ڪراچي (25 نومبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڱاري ڏينهن يورپي يونين (EU) مانيٽرنگ مشن کي ڪراچي آمد تي ڀليڪار ڪيو جيڪو جي ايس پي پلس اسڪيم جي پنجين ٻه سالياني جائزي جي سلسلي ۾ دوري تي هو. هن انسانِي حقن، مزدورن جي حقن، گورننس، ماحولياتي تحفظ ۽ سماجي ترقي بابت سنڌ حڪومت جي مضبوط عزم کي ٻيهر ورجايو۔ ست رڪني EU وفد جي اڳواڻي مسٽر سرجيو باليبيريا ڪري رهيو هو جيڪو ڊائريڪٽوريٽ جنرل ٽريڊ جي جي ايس پي پلس ڊائريڪٽوريٽ جو ايڊوائيزر آهي۔ وفاقي سيڪريٽري آف ڪامرس جوڊ پال پڻ اجلاس ۾ موجود هو۔ سنڌ پاران صوبائي وزير سعيد غني، سيد ضياءُ الحسن لنجار، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ، سيڪريٽري ٽو سي ايم عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري قانون احمد علي بلوچ، انساني حقن جي سيڪريٽري خالد چاچڙ ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا۔ انساني حقن، مزدورن جا حق، اقليتن جو تحفظ ۽ سماجي ڀلائي: اجلاس ۾ انساني حقن، اقليتن جي حقن جن ۾ ٽرانس جينڈر برادري جو تحفظ به شامل هو، مزدوري معائني، ڪم ڪندڙ جڳهن تي حفاظت، ٻارن جا حق، موسمياتي تبديلي ۽ توانائي جي منتقلي تي تفصيلي بحث ٿيو۔ EU وفد سنڌ جي ڪوششن کي ساراهيو خاص طورانساني حقن جي تحفظ، اقليتي ڀلائي، سماجي حفاظتي قدمن ۽ ادارا جاتی سڌارن جي ميدان ۾۔ مسٽر سرجيو باليبيريا چيو سنڌ حڪومت پاران انساني حقن ۽ اقليتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدم همٿائڻ جهڙا آهن. وڏي وزير پاران يورپي يونين ڀائيواري ۽ جي ايس پي+ جي اهميت تي زور: وفد کي ڀليڪار ڪندي وزيراعظم يورپي يونين کي حقن بنياد تي گورننس کي هٿي ڏيڻ ۾ هڪ ديرينه پارٽنر قرار ڏنو۔ هن چيو يورپي يونين سان اسان جي ڀائيواري انتهائي اهم آهي۔ جي ايس پي پلس جو انتظام پاڪستان جي برآمدات، پائيدار ترقي ۽ ادارا جاتی سڌارن لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هن وقت جي ايس پي پلس جي پنجين ٻه سالياني جائزي مان گذري رهيو آهي ۽ سنڌ وزارتِ تجارت ۽ وفاقي ادارن سان مڪمل هم آهنگ آهي۔ هن وڌيڪ چيو يورپي ڪميشن کي جمع ڪرايل تفصيلي جواب وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ڪوششن جو عڪس آهن. سنڌ جو ٽريٽي امپليمينٽيشن سيل: وڏي وزير چيو ته سنڌ ٽريٽي امپليمينٽيشن سيل (TIC) جي ايس پي پلس اسڪيم سان لاڳاپيل سڀني 27 بين الاقوامي ڪنونشنز تي عمل ڪرائڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ هن EU وفد پاران TIC آفيس جي دوري کي سڌي رستي رابطي ۽ جائزي جو مثبت موقعو قرار ڏنو۔ سنڌ پاڪستان جو برآمداتي حب؛ جي ايس پي+ جي جاري رهڻ جي ضرورت: وڏي وزير مراد علي شاهه زور ڏنو ته سنڌ ملڪ جو بنيادي ايڪسپورٽ حب آهي جنهن ۾ ٽيڪسٽائيل، ليدر، فشريز ۽ مينوفيڪچرنگ اهم صنعتون آهن۔ هن چيو جي ايس پي پلس جو جاري رهڻ روزگار جي فراهمي، عورتن جي معاشي بااختياري، ايس ايم ايز جي سهائتا ۽ غربت ۾ گهٽتائي لاءِ نهايت ضروري آهي. هن EU کان درخواست ڪئي ته ايندڙ جي ايس پي+ فريم ورڪ ۾ حد کان وڌيڪ سخت شرطن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ چيو ته پاڪستان EU جي طرفان گنجائش وڌائڻ ۽ فني سهڪار جو خيرمقدم ڪندو۔ EU وفد پاران سنڌ جي سڌارن جي تعريف: EU ٽيم ليبر رائٽس، عورتن جي حقن ۽ ٽرانس جينڊر تحفظ جي حوالي سان سنڌ جي پيش رفت کي ساراهيو۔ وفد کي هيٺين بريفنگون ڏنيون ويون: انساني حقن ۽ سماجي انصاف: سنڌ انساني حقن جي ڪميشن کي 2023–25 دوران 491 شڪايتون مليون جن مان 50 سيڪڙو حل ڪيون ويون ۽ 62 سُوموٽو ڪيس اڪلايا ويا۔ ٽارچر ۽ ڪسٽوڊيل ڊيٿ ايڪٽ 2022 تحت 2000 پوليس آفيسرن کي تربيت ڏني وئي۔ عورتن خلاف تشدد جا 1356 ڪيس عدالتن ۾ التوا ھيٺ آهن، 154 سزا ڏني وئي جيڪو انصاف تائين رسائي جي مضبوطي کي ظاهر ڪري ٿو۔ اقليتن جي تحفظ لاءِ 33 پوليس ڊيسڪ قائم ڪيا ويا؛ 403 عبادتگاهون بحال ڪيون ويون۔ صحافين جي تحفظ لاءِ قائم ڪميشن 41 ڪيس حل ڪيا۔ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ٽرانس جينڊر شموليت: وڏي وزير چيو ته ٻوڏ کان متاثر 600000 گهر عورتن جي نالي رجسٽر ڪيا ويا، هن ان کي بااختياري جو تاريخي قدم قرار ڏنو۔ هن وڌيڪ چيو ته پنڪ بسن، پروفيشنل سکيا ۽ سرڪاري ملازمتن ۾ عورتن لاءِ 15 سيڪڙو ڪوٽا وڏي اڳڀرائي آهي۔ مقامي ادارن ۾ سيٽون ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ 0.5 سيڪڙو ڪوٽا ٽرانس جينڊر برادري لاءِ مقرر آهي۔ مزدورن جا حق ۽ معائنو: مراد علي شاهه چيو ته مزدورن جي حقن تي ڪو به سمجھوتو ناهي۔ سنڌ ليبر ڊپارٽمينٽ 2025 ۾ 18397 ليبر انسپيڪشن ڪيون، 1936 خلاف ورزيون سامهون آيون ۽ 1446 سزائون جاري ڪيون ويون۔ سنڌ جي ليبر مانيٽرنگ ILO معيار کان ٻيڻي سخت آهي۔ ڊرگ ريهیبيليٽيشن: سنڌ ڪنٽرول آف نارڪوٽڪ سبسٽينسز ايڪٽ 2024 تحت 3600 منشيات جا عادي بحال ڪيا ويا۔ وڏي وزير چيو ته سٺي گورننس ۽ اينٽي ڪرپشن حڪومت جون ترجيحات آهن۔ EU سنڌ جي جديد گورننس سسٽم کي ساراهيو۔ وڏي وزير ٻڌايو آن لائن اينٽي ڪرپشن سسٽم فعال آهي؛ 154 آفيسرن کي جديد جاچ جا اوزار سيکاريا ويا آهن. موسمياتي تبديلي ۽ صاف توانائي: ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته ميگروو ڪوريج 2010 ۾ 160000 هيڪٽر مان وڌي 2025 ۾ 265000 هيڪٽر تائين پهتي آهي۔ سنڌ ۾ 39 قابلِ تجديد توانائي جا منصوبا فعال آهن۔ سرڪاري اسڪول، صحت مرڪز ۽ آفيسون تيزي سان سولرائيز ٿي رهيون آهن۔ وڏي وزير چيو ته سنڌ جو موسمياتي ردِعمل پاڪستان لاءِ ماڊل طور سامهون آيو آهي۔ ٻارن جو تحفظ ۽ خاص تعليم: مراد علي شاهه چيو ته 2025 جي چائلڊ ليبر سروي مطابق ٻارن جي مزدوري جي شرح 20.6 سيڪڙو مان گهٽجي 10.3 سيڪڙو ٿي وئي آهي۔ هن ٻڌايو ته 5700 آٽزم جا ٻار CRUs ۾ داخل آهن؛ 66 خاص تعليم مرڪزن ۾ 4190 شاگرد پڙهي رهيا آهن۔ سوشل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري: وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن ۾ سنڌ جو سماجي شعبي جو بجيٽ 899 ارب رپين مان وڌي 1283 ارب رپيا ٿي ويو آهي۔ EU وفد سنڌ جي تيز موسمياتي قدمن، صاف توانائي جي منصوبن ۽ ٻارن جي حقن بابت سڌارن کي مثبت ۽ اثرائتا قرار ڏنو۔ اجلاس جي ايس پي+ سان لاڳاپيل جاري ۽ مستقبل جي قدمن جي جامع جائزي سان ختم ٿيو۔ وڏي وزير يقين ظاهر ڪيو ته جاري سڌارا، ادارا جاتی هم آهنگي ۽ EU سان تعميري لاڳاپا پنجين ٻه سالياني جائزي کي ڪامياب بڻائيندا۔ هن چيو اسان EU جي اعتماد جا ٿورائتا آهيون۔ سنڌ سڀني شعبي ۾ قابلِ ماپ نتيجا ڏنا آهن ۽ شفاف، موثر ۽ حقن بنياد تي گورننس لاءِ پُرعزم آهي.
Back