وڏي وزير مراد علي شاه پاران گل پلازا سانحي کانپوءِ وڏن رليف ۽ احتسابي قدمن جو اعلان

وڏي وزير مراد علي شاه پاران گل پلازا سانحي کانپوءِ وڏن رليف ۽ احتسابي قدمن جو اعلان

Posted on: 18 Feb 2026   Tags:

ڪراچي(23 جنوري): سنڌ اسيمبلي ۾ گل پلازا جي ڏکوئيندڙ واقعي تي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه متاثرن ۽ متاثر ٿيل واپارين لاءِ ريليف، بحالي ۽ احتساب تي ٻڌل جامع پيڪيج جو اعلان ڪيو ۽ واقعي کي سياست سان جوڙڻ توڙي ان کي 18هين آئيني ترميم سان ڳنڍڻ جي ڪوششن کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. خطاب جي شروعات ۾ وڏي وزير سانحي جي شهيدن لاءِ دعا، وارثن لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا گهري. هن چيو هي اهڙو سانحو آهي جنهن لاءِ لفظ ڪافي ناهن، بيگناهه جانيون وڃائجي ويون آهن ۽ سڄي شهر ۾ ڏک جي فضا آهي. جاني نقصان ۽ گمشدگيون: ايوان کي آگاهه ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته شروعات ۾ 88 ماڻهن جي گمشدگي رپورٽ ٿي جن مان هڪ نالو غلطي سان شامل هو ۽ پنج نالا ورجاءُ ۾ آيا جنهن کان پوءِ 82 ماڻهن جي گمشدگي جي تصديق ٿي. هن وقت تائين 61 لاشون هٿ اچي چڪيون آهن جڏهن ته 15 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته 45 لاشن جي ڊي اين اي سڃاڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي جن مان 15 متاثرين جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جڏهن ته باقي عمل جاري آهي۔ وڏي وزير واقعي جو لمحو بہ لمحو احوال پيش ڪندي ٻڌايو ته 17 جنوري 2026 (ڇنڇر) رات 10:14 وڳي گرائونڊ فلور تي باهه لڳي، 10:26 وڳي پهرين ايمرجنسي ڪال وصول ٿي ۽ 10:27 وڳي پهريون فائر ٽينڊر روانو ڪيو ويو. هن چيو ته ڪمشنر ڪراچي ۽ پوليس سميت سرڪاري نمائندا 16 منٽن اندر واقعي واري هنڌ پهچي ويا هئا۔ وڏي وزير ريسڪيو آپريشن دوران ڪجهه وي آءِ پيز جي غير ضروري اچ وڃ تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته فون تي منع ڪرڻ باوجود ڪجهه ماڻهو رڳو ٽي وي ڪوريج لاءِ واقعي واري هنڌ آيا جنهن سبب امدادي ڪاررواين ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون۔ 18هين ترميم کان اڳ جون بي ضابطگيون : 18هين آئيني ترميم تي الزام لڳائڻ کي رد ڪندي وڏي وزير گل پلازا جي تاريخ بيان ڪئي ۽ چيو ته گهڻيون بي ضابطگيون دهائين اڳ منظور ڪيون ويون هيون۔ هن ٻڌايو ته اصل نقشو رڳو هڪ بيسمينٽ ۽ ٻه ماڙيون اجازت ڏيندو هو جڏهن ته بعد ۾ وڌيڪ ماڙيون منظور ڪيون ويون۔ هن انڪشاف ڪيو ته پلاٽ 1884ع ۾ 99 سالن لاءِ لِيز تي ڏنو ويو جيڪا 1983ع ۾ ختم ٿي ۽ پوءِ 1991ع ۾ ان جي تجديد ڪئي وئي۔ هن وڌيڪ چيو ته عمارت جون خلاف ورزيون 2003ع ۾ ريگولرائيز ڪيون ويون جيڪو 18هين ترميم کان گهڻو اڳ جو عمل آهي۔ وڏي وزير هڪ سخت تبصري ۾ چيو ته اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته اهوئي شخص جنهن ماضي ۾ ميئر طور گل پلازا جي لِيز کي بيڪ ڊيٽ تي منظور ڪيو هو اڄ قومي اسيمبلي ۾ ان خلاف قرارداد پيش ڪري رهيو آهي۔ هن ان کي سياسي موقع پرستي قرار ڏيندي چيو ته اهڙي وقت تي ڌيان احتساب، ريليف ۽ انصاف تي هئڻ گهرجي۔ هن چيو لاشن تي آئيني سوال اٿارڻ ۽ هن سانحي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ ڏوهه آهي. ۽ سوال ڪيو ته اختيارن جي منتقلي کان اڳ اهي بي ضابطگيون آخر ڪنهن منظور ڪيون؟ ريليف ۽ بحالي جو پيڪيج: وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت فوت ٿيلن جي وارثن کي في فرد هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو جاري ڪري چڪي آهي ۽ ڪمشنر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته تصديق کان پوءِ ادائيگيون فوري طور مڪمل ڪيون وڃن۔ متاثر واپارين لاءِ هن في دڪان پنج لک رپيا فوري مالي مدد جو اعلان ڪيو ته جيئن هو پنهنجو روزگار ٻيهر شروع ڪري سگهن۔ هن ٻڌايو ته ٻن مهينن اندر متبادل تجارتي جڳهون فراهم ڪيون وينديون جنهن لاءِ 850 دڪانن تي مشتمل ٻه عمارتون سڃاتيون ويون آهن جن جي مالڪن هڪ سال لاءِ ڪرائي جي معافي ڏيڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي جڏهن ته ان کي ٻن سالن تائين وڌائڻ جون ڪوششون جاري آهن۔ ان کان علاوه هر متاثر واپاري کي سنڌ انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ وسيلي هڪ ڪروڙ رپين جو بغير وياج قرضو ڏنو ويندو جنهن جي ضمانت سنڌ حڪومت ڏيندي ۽ وياج پاڻ برداشت ڪندي۔ نئين سر تعمير ۽ احتساب: وڏي وزير اعلان ڪيو ته گل پلازا کي ڪي بي سي اي جي منظور ڪيل منصوبي موجب ٻيهر تعمير ڪيو ويندو جنهن ۾ دڪانن جو تعداد نه وڌايو ويندو ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ٻن سالن اندر مڪمل ڪيو ويندو۔ هن اهو به اعلان ڪيو ته ايف آءِ آرون داخل ڪيون وينديون ۽ سڀني ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو۔ شهر ۾ حفاظتي سڌارا: وڏي وزير ايوان کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ عمارتن جا اسٽرڪچرل ۽ فائر سيفٽي آڊٽس شروع ٿي چڪا آهن ۽ ھيستائين 300 کان وڌيڪ عمارتن جو جائزو ورتو ويو آهي۔ جن عمارتن ۾ حفاظتي انتظام نه هوندا تن کي ٿوري مهلت ڏني ويندي ۽ پوءِ عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي سيل ڪيو ويندو۔ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سڀني ايمرجنسي ادارن کي هڪ گڏيل ڪمانڊ هيٺ آندو ويندو، عمارتن لاءِ لازمي انشورنس قانون متعارف ڪرايا ويندا ۽ ريگيوليٽري نگراني کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن سانحن کان بچي سگهجي۔ لڪيل ايجنڊائن خلاف خبردار: خطاب جي پڄاڻي تي وڏي وزير ناقدن کي حڪومت کان احتساب ڪرڻ جو حق استعمال ڪرڻ جي تلقين ڪئي پر قومي سانحن دوران لڪيل ايجنڊائن کي اڳتي وڌائڻ کان خبردار ڪيو۔ هن چيو پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه باهه، ٻوڏ ۽ آفتن ۾ عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ اڳتي به بيٺي رهندي. وڏي وزير واضح ڪيو ته متاثرن لاءِ انصاف، امداد ۽ عوامي سلامتي کي يقيني بڻائڻ وارين سڌارن سنڌ حڪومت جون اولين ترجيحون رهنديون۔

Back