وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آمريڪي ناظم الامور اليزبيٿ هورسٽ ۾ اهم ملاقات

وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آمريڪي ناظم الامور اليزبيٿ هورسٽ ۾ اهم ملاقات

Posted on: 26 Jul 2025   Tags:

ڪراچي (25 جولائي): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آمريڪي ناظم الامور اليزبيٿ هورسٽ ۾ اهم ملاقات جمعي واري ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس ۾ ٿي. جنھن ۾ صوبائي وزيرن ناصر حسين شاهه، جام خان شورو، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ ٻين اعليٰ عملدارن آمريڪي وفد سان ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. آمريڪي وفد ۾ قونصل جنرل اسڪاٽ اربام، ڊپٽي قونصل جنرل جئي نائير، چيف آف پوليٽيڪل اينڊ اڪنامڪ سيڪشن شيلي سيڪسن، پوليٽيڪل آفيسر ٽريور ايرنشا ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات دوران ٻوڏ ۽ آفتن جي انتظام، آمريڪا-پاڪستان اقتصادي شراڪتداري جي واڌاري، ۽ سنڌ ۾ آمريڪي مدد سان جاري ترقياتي منصوبن تي خيال ونڊيا ويا. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو تھ "يو ايس ايڊ سنڌ جي ترقيءَ ۾ هڪ اهم ساٿي رهيو آهي." آمريڪي حڪومت سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ پنهنجي مدد جاري رکڻ جو عزم ورجايو. آمريڪي ناظم الامور اليزبيٿ هورسٽ واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ يو ايس ايڊ بند ٿي چڪو آهي پر آمريڪي سهڪار اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۽ سنڌ حڪومت جي تعاون سان جاري رهندو. وڏي وزير تعليم، صحت، پاڻي، صفائي، ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ جي تجويز ڏني. مراد علي شاهه چيو تہ "2022ع جي ٻوڏ دوران 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول متاثر ٿيا هئا." سنڌ حڪومت، وفاق، بين الاقوامي ادارن ۽ آمريڪا سان گڏجي 2026 تائين 20 لک گهر ٺاهڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي. آمريڪي فنڊنگ هيٺ هلندڙ Sindh Basic Education Program تحت 106 اسڪول 165 ملين آمريڪي ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيا ويا، جن سان هزارين شاگردن کي معياري تعليم ملي. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ 799 واٽر اسڪيمون، 444 ڊرينج سسٽم، ۽ 1,212 فلٽريشن پلانٽس فوري مرمت جي ضرورت رکن ٿا. هن وڌيڪ 504 فلٽريشن يونٽ اسڪولن ۽ صحت مرڪزن لاءِ فراهم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. وڏي وزير ٻڌايو ته آمريڪي تعاون سان Municipal Services Delivery Program (MSDP) جون 2025ع ۾ مڪمل ٿيو، جنهن تحت جیکب آباد ۾ پاڻي جي بلدياتي سهولتن کي بهتر بڻايو ويو، ۽ انفراسٽرڪچر مقامي حڪومت حوالي ڪيو ويو. سنڌ حڪومت 3000 ديهي آبادين لاءِ GIS بنياد تي منصوبا بندي شروع ڪري رهي آهي جنهن سان 264000 گهرن ۽ 15 لک ماڻهن کي ٻوڏ جي خطري کان تحفظ ملندو. وڏي وزير زور ڏنو ته پٺتي پيل علائقن ۾ بنيادي ۽ ديهي صحت مرڪزن جي تعمير لاءِ آمريڪا سان شراڪت ضروري آهي، گڏوگڏ اسپتالن کي شمسي توانائي ۽ ٽيلي ميڊيسن سسٽم سان اپگريڊ ڪرڻ جي به تجويز ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ BSL-III ليبارٽري قائم ڪئي پئي وڃي ته جيئن خطرناڪ وبائن جي وقت سر سڃاڻپ ٿي سگهي، جڏهن ته هر ضلعي هيڊڪوارٽر تي BSL-II سطح جون ليبارٽريون قائم ڪيون پيون وڃن. ٻنهي ڌرين آمريڪا-پاڪستان اقتصادي شراڪتداري کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، ڪاروباري ماحول بهتر ڪرڻ، ۽ آمريڪي ۽ پاڪستاني ڪمپنين وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ملڪ ۾ معاشي ترقي کي سهارو ملي.

Back